15 ہفتہ , دسمبر 2018

بدين ضلعو

نيوز : بدين: سنڌي ماڻهو جو احتجاج، حڪومت جو ساهه مٺ ۾!!

* بدين ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور احمد نوتيار ، سرتاج چانڊيو  زرقا هاليپوٽو ۽ مروبت هاليپوٽو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ و درياهه تي ڪوبه ڊيم منظور نھ آهي نه ئي …

تفصيل »

رپورٽ : ٿر کان پوءِ بدين جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ به ڏڪار . لڏپلاڻ جو سلسلو شروع

لنڪ…… ٿر کان پوءِ بدين جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ به ڏڪار واريون حالتون  پيدا ٿي ويون آهن ، جنهن سبب لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، هڪ هزار کان به وڌيڪ ماڻهو نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ وٺي مختلف ڪمپنين ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا آهن، …

تفصيل »

نيوز : بدين: سامونڊي پٽيءَ ۾ لڏپلاڻ ڇو؟ چونڊيل نمائندا گم!!

ٿر کان پوءِ سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ به ڏڪار واريون حالتون ٿي ويون، جنهن سبب لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.ڪڍڻ ٿاڻي تان هڪ هزار کان به وڌيڪ ماڻهو نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ وٺي مختلف ڪمپنين ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا ، علائقي واسين …

تفصيل »

نيوز | کوسڪي ۾ پوليس جو ڳوٺاڻن سان ويل ، رهواسي روڊن تي اچي ڪيا ڪهڙا مطالبا؟

کوسڪي ۾ ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺاڻن پاران پوليس جي مبينا ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺ حاجي علي محمد لنڊ واسي انور، اقبال ۽ عبدالغني سميت ڳوٺاڻن ۽ عورتن کوسڪي پوليس خلاف احتجاج ڪيو. هنن الزام هنيو ته پورهيو ڪندڙ اسماعيل لنڊ، جميل، عبدالحڪيم کي کوسڪي پوليس بنا جواز …

تفصيل »

نيوز | نيٺ ميرپور ساڪرو پوليس جاڳي پئي، ڇا هاڻي عوام سک جو ساهه کڻندو.؟

ٻهارا ۾ پوليس منشيات جي اڏن تي ڇاپا هڻي سوين ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو. ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته ايس ايس پي جي خاص هدايتن تي ڪچي ٺري جي بٺين تي ڇاپا هڻي وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪيو آهي سندس …

تفصيل »

نيوز:کوسڪي:پوليس جي ڳوٺ تي ڪاهه، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد،  واقعي خلاف احتجاج

*کوسڪي پوليس ڪلوئي  ويجهو مبينا طور ڳوٺ تي ڪاهه ڪري،عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ،واقعي خلاف عورتن ۽ ٻارن پاران احتجاج ڪيو ويو . ڳوٺاڻن شاهه خاتون، مارل شاهه ، ماروي شاهه ، عنايت شاهه ۽ ٻين جي ااڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو . ان موقعي تي ڳوٺاڻن …

تفصيل »

نيوز:ٽنڊو باگو: ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٻه ڄڻا زخمي

*ٽنڊي باگي ۾ ريتي سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ به ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٽرڪ  ڪلٽي ٿي ڀر سان گذرندڙ رڪشا تي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ اسلم ملاح ۽ حاجي فقير زخمي ٿي پيا. زخمين کي ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي …

تفصيل »

ڪڙيو گهنور: شاگردن جو اسڪول جي عمارت ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

*ڪڙيو گهنور ۾ ڳوٺ مصري پنهور جي شاگردن پاران اسڪول جي عمارت، فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. يوسي ترائي جي سرڪاري پرائمري اسڪول مصوري پنهور جي شاگردن اسڪول جي عمارت نه هجڻ سميت بنيادي سهولتون جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو. شاگردن جو چوڻ هو …

تفصيل »

نيوز:مٺي:خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ ٽن امڙين جون جهوليون خالي

*ٿرپارڪر ۾ڏڪاري حالتون بهتري طرف اچڻ بدران ڏينهون ڏينهن سنگين ٿينديون پيون وڃن، ستن ئي تعلقن ۾ صورتحال خراب ٿي ويئي آهي، ڏڪاري حالتن سبب لڏپلاڻ جو سلسلو رُڪجي ناهي سگهيو. خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن …

تفصيل »

نيوز:ڪڙيو گهنور: سنڌ جي تاريخي  ورثي کٿڙ دڙي ۾ غيرقانوني کوٽائي شروع

*ڪڙيو گهنور ويجهو  سنڌ جي تاريخي  ورثي کٿڙ دڙي ۾  روڊ ٺاهيندڙ ٺيڪيدار دڙي جي اولهھ طرف واري حصي جي غير قانوني کوٽائي شروع ڪري ڇڏي آھي کوٽائي سبب دڙي جي مٽي شھر جون  بااثر ڌريون وڪرو ڪري ناڻو ڪمائي رهيون آھن . سڄاڻ ڌرين گڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي …

تفصيل »