|
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ٻن ڏينهن جي فاصلي تي آهي، سپر ايٽ ۾ داخل ٿيندڙ اٺن
ٽيمن مان ستن ٽيمن جي ڪارڪردگي، موجوه حالت ۽ اُميدن کي اوهان
تائين پهچايو اٿم سريلنڪا اڄ منهنجي هن ڪائونٽ ڊائون جي آخري ۽ اهم
رائونڊ تي رکيل آهي. جيئن ته سڀ ڄاڻين ٿا ته ”ڪرڪيٽ باءِ چانس“
وارو کيل آهي، تنهن ڪري ان ڏينهن تي جنهن ڪارڪردگي سڄي ڏيکاري ۽
قسمت ساٿ ڏنس اُهائي ٽيم بنگلاديش بڻجي هاٿيءَ جيڏي آسٽريليا کي به
”اپ سيٽ“ ڪري سگهي ٿي.
سريلنڪا ٽيم ۾ بهترين بالر-ورلڊ ڪلاس بيٽسمين ۽ هاءِ ڪلاس جا فيلڊر
موجود آهن. ڪالو وڌرنا جي ڪيپنگ ۽ تيز ترين بيٽنگ اڄ به مداح وساري
ڪو نه سگهيا هوندا. ڊي سلوا جي مستقل مزاج بيٽنگ، سلو بالنگ ۽
ڪپتانيءَ جا گر اڄ به سڀ کي ياد آهن. رانا ٽنگا جا جسامت ۽ دليپ
مينڊس جي فٽنس به سڀ جي سامهون آهي ته روي رتنائيڪي کان ويندي
بالنگ ٿرو ايڪشن وارو رميش رتنائي به وسرڻ وارو رانديگر ڪونهي. اهي
رانديگر هاڻي شاندار ماضيءَ جو حصو بڻجي سريلنڪا جي سنهري تاريخ ۾
ستارن جيان چمڪي رهيا آهن.
1996ع وارو ورلڊ ڪپ جيڪو سريلنڪا دنيا جي دُعائن ۽ پنهنجي ڀرپور
صلاحيتن بدولت کٽي پاڻ کي ورلڊ چئمپين بڻايو هو، ان اعزاز نه رڳو
ايشيا پر يورپ جي ماڻهن کي به متاثر ڪيو هو. سريلنڪا جي سيمي فائنل
۽ فائنل ۾ ڊرامائي فتح اڄ به آسٽريليا وساري نه سگهي آهي.
سريلنڪا ايشيا جي اها ٽيم آهي جيڪا پنهنجي محنت ۽ ٽيڪنڪ سان گهڻو
اڳتي اُڀري آهي، گذريل ڪجهه سالن کان هن ٽيم ۾ گهڻائي نوجوان
رانديگر شامل ٿيا آهن. جنهن ڪري نئين ٽيلنٽ سان دنيا جي ڪرڪيٽ ۾
پير پائيندڙ هيءَ پختي ٽيم به ڪنهن شعبي ۾ پوئتي ڪونهي. مون اڳ
جيڪي ست ٽيمن کي تجزئي واري ٽيڪنيڪي طريقي مان ٽپايو، اُهو الڳ
انداز هيو، جن ٽيم کي مون ابجدي ۽ عددي واري حساب سان به پرکجڻ جي
ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي هڪ دوست جميل احمد سومري جي ان انگن اکرن واري
جادوءَ ۽ ان جي حقيقتن جي آڌار تي پرکڻ جي پريڪٽس ڪئي آهي ۽ اڳڪٿي
ڪندي حالتون پڙهندي هتي پهتا آهيون ته سريلنڪا ابجد جي حساب موجب
فائنل کٽڻ جا چانس رکي ٿي. ان حوالي سان ماضيءَ جا ٿيل ورلڊ ڪپ ۽
انهن جي تاريخن کي هن سان ڪمپيئر ڪيون ٿا ته پوءِ ستارن جي حوالي
سان هي ٽيم سڀ کان اڳتي آهي. وضاحت ڪجي ته انبجدي جي حساب ۾ هيٺيون
انگ مٿين انگن تي حاوي هوندو آهي. 1979جو انگ (4)بيهي ٿو ان ۾ ٻڌي
عدد واريون ڪل 2 ٽيمون هيون جنهن ۾ ويسٽ انڊيز جو انگ 8 ۽
نيوزيلسنڊ جو 6 عدد هو جنهن ڪري ويسٽ انڊيز اهو ورلڊ ڪپ کنيو.
