|
ٽيون ڏينهن پاڪتسان پنهنجي پهرين ميچ ۾
حسب معمول هار سان ورلڊ ڪپ مقابلي جي شروعات ڪري ڇڏي. پاڪستان جي
اها روايت رهي آهي ته هو ابتدائي ميچ هارائي پوءِ اُڀرندو آهي.
هينئر جيڪا عوام جي اندر ۾ اُتساهه واري ڪيفيت هئي ان ۾ مايوسيءَ
جون ريکائون چٽيون ٿي پيون آهن. سڀئي مداح ان اُميد سان هئا
پاڪستان پهرين ميچ ميزبانن کي ماري سُپر ايٽ لاءِ پاڻ کي سڌو ڪري
رکندو- پر ايئن ٿي نه سگهيو. قسمت پاڪستان کان رُٺل هئي نه ته اهو
241 اسڪور چيز ڪرڻ ايترو اوکو نه هو. انضمام الحق جڏهن ٽاس کٽي
فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته ڪو به حيران نه ٿيو. ڇو جو اسان جي بالنگ
اٽيڪ ڪمزور هئڻ ڪري بيٽنگ واري شعبي تي ڀاڙڻو هو ۽ فيصلو به
مئنيجمينٽ جو اهو هو ته ٽاس کٽڻ کانپوءِ فيلڊنگ ئي ڪبي. ٽاس کٽي
جڏهن گرائونڊ ۾ رانديگر آيا ته پاڪستان ڪنهن حد تائين مطمئن هيو.
ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ لاءِ سڀ نوان گرائونڊ متعارف ڪرايا آهن. هي
اسٽيڊيم به بنهه نئون ٺاهيو ويو هو. بلڪه ٽوٽل گرائونڊ نوان آهن،
جيڪي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. عمر گل جڏهن
ڀرپور ايڪشن سان بال اُڇلايا ته ايمان ويتر پَڪو ٿي ويو ته هاڻي هي
بالر ٻوٽو ٻاريندو ۽ ٿيو به ايئن هن پنهنجي ڀرپور محنت سان وڪيٽ
ڪيپر ڪامران اڪمل هٿان گيل جهڙي خطرناڪ رانديگر کي ”ذيرو“ تي
پويلين ڏانهن اُماڻيو. اهڙي ڪارڪردگيءَ تي ويسٽ انڊيز صفا دٻجي وئي
۽ گهڻي وقت تائين اسڪور لاءِ ڦٿڪندا رهيا. عمر گل هڪ ڀيرو ٻيهر
سرواڻ تي اٽيڪ ڪندي ان کي سيڪنڊ سلپ ۾ يونس خان هٿان دوزخ جي ٽڪيٽ
وٺائڻ وارو ڪم ڪرڻ چاهيو پر افسوس جو هن دفعي ڪمزور فيلڊنگ جو
مظاهرو ڪندي يونس ان کي پڪڙي نه سگهيو ۽ هو 49 رنزن جي آسان اننگ
کيڏي موٽيو. چون پيا ته اها ڪئچ ٽرننگ پوائنٽ هئي. ان کانپوءِ ويسٽ
انڊيز جا حوصلا وڌيا ۽ واري واري سان سلو پچ تي ڪجهه بائونسي هوندي
به سمٿ جي مدد سان 241 رنسون ٺاهي ويا، جنهن ۾ ڪنيريا جون ڪجهه
اوورس به مهانگيون پيون ته رانا نويد کي به ڪارن خوب ڪُٽڪو ڏنو.
سمجهيوسين ته ٽارگيٽ چيس ايبل آهي جنهن ۾
وڪيٽ تي ڄمي کيڏڻ سان فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو. شروع واري پهرين
بال تي ئي عمران پوائنٽ مٿان هوا ۾ شاٽ کيڏندي ڇَڪو هنيو ته ڏاڍي
خوشي ٿي. ٻي بال تي وري جڏهن هُن جي ڪئچ ڪيپر ورتي ته ڄڻ سڀ ڪجهه
لڙهي ويو. ڪجهه دير لاءِ حفيظ ۽ محمد يوسف ٽيم کي سهارو ڏنو پر
يونس خان مڪمل ناڪام ويو. هن مان جيتريون اُميدون هيون اُهي اَڌ به
ساب نه پيون ۽ انضمام جي حڪمت عملي به ساڳي ئي رهي، پاڻ پوئتي رهيو
۽ ڪجهه دير لاءِ وڪيٽ تي بيهي ايل بي ڊبليو ٿي هليو ويو ته ٽيم
لوڏن ۾ اچي وئي. ان موقعي تي اڪيلو شعيب ملڪ ڪارن سان مقابلو ڪندي
62 جي نمايان اسڪور تائين پهتو پر تيستائين گهڻي دير ٿي چُڪي هئي.
چون پيا ته ميچ ۾ پويان پنج اوور پاڪستان کي گهڻا مهانگا پئجي ويا،
جن ۾ 45 اسڪور تڪڙ ۾ ويسٽ انڊيز ڪڍي ويو. لارا جي ٽيم پاڪستان کي
پهرين ئي ميچ ۾ شڪست ڏئي سپر ايٽ لاءِ اميدوار ٿي وئي ۽ هيڏانهن
پاڪستان کي سپر ايٽ ۾ اچڻ لاءِ اڃا ٻه ميچون کٽڻيون آهن، جن مان هڪ
17 مارچ تي آئرلينڊ سان ۽ ٻي 21 مارچ تي زمبابوي سان آهي. پوئين
ميچ ۾ پاڪستان لاءِ ڪجهه پريشاني ٿي سگهي جو هوءَ ٽيم اڳ به ورلڊ
ڪپ ۾ اپ سيٽ ڪري چڪي آهي. هينئر پاڪستان لاءِ ٻئي ميچون کٽڻ لازمي
آهي، جو اتان ڪا ميچ هيڏي هوڏي ٿي وئي ته پوءِ واپسيءَ جي ٽڪيٽ ڏيڻ
۾ ويسٽ انڊيز کين گهڻي دير ڪا نه ڪندي، اها ته شروعات آهي هونئن
پاڪستان هار کان پوءِ کٽڻ جو فَن به خوب ڄاڻي ٿو. |