اولمپڪس اسٽيڊيم جو واريءَ مان مجسمو ٺاهي ڀارتي شهري بيجنگ پهتل

اڙيسا (اسپورٽس نيوز) ڀارتي رياست اُڙيسا جي سمنڊ ڪناري تي هڪ فنڪار اولمپڪس اسٽيڊيم جو واريءَ مان هڪ وڏو مجمسو ٺاهي عالمي راندين ۾ شرڪت لاءِ بيجنگ پهتل ڀارتي ٽيم کي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو پيغام ڏنو آهي. واريءَ مان وڏا مجسما ٺاهي مشهوري ماڻيندڙ فنڪار سـُڌارشن جو چوڻ آهي ته دنيا کي اولمپڪس راندين جو انتظار آهي ۽ هن ڀارتي ايٿليٽ کي ان وڏي ايونٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي طرز تي ايونٽ کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.