15 جمعرات , نومبر 2018

بدين ضلعو

نيوز: پنگريو : پسند پرڻو ڪندڙ ڪراچي واسڻ پاران تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر

پنگريي ۾پسند پرڻو ڪندڙ ڪراچي واسڻ پريس ڪلب پهچي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. پريس ڪلب ۾ ڪراچي جي چانڊيا ڳوٺ پنجاب چورنگي واسڻ شهناز دانهيو ته هن حيدرآباد جي عدالت ۾ بدين واسي يار محمد سان پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن بعد مائٽ سندس ۽ مڙس جا ويري بڻجي …

تفصيل »

نيوز: بدين : پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جو ڪراچي روڊ تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو

بدين ويجھو امام واھه اسٽاپ تي پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جو  ڪراچي روڊ تي 4 ڪلاڪ کان لڳل  ڌرڻو ايس ايس پي جي خاطري تي ختم ڪيو ويو. امام واھه شاخ  جي  سوين آبادگارن  حاجي حسين ميمڻ، حاجي اشرف نوحاڻي، مرتضي نظاماڻي، نديم عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي …

تفصيل »

نيوز: بدين: پوليس جون  مختلف هنڌن تي ڪارروايون،   ڪيترائي منشيات فروش گرفتار

*بدين ۾ مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري منشيات فروِشن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ورتا . پوليس ڪارروائي ڪر ي اسرار خواجه،  حاڪم علي ملاح ، غلام شبير نوحاڻي، اعظم خاصخيلي  ۽ احمد اڍيجو کي گرفتار ڪري ورتو .  پوليس منشيات ائڪٽ تحت گرفتار ڪيل جوابدارن تي  الڳ …

تفصيل »

نيوز:ڪڙيو گهنور: شاگردن جو اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف احتجاج

*ڪڙيو گهنور هاءِ   اسڪول جي سوين شاگردن اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو اسڪول جي شاگردن پاڻي،  بجلي،  فرنيچر، ڪتابن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري  فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شاگردن ميڊيا …

تفصيل »

نيوز:بدين: نوجوان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

*بدين  ويجهو نوجوان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو . 15 اپريل تي ڳوٺ طالب ملاح م مبينا طور 27 سالا نوجوان انور ملاح کي چانھه م نشي جون گوريون کارائي بيھوش ڪري تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ن ڪرڻ خلاف سيراڻي جي …

تفصيل »

نيوز: بدين: پوليس جي ڪارروائي، ناياب گُگُر سمگلنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار

بدين ۾ پوليس چيڪنگ دوران هڪ جوابدار گرفتار ڪري ناياب گُگُر جا 20 ٻورا هٿ ڪري ورتا آهن. ڪارو گونگڙو سم وٽ ڪَڙيو گَنھور پوليس ٿرپارڪر کان ڪراچي ويندڙ مزدا روڪي تلاشي ورتي، مزدا مان  ٿرپارڪر جي ناياب گگر جا 20 ٻورا هٿ ڪيا آهن. پوليس جوابدار محمد آچار چوهاڻ …

تفصيل »

نيوز:پنگريو: آبادگارن ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن  جو زرعي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

* پنگريو ۾ سوين آبادگارن ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن  شادي سمال واھ ۾ 5 مھينن کان پاڻي بند ھئڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو . ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ سماجي تنظمين جي ڪارڪنن توڙي  آبادگارن  لکاڏنو عمراڻي، وفا اعجاز علي ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو …

تفصيل »

نيوز:ڪڍڻ:پوليس پاران ڳوٺ تي چڙھائي، عورتن کي مارڪٽ، احتجاج

*ڪڍڻ ۾  پوليس   پاران ڳوٺ تي چڙھائي ڪرڻ  عورتن کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو . ڳوٺ سليمان ملاح جي رھواسين سليمان ملاح، ڏنو ملاح، خالقڏنو ملاح  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو . هنن الزام هنيو ته علي محمد ملاح، غلام رسول ملاح، …

تفصيل »

نيوز : اسان اقتدار جا بکيا ناهيون، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندو: سينيٽر ياسمين شاهه

پ پ سينيٽر ياسمين شاهه چيو آهي ته هو اقتدار جا بکيا ناهن، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندا،  ايندڙ چونڊن ۾ به پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا. بدين ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي شهرين سان ملاقات ڪندي ياسمين شاهه چيو ته بدين کي لٽيندڙن کي عوام هاڻي واپس …

تفصيل »

نيوز : کوسڪي: گهر کي باهه لڳڻ سبب ٻارڙو سڙي زخمي

کوسڪيءَ ۾ راند ڪندڙ ٻارڙن هٿان اوچتو گهر کي باهه لڳڻ سبب ٻارڙو سڙي زخمي ٿي پيو. گھُمڻ آباد وارڊ نمبر 3 ۾ راند کيڏندي ٻارن هٿان اوچتو  گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب هڪ سال جو ٻارڙ رمضان ملاح سڙي زخمي ٿي ويو، جڏهن ته  فقير محمد ملاح …

تفصيل »