|
چينگ ڊيو (اسپورٽس نيوز) اولمپڪ ٽارچ چين جي زلزلي سٽيل صوبي سيچان
جي گاديءَ واري شهر چينگ ڊيو پهچي وئي آهي، جتي ماڻهن جي وڏي تعداد
اولمپڪ ٽارچ جو آڌرڀاءُ ڪيو. اولمپڪ مشعل چينگ ڊيو پهچڻ تي ماڻهن
جي وڏي انگ ٽارچ جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي
کي روڪڻ لاءِ سڪيورٽي جا نهايت سخت انتظام ڪيا ويا هئا. اولمپڪ
ٽارچ دنيا جي مختلف ملڪن جي شهرن منجهان سفر ڪندي چينگ ڊيو پهتي
آهي، جنهن کانپوءِ اولمپڪ ٽارچ جو سفر ختم ٿي ويندو ۽ ٽارچ کي
بيجنگ اولمپڪ راندين جي افتتاحي تقريب ۾ روشن ڪيو ويندو. ان موقعي
تي زلزلي سٽيل شهر چينگ ڊيو ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سيڪريٽري لي چن
چينگ چيو ته اولمپڪ ٽارچ جو هن شهر ۾ پهچڻ سندن لاءِ تمام وڏي
اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ هن خوشي جي موقعي تي هو انهن ماڻهن کي نٿا
وساري سگهن، جيڪي زلزلي دوران فوت ٿيا. اولمپڪ مشعل جي ريليءَ
دوران چينگ ڊيو شهر ۾ زلزلي سٽيلن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي
اختيار ڪئي ويندي. |