20 ہفتہ , اپریل 2019

عوامي آواز رپورٽ

رپورٽ :ڀريا سٽي: سيد برادري پاران گهرن کي باهه ڏيڻ خلاف احتجاج

ڀريا سٽي ڀرسان سيد برادري پاران گهرن کي باهه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. جمڻ شاھ، محبوب شاھ ، عاشق شاھ، مظهر شاھ، ڏنل شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. متاثرن ٻڌايو ته سندن گھرن کي ڪو اڻڄاتل ماڻهو باهه ڏئي فرار ٿي ويو، جنهن سبب گھرن ۾ پيل …

تفصيل »

رپورٽ :ٺري ميرواهه: گوپانگ برادري پاران مارجي ويل مبينا ڌاڙين جو لاش رکي ڌرڻو

ٺري ميرواهه ۾ گوپانگ برادري پاران مارجي ويل مبينا ڌاڙين جو لاش رکي احتجاجي مطاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ظھير گوپانگ۽ سليمان گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاش ٺري- بوزدار روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قرآن پاڪ تي ٺاھه باوجود نظير گوپابنگ کي …

تفصيل »

رپورٽ :مورو: هٿ آيل عورت جي مڙهه تي تشدد جو انڪشاف

موري ڀرسان هٿ آيل عورت جي مڙهه تي تشدد جو انڪشاف ٿيو آهي. قومي شاهراھه تان روڊ ڀرسان پيل عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس پهچي عورت جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو. تعلقه اسپتال مورو جي ڊاڪٽرياڻي انڪشاف ڪيو ته عورت جي جسم تي …

تفصيل »

رپورٽ :شادي پلي: شهيد رائو اعظم علي راجپوت جي پهرين ورسي ملهائي وئي

شادي پلي ويجهو سياچن ۾ ڀارتي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل رائو اعظم علي راجپوت جي پهرين ورسي ملهائي وئي. جهلوري ۾ شهيد نائڪ رائو اعظم علي راجپوت جي پهرين ورسي ۾ علائقي واسين وڏي انگ م شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر زاهد ملڪ ۽ ناصرعلي راجپوت چيو …

تفصيل »

رپورٽ :سن ۾ کوسا برادري پاران نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج

سن ۾ کوسا برادري پاران نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مانجهند جي رهواسين اڪرم کوسي، نبي بخش کوسي سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندن چاليهه ايڪڙ زرعي زمين ديهه مانجهند ۾ آهي، جنهن جي نگراني لاءِ محب علي کوسو ويٺل هو، کيس هٿيابند اغوا ڪري کڻي ويا …

تفصيل »

رپورٽ :خيرپور جي عدالت پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي گڏ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

خيرپور جي عدالت پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي گڏ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خيرپور جي ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ مائٽن پاران پيار جو پرڻو ڪندڙ اختيار شيخ کي گهمائڻ بهاني وٺي وڃڻ بعد قيد ۾ رکڻ تي مڙس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جي حڪم …

تفصيل »

رپورٽ :نوابشاهه: سماجي ڪارڪن نور حسن کوسي بااثرن خلاف تحفظ جي اپيل

نوابشاهه جي سماجي ڪارڪن نور حسن کوسي بااثرن خلاف تحفظ جي اپيل ڪئي آهي. پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سماجي ڪارڪن نور حسن کوسي چيو ته هو ننڍي عمر جي شادي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد  سميت ٻين مسئلن تي آواز اٿاريندو رهندو آهي. هن چيو ته ڳوٺ گيلو …

تفصيل »

رپورٽ :نوابشاهه: موبائل فون ايسوسئيشن پاران پرڏيهي مان ايندڙ شين تي ٽيڪس خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ موبائل فون ايسوسئيشن پاران پرڏيهي مان ايندڙ شين تي ٽيڪس خلاف احتجاج ڪيو ويو. راشد قريشي، فيضان، جميل آرائين، ياسر جاويد جٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومت طرفان پرڏيهه مان ايندڙ موبائل فونن تي …

تفصيل »

رپورٽ :ڪوٽڏيجي: ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڪوٽڏيجي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پراڻي نيشنل هائي وي تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد صديق اڄڻ جا رهواسي 10 ورهين جو نينگر دريا خان …

تفصيل »

رپورٽ :ڪوٽڙي: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم وٺڻ دوران بدنظمي، 15 کان وڌيڪ عورتون بيهوش

ڪوٽڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم وٺڻ دوران بدنظمي سبب 15 کان وڌيڪ عورتون بيهوش ٿي ويو. سچل گرائونڊ مستحق عورتن کي رقم ڏيڻ لاءِ لڳايل ڪئمپ دوران عورتن جو رش وڌڻ ۽ انتظامي رويي سبب بدنظمي پيدا ٿي وئي. سخت گرمي ۽ رش سبب عاليه سولنگي,حاجران کوسو, …

تفصيل »