ڪرڪيٽ کي سمورن عالمي ايونٽس ۾ شامل ڪيو وڃي:  شعيب ملڪ، يونس خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ يونس خان چيو آهي ته ڪرڪيٽ کي سمورن عالمي ايونٽس ۾ شامل ڪيو وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي رانديگرن چيو ته آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ سمورن ملڪن کي پاڪستان اچڻ گهرجي. هنن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ لاءِ ماحول بهتر آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته ڪرڪيٽ جو بهترين ايونٽ پاڪستان ۾ ٿيڻ گهرجي.