1979ع جو عدد 8 ٻڌي بيهي ٿو. ان ۾ صرف ٻڌي عدد واري ٽيم ويسٽ انڊيز
ئي هئي جنهن جو ابجدي انگ 8 هيو، تنهنڪري اهو ورلڊ ڪپ به انهي جي
حصي ۾ آيو. 1983ع جو انگ 3 هيو جنهن ۾ اڪي انگ واريون آسٽريليا،
انڊيا، پاڪستان ۽ انگلينڊ هيون ان ۾ صرف 3 ٽيمون اهڙيون هيون جن جو
عدد 3 اڪي هو انڊيا جي ننڍن عمر وارن رانديگرن جي جملي حساب سان هي
ڪپ انڊيا کٽيو. 1987 جو انگ به اڪي هو ٻئي ملڪ آسٽريليا ۽ انگلينڊ
به اڪي گهئا، پر آسٽريليا جو ابجدي انگ ”هڪ“ ۽ انگلينڊ جو 3 هيو،
تنهنڪري آسٽريليا ميدان ماريو. 1992 جو مفرد ابجدي عدد 3 بيهي ٿو.
ان دفعي ٽي ٽيمون پاڪ، انگلينڊ ۽ انڊيا هيون. پاڪستان ابجدي حساب
موجب ننڍو انگ ۽ ننڍن رانديگرن (سواءِ جاويد ۽ عمران کان) جي ڪري
ڪامياب ٿيو.
1996جو عدد 7 بيهي ٿو سري لنڪا جو عدد( 2)هيو جيڪو 7 جو ٻيو گهر
آهي تنهنڪري هي ڪپ انهن جي حصي ۾ آيو.
1999 جو مفرد عدد (1) بيهي ٿو جنهن ڪري آسٽريليا واحد ٽيم هئي جنهن
جو عدد 1 هيو سو هو هي ميلو ميڙي ويا.
2003 جو مفرد عدد (5)آهي. ڪنهن جو عدد 5 سان نسبت نه پيو رکي. اڪي
انگ ۾ پاڪستان، انڊيا، انگلينڊ ۽ آسٽريليا امدوار هيون. ننڍي انگ 1
وڏن انگن کي مات ڏئي ڏني ۽ هو ملهه ماري ويا..
هينئر 2007 جو مفرد عدد به 9 آهي پر نو انگ ابجدي حساب سان ”0“
زيرو واري حيثيت رکي ٿو. زيرو ٻڌيءَ ۾شمار ڪيو ويندو آهي تنهنڪري
سري لنڪا جو عدد 2 نيوزيلينڊ جو عدد 6 ۽ آسٽريليا جو عدد 8 آهي.
جنهنڪري مقابلو انهن ٽيمن ۾ متوقع آهي. مٿيئن ابجدي حساب کي ابجدي
ڄاڻيندڙ ماڻهو آسانيءَ سان پرکي سگهن ٿا ۽ هينئر نتيجي ۾ هيٺيون
انگ رکندڙ سري لنڪا آهي. تنهنڪري ابجدي وارا سري لنڪا کي هي ڪپ ڏئي
چڪا آهن.
اهو ته آهي فارمولو جيڪو ابجدي پٽاندڙ هيو، پر عقل پٽاندڙ آفريڪا،
آسٽريليا، يا ڪا ايشيا جي ٽيم هي ملاکڙو ماري سگهي ٿي.
سري لنڪا هوئن به قسمت تي گهڻو ڀاڙيندي آهي. نوجوان ۽ ننڍي عمر جو
ٽيلنٽ به ڀرپور رکي ٿي ۽ نجومي ذهينيت رکندڙ ماڻهو به هن ٽيم کي
فيورٽ سڏين ٿا. پر مقابلو ان ڏينهن جو آهي. قسمت ڪنهن جو ساٿ ڏئي
سگهي ٿي. بادشاهه فقير ٿي سگهن ٿا ۽ ڪمزورن جي ٻانهن ۾ ٻل اچي سگهي
ٿو تنهنڪري اسين ان انتظار کي سفا ختم ڪري توهان کان ٻن ڏينهن جي
فاصلي جيتري موڪلاڻي ٿا وٺون ۽ گڏ گڏ اهو به ڏسون ٿا ته ڇا ابجدي
جي هن حساب ۾ سري لنڪا سوڀ ماڻي سگهي ٿي.
sajjadmahar2211@yahoo.com |