|
لاهور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي سڪيورٽي انتظامن
جو جائزو وٺڻ لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ٽاسڪ ٽيم ايندڙ هفتي
پاڪستان اچي رهي آهي. پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف آپريٽنگ آفيسر
شفقت نغمي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايوته آءِ سي سي جي ٽاسڪ ٽيم
چيمپئنز ٽرافي بابت انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ 12 آگسٽ تي پاڪستان
پهچي رهي آهي. هن چيو ته ٽاسڪ ٽيم جو دوري بعد اهو طئه ڪيو ويندو
ته ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ٿيندو يا نه، ڇاڪاڻ ته آسٽريليا،
نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ پاڪستان ۾ سڪيورٽي جي صورتحال تي
خدشا ظاهرڪيا آهن. پي سي بي جي ڪوشش آهي ته ٽاسڪ ٽيم پاڪستاني
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان به ملاقات ڪري ته جيئن انهن جا خدشا
ختم ٿي سگهن. ٽاسڪ ٽيم ۾ آءِ سي سي جو صدر ڊيوڊ مورگن، ڀارتي ڪرڪيٽ
بورڊ جو صدر شرد پوار ۽ آءِ سي سي جو چيف ايگزيڪيوٽو هارون لورگيٽ،
آءِ سي سي جو پرنسپل ايڊوائيزر آءِ ايس بندرا، آءِ سي سي جو براڊ
ڪاسٽر ڊاڪٽر نسيم اشرف، آزاد سڪيورٽي ايڊوائيزر ۽ رانديگرن جي
تنظيم فيڪا جو نمائندو شامل هوندو. پاڪستان ۾ 11 کان 28 سيپٽمبر
تائين آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٿيندي، جڏهن ته پي سي بي جو چوڻ آهي
ته پنڊي اسٽيڊيم 20 آگسٽ تائين تيار ٿي ويندو. |