اڄ کان بيجنگ ۾ 29هين اولمپڪ گيمز شروع، 11 هزار ايٿليٽس شرڪت ڪندا، حفاظتي انتظام سخت

بيجنگ (اسپورٽس نيوز) اڄ کان چين جي گاديءَ واري شهر بيجنگ ۾ 29هين اولمپڪ گيمز شروع ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ 102 ملڪن جا 11 هزار ايٿليٽس شرڪت ڪري رهيا آهن. بيجنگ جي برڊس نيسٽ اسٽيڊيم ۾ اولمپڪ رانديون شروع ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اولمپڪ گيمز اڄ چين جي مقامي ٽائيم مطابق رات جو 8 لڳي8 منٽن تي شروع ٿينديون، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا، جن ۾ امريڪا جو صدر جارج ڊبليو بش ۽ فرانس جو نڪولس سرڪوزي شامل آهن. 17 ڏينهن تائين جاري رهندڙ اولمپڪ راندين ۾ 302 ميڊلز لاءِ مقابلا ٿيندا، جن ۾ 47 گولڊ ميڊل صرف ايٿليٽڪس لاءِ رکيا ويا آهن. بيجنگ اولمپڪ راندين ۾ ايٿليٽڪس، بيڊمنٽن، روئنگ، بيس بال، سائيڪلن، فٽبال، جمناسٽڪ، ويٽ لفٽنگ، هينڊ بال، هاڪي، جوڊو، سوئمنگ، واٽر پولو، والي بال، ٽينس، ٽيبل ٽينس، شوٽنگ، نشانا بازي سميت ٻيون ڪيتريون ئي گيمز شامل آهن. بيجنگ اولمپڪ  راندين ۾ سڀ کان وڏو جٿو ميزبان ملڪ چين جو آهي، جنهن سبب ماهر چين کي انهن راندين ۾ فيوريٽ قرار ڏئي رهيا آهن. بيجنگ اولمپڪ راندين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ چين جي حڪومت ماحولياتي آلودگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي فيڪٽرين کي بند ڪيو ۽ ڪيترين ئي فيڪٽرين کي شهر کان ٻاهرمنتقل ڪيو آهي. دهشتگردن پاران راندين کي ناڪام بڻائڻ وارين ڌمڪين بعد بيجنگ شهر ۾ سڪيورٽيءَ جا انتظام نهايت سخت ڪيا ويا آهن. بيجنگ اولمپڪ مشعل دنيا جي پنج کنڊن جو سفر مڪمل ڪرڻ بعد چين جي مختلف شهرن منجهان ٿيندي آخري مرحلي ۾ ديوارِ چين آندي وئي. اولمپڪ مشعل دنيا جي پنج کنڊن جو سفر مڪمل ڪري آخري مرحلي ۾ ديوارِ چين آندي وئي، جتي وڏي تعداد ۾ ماڻهن اولمپڪ مشعل جو آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي اولمپڪ ٽارچ جي ريليءَ ۾ شريڪ ماڻهن وڏي آواز ۾ ”ون ورلڊ ون ڊريم“ جا نعرا هنيا.