جيڪا ٽيم ٽارگيٽ چيس ڪندي تنهن جي کٽڻ جا روشن امڪان آهن

تبصرو: زرار پيرزادو

                         اڄ ورلڊ ڪپ 2007ع جو پهريون ميچ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿي رهيو آهي. پهرين رائونڊ جو هي پهريون ميچ پاڪستان کي ميزبان ٽيم سان کيڏڻو پئجي رهيو آهي. هي پهريون ميچ هارائڻ سان ٻنهي ٽيمن تي جيتوڻيڪ ڪو وڏو اثر نه پوندو، ڇاڪاڻ ته اها ميچ هارائڻ باوجود به اهي هن گروپ ۾ موجود باقي ڪمزور ٽيمن سان کٽي ڪري گروپ ايٽ ۾ داخل ٿي وينديون ۽ اهو گروپ ايٽ وارو مرحلو ئي اصل ۾ ورلڊ ڪپ جو مقابلو هوندو. بهرحال پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز لاءِ ٽورنامينٽ جي سٺي شروعات ۽ ٻين ٽيمن تي اثر وجهڻ لاءِ هيءَ پهرين ميچ کٽڻ جي اهميت آهي. ويسٽ انڊيز جيئن ته ميزبان ٽيم آهي، ان ڪري ان کي هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ جو ايڊوانٽيج حاصل  آهي. هر ٽيم پنهنجي هوم گرائونڊ تي شينهن هوندي آهي. جڏهن ته ٻئي طرف پاڪستان هي ٽورنامينٽ ”فيورٽ“ نه پر ”انڊر ڊاگ“ جي حيثيت ۾ کيڏي رهيو آهي.

                         ٻنهي ٽيمن جو موجوده صورتحال ۾ مضبوط هٿيار بيٽنگ آهي. ان ڪري اڄوڪي ميچ ۾ ٽاس جي اهميت رهندي، جيڪا به ٽيم ٽاس کٽندي سا يقينن پهريون فيلڊنگ ڪري ٽارگيٽ حاصل ڪري ان کي چيس ڪندي. انضمام انهن ڪپتانن مان هڪ آهي جيڪو ٽاس کٽڻ ۾ لڪي رهيو آهي. اهو اڪثر ڪري ٽاس کٽندو رهيو آهي. سو انضمام کي ٽاس کٽي ڪري پهريون فيلڊنگ ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي مضبوط بيٽنگ سان مليل ٽارگيٽ چيس ڪرڻ گهرجي. انضمام کي ان حوالي سان ياد رکڻ گهرجي ته ويسٽ انڊيز چيسنگ جي هڪ سٺي ٽيم ٿي وئي آهي. ٻيو ته ڪمزور بالنگ پنهنجي ڏنل ٽارگيٽ جو دفاع نٿي ڪري سگهي. پاڪستان کي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ان بالنگ سان اها گهٽ کان گهٽ ٽارگيٽ حاصل ڪري بيٽنگ ذريعي اهو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري. بالنگ ۾ پاڪستان کي دانش ڪنيريا کي ميچ ونر بالر طور کيڏائڻو پوندو ۽ ان کان اٽيڪنگ ڪرائڻي پوندي ۽ آل رائونڊر بالرن کان ڪم ڪڍڻو پوندو. عمر گل ۽ محمد سميع ۽ رانا نويد جيڪڏهن موقعي تي فارم ۾ اچي ويا ۽ ڪلڪ ٿي ويا ته اها پاڪستان جي خوشنصيبي ليکبي. ڪمزور بالنگ ڪري پاڪستان کي فيلڊنگ ۽ ڪيچنگ ۾ غيرمعمولي محنت ڪرڻي پوندي ۽ بيٽنگ جي مضبوط شعبي مان ڀرپور فائدو وٺڻو پوندو. پاڪستان پهرين وارم اپ ميچ ۾ جيڪو بيٽنگ ڪامبينيشن ٺاهيو هو جنهن ۾ يونس ۽ عمران نذير اوپنر، ون ڊائون محمد يوسف ۽ چوٿين تي انضمام ويو هو، سو آئيڊيل بيٽنگ آرڊر هو. اهو جيڪڏهن ورلڊ ڪپ ۾ اختيار ڪجي ته پوءِ اپر آرڊر خطرناڪ ٿي ويندو ۽ مڊل توڙي لوئر ۾ شعيب ملڪ، محمد حفيظ، آفريدي، ڪامران اڪمل، اظهر محمود ۽ رانا نويد صورتحال کي بهتر نموني سنڀالي سگهن ٿا.

                         پاڪستان لاءِ اها ميچ کٽڻ ڏکي هوندي جنهن ۾ ان کي پهريون بيٽنگ ڪرڻي پوندي ۽ ڪمزور بالنگ اٽيڪ سان دفاع ڪرڻو پوندو. بهرحال اڄوڪي ميچ جي اهميت جو نقطو اهو آهي ته پاڪستان ڪهڙي بيٽنگ ۽ بالنگ ڪمبينيشن سان ميدان تي لهي ٿو ۽ ڪيڏو مؤثر گيم پلان ٺاهي راند کيڏي ٿو. انضمام کي هي ٽورنامينٽ فائيٽنگ اسپرٽ سان کيڏڻو پوندو ۽ پاڻ کي ”ليڊ فرام دي فرنٽ“ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستان کي گيل، چندر پال ۽ لارا کي آئوٽ ڪرڻ جو ڪو غيرمعمولي پلان ٺاهڻو پوندو ۽ هوم ورڪ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن پاڪستان مٿي ڄاڻايل حڪمت عملي طور اڄوڪي ميچ کيڏيو ته پاڪستان نه صرف اڄ پر سڄي ٽورنامينٽ ۾ اپ سيٽ ڪري سگهي ٿو.