|
بيجنگ (اسپورٽس نيوز) فرانس جي عالمي ٽينس اسٽار رافيل نڊال چيو
آهي ته هـُو بيجنگ اولمپڪس لاءِ مڪمل طور فٽ ۽ اسپين ٽينس سميت ٻين
راندين ۾ گولڊ ميڊلز کٽڻ لاءِ پر اميد آهي. چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾
نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رافيل نڊال چيو ته هو آچر کان شروع
ٿيندڙ بيجنگ اولمپڪ ٽينس ايوينٽ ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي لاءِ
مڪمل فٽ آهي. رافيل نڊال چيو ته هن امريڪا ۾ بهترين راند جو مظاهرو
ڪيو، ان کانسواءِ ڪيتريون ئي ميچون کيڏيون، ومبلڊن کان پوءِ هن کي
صرف ٿورو وقت ئي آرام لاءِ مليو آهي پر پوءِ به هو بيجنگ اولمپڪس ۾
بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پر اميد آهي. |