|
آئرلينڊ (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ٽوئنٽي 20 جو فائينل برسات
سبب نه ٿي سگهيو، جنهن بعد آئرلينڊ ۽ هالينڊ کي گڏيل طور فاتح قرار
ڏنو ويو. آئرلينڊ فائينل مئچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو پر
برسات سبب مئچ نه ٿي سگهي، جنهن بعد ٻنهي ٽيمن کي گڏيل طور فاتح
قرار ڏنو ويو. جڏهن ته آئرلينڊ، هالينڊ ۽ ايونٽ ۾ ٽيون نمبر ايندڙ
ڪينيا ايندڙ سال انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ورلڊ ٽوئنٽي 20 چيمپئن شپ ۾ جاءِ
ٺاهي ورتي آهي. |