16 اتوار , دسمبر 2018

عوامي آواز رپورٽ

رپورٽ:گمبٽ:شهر ۾ ڇهين ڏينهن بھ سي اين جي بند، شهري سخت پريشان

سڄي سنڌ جيان  گمبٽ ۾ به ڇهين ڏينهن سي اين جي بند هجڻ سبب شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن . اسپتالن،  اسڪولن،  آفيسن سميت ٻين ڪمن ڪارن لاءِ ايندڙ مسافر ڪيترائي ڪلاڪ روڊن تي بيهڻ بعد ٽرانسپورٽ نه هجڻ سبب واپس گهر طرف روانا ٿي وڃن ٿا. ان موقعي …

تفصيل »

رپورٽ:مسوڀرڳڙي: مشھور بزرگ سيد حاجي يوسف شاھ جو ساليانو عرس مبارڪ ٿي گذريو

مسوڀرڳڙي ڀرسان مشھور  بزرگ سيد حاجي  يوسف شاھ جو ساليانو عرس مبارڪ ٿي گذريو، عرس مبارڪ جو افتتاح  درگاھ جي گادي نشين سيد محمد مصطفيٰ شاھ مزار تي چادر چاڙھي ڪيو. درگاھ تي قرآن خواني ڪرائي وئي ۽ درگاھ تي سڄو ڏينهن مريدن ۽ عقيدمندن جي اچڻ جو سلسلو رات …

تفصيل »

رپورٽ:سوڀوديرو: پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ.

سوڀوديري ويجهو پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس، ايس ايڇ او محمد طاھر قادري جي اڳواڻي ۾  ڳوٺ نواڙو  ۾ جوا  جي اڏي تي ڇاپو هڻي اشرف غوري،  ممتاز علي شيخ،  امجد علي اوٽي، برڪت سھتي کي گرفتار ڪري …

تفصيل »

رپورٽ:شادي پلي: درگاھ ڳاڙهي جي اڱڻ تي ثقافتي رنگ نکري پيا، مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي

شادي پلي ويجهو درگاھ ڳاڙهي جي اڱڻ تي ثقافتي رنگ نکري پيا،  سيد ممتاز علي شاھ جي ميزباني هيٺ ثقافتي مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي. مچ ڪچهري ۾ شريڪ سنڌ جي ڀلوڙ سگهڙن فضل حسين پلي، منظور لاشاري ، شاھ محمد مري نڙبيت ،  پروليون  ۽ ڳجهارتون ڏئي واهه واهه ڪرائي …

تفصيل »

رپورٽ:ٺٺو: مڪلي ۾ نوجوان ناري پنھنجي ڳلي ۾ رسو وجھي آپگهات ڪري ڇڏيو

ٺٺي ويجهو مڪلي ۾ نوجوان ناري پنھنجي ڳلي ۾ رسو وجھي آپگهات ڪري ڇڏيو. سول اسپتال مڪلي ڪالوني ۾ گهريلو اڻبڻت تان  16 ورهين جي ناري ڪويتا ڌيءُ چمن لال پکي ۾ رسو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو اطلاع تي مڪلي پوليس فوتي ناري جو لاش کڻي سول اسپتال مڪلي پھچايو …

تفصيل »

رپورٽ:سڪرنڊ: شھباز مائينرشاخ جي ڪپ سان قائم رهواسين کي نوٽيس، احتجاج

سڪرنڊ   ويجهو  شھباز مائينرشاخ جي ڪپ سان قائم ڪالينن جي رهواسين کي جايون خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شھباز ڪالوني ، سڪندرحيات ڪالوني سميت ٻين ڪالونينن جي رهواسين کي آبپاشي کاتي پاران نوٽيس ملڻ خلاف نورمحمد رند،  سيتل اوڏ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ …

تفصيل »

رپورٽ:لاکاروڊ: ڳوٺ ستار ڏني مڱرئي جو پرائمري اسڪول زبون حال، چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول

لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ ستار ڏني مڱرئي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن جنهن سبب شاگرد هر وقت خوف ۾ ورتل رهن ٿا. ڳوٺاڻن ، استادن ۽ شاگردن امام بخش مڱريو،  رميز مڱريو ۽  ميهر خان منڱريو عوامي آواز ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو …

تفصيل »

رپورٽ: ٺٺو: ڇتوچنڊ ۾ شيخ برادري جي ڌُرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ٺٺي ويجهو ڇتوچنڊ ۾ شيخ برادري جي ڌُرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾هڪ ڌر جي جوابدار بندوق جا فائر ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ھڪ ڌر جي جوابدار بندوق جا فائر ڪري 30 ورهين جي محمد خان شيخ کي قتل ڪري ڇڏيو. …

تفصيل »

رپورٽ:سوڀوديرو: مين پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند، تعليمي سرگرميون سخت متاثر

سوڀوديري  شھر جي مين پرائمري اسڪول ۾  سهولتن جي کوٽ سبب اسڪولي شاگرد ۽ استاد سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.   اسڪول جي ھيڊ ماستر استاد نظير احمد چنا عوامي آواز ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو تھ سوڀوديرو  شھر جو مين پرائمري اسڪول جنهن کي تعلقي ھيڊ ڪواٽر  …

تفصيل »

رپورٽ:پکو:سرديءِ ۾ واڌ سبب گرم ڪپڙي ۽ مرغي جي جوس ۽ ڪبابن تي رش متل

 پکو ۽ ڀرپاسي ۾ سرديءِ ۾ واڌ سبب  گرم ڪپڙي جي وڪري ۾ بھ واڌارو اچي ويو آهي،جڏهن تھ   مرغي جي جوس ۽ ڪبابن جي ريڙھن تي رش وڌي وئي آهي.  ٿڌ ۾ واڌ اچڻ شرط سنڌ جي ٻين شھرن جيان پکو شھر ۾ به گرم ڪپڙن جي وڪرو ۾ …

تفصيل »