|
خيرن سان سائوٿ آفريڪا واري سيريز پڄاڻيءَ تي پهتي. پاڪستان جي ان
سڄي سيريز ۾ ڪارڪردگي ناقص رهي، ٽنهي شعبن، بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ
۾ ٽيم مڪمل طور ناڪام رهي. جيتريون اميدون عوام هن سيريز مان رکيون
هيون اهي سڀئي ايندڙ وڏي ملاکڙي ”ورلڊ ڪپ“ جي پس منظر سان به هيون.
سڀئي هن سيريز ۾ ڪاميابي جي اميد ڪري اهو سوچي رهيا هئا ته پاڪستان
آفريڪا کان هي سيريز کٽي نفسياتي برتري حاصل ڪري ويسٽ انڊيز ڏانهن
وڃي ته جيئن رانديگرن جو مورال به بهتر رهي سگهي ۽ خوداعتمادي به
پيدا ٿي سگهي.
هاڻوڪي سيريز ان حوالي سان ڪرڪيٽ مداحن کان ويندي سٽي بازن تائين
سليڪٽرن کان ويندي ڪوچ باب وولمر تائين هڪ درد جي ڪٿا بڻجي وئي آهي.
ٽيسٽ ميچن ۾ بُري ناڪاميءَ کان پوءِ ون ڊي سيريز ۾ حساب چڪتو ڪرڻ
جو آسرو هيو پر سواءِ هڪ مئچ جي جنهن ۾ اتفاقي طور تي سئو کان وڌيڪ
اسڪور ٿي ويو ۽ اسان اها مئچ کٽي وياسين. هڪ مئچ برسات جي نظر ٿي
وئي نه ته ان ميچ ۾ اسان وارن جا افعال پورا هئا، شابس هجي بارش کي
جنهن هڪ مئچ جي شڪست کي برابريءَ جي صورت ۾ بچائي وڌو. باقي کيڏيل
ميچن کي ماڻهن براه راست ڏٺو. مقابلي جو ڪو به منظر ڏسڻ ۾ نه آيو،
صرف اسڪور، ڇڪا، چونڪا، وڪيٽون ۽ ايوريج ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ٿي ملي.
ڪرڪيٽ ۾ هار جيت ٿيندي آهي، پر مقابلو مڙسيءَ سان ڪري مرجي ته پوءِ
هار جو غم به غلط ٿي ويندو آهي ۽ اسين کٽڻ کان وڌيڪ ڪارڪردگيءَ تي
ڳالهائڻ لڳندا آهيون. افسوس آهي ته هن دفعي ڪا به اهڙي صورتحال
سامهون ڪو نه آئي، جنهن تي ڳالهائجي. آفريڪا ٽوٽل مئچن ۾ اسان وارن
مٿان حڪمراني ٿي ڪئي ۽ هي ويچارا موڳا ڍڳا بڻجي ميدان اندر پنهنجي
ڊيوٽي نڀائڻ لاءِ شايد آيا هئا. انضمام الحق ستن مئچن ۾ 70 اسڪور
ڪيو اٿائين ۽ آفريڪا جي فليٽ وڪيٽ تي به ڪجهه نه ڪري سگهيو. عمران
خان دلچسپ تجزيو ڪندي هن لاءِ چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي جو سڄي
سيريز ۾ انضمام الحق ڇهين نمبر کان به هيٺ کيڏڻ ويو ۽ اڳتي جونيئر
ڌڪيندو رهيو. ان ڪري جو نئين بال تي گهڻي سئنگ ٿيندي آهي ۽ کيڏڻ
ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي. جيئن جيئن اوورس گذرندا آهن ته بال تان
گرپ به گهٽجندي آهي، بالر ٿڪبا آهن ۽ بال جو زور به ختم ٿي ويندو
آهي. اهڙي حالت ۾ فليٽ وڪيٽن تي کيڏڻ نهايت آسان هوندو آهي. تنهن
ڪري پوئتي رهي انضمام پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهي پر عزت ذلت جيئن
ته خدا جي هٿ آهي، تنهن ڪري هو هر جاءِ تي ناڪام ٿيو. هوند هن کي
چوٿون يا پنجون نمبر کيڏڻ کپندو هو جو هو سينئر هجڻ سان گڏ ٽيم جو
سربراهه ۽ بهترين رانديگر آهي، پر انضام سڄو بار نادان نوجوانن تي
اُڇلي ڇڏيو.
”مولوي محمد يوسف“ لاءِ به اهو چيو ٿي ويو ته هو گهرواريءَ جي
بيماريءَ جو بهانو ڪري آفريڪا ان ڪري نه ٿو وڃي ته متان ٺاهيل
اننگن جي ديوار ڏري نه پئي ۽ هتي ڪمايل انعام جو پول پڌرو ٿي نه
پوي، ڪرڪيٽ ڪئلينڊر ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ رانديگر جڏهن آفريڪا
اُسهيو يا پوين کي چئي ويو ته ”مون مان ايڏي وڏي توقع نه رکجو“ اهو
بيان رڪارڊ تي آهي. پر پوءِ به هن چڱي ڪارڪردگي ڏيکاري. اوپننگ جو
مسئلو اڃا تائين موجود آهي، ڪو به کيڏاري ان پوزيشن لاءِ فٽ ٿي
ناهي سگهيو. آفريديءَ مٿان چئن مئچن جي پابندي آهي ته هوڏانهن آصف
۽ شعيب کي اڃا ڊوب ٽيسٽ واري پلسراط پار ڪرڻي آهي جي ان جو رزلٽ
پازيٽوَ آيو ته پوءِ آءِ آءِ سي اسان وارن کي اهي ماڻهو مٽائڻ جو
موقعو ڏنو آهي، پر جي ڪڏهن اهي ٻئي نه رهيا ته پوءِ بالنگ ڪهڙي ٿي
بچي. ڪامران به اڃا تائين ڪيپنگ وارو شعبو سنڀالي ناهي سگهيو. اڃا
سکڻ جي مرحلن ۾ آهي. ڪو به ڪٿي به فٽ ناهي. فيلڊنگ جو معيار بين
الاقوامي ڪونهي، تنهن ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن سيريز جو خاتمو ٿيو
آهي ته پوءِ اندازو ايڏو اوکو به ناهي، پر جيئن ته آفريڪا ۽ ويسٽ
انڊيز ۾ صورتحال مختلف آهي ۽ هتي ايترو اسڪور ڪونهي ٿيندو. تنهن
ڪري اسان واري عوام کي ايترو مايوس ٿيڻ نه گهرجي. ڪرڪيٽ رينڪنگ ۾
اسين ٽين پوزيشن تي آهيون. سڀ ڪجهه مڪن آهي. ڪرڪيٽ قسمت جو کيل آهي،
تنهن ڪري اسان کي ٻُچي کي قبر تائين آسرو جيان اميد نه هارڻ گهرجي
۽ پنهنجي تسڪين لاءِ مقابلي ۾ ڀرپور شرڪت سان ميچون ويهي واچ ڪري
مزو وٺڻ گهرجي.
sajjadmahar2211@haoo.com |