17 ہفتہ , نومبر 2018

بدين ضلعو

نيوز : اسان اقتدار جا بکيا ناهيون، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندو: سينيٽر ياسمين شاهه

پ پ سينيٽر ياسمين شاهه چيو آهي ته هو اقتدار جا بکيا ناهن، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندا،  ايندڙ چونڊن ۾ به پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا. بدين ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي شهرين سان ملاقات ڪندي ياسمين شاهه چيو ته بدين کي لٽيندڙن کي عوام هاڻي واپس …

تفصيل »

نيوز : کوسڪي: گهر کي باهه لڳڻ سبب ٻارڙو سڙي زخمي

کوسڪيءَ ۾ راند ڪندڙ ٻارڙن هٿان اوچتو گهر کي باهه لڳڻ سبب ٻارڙو سڙي زخمي ٿي پيو. گھُمڻ آباد وارڊ نمبر 3 ۾ راند کيڏندي ٻارن هٿان اوچتو  گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب هڪ سال جو ٻارڙ رمضان ملاح سڙي زخمي ٿي ويو، جڏهن ته  فقير محمد ملاح …

تفصيل »

نيوز:کوسڪي:باهه جا متاثر سخت گرمين ۾ بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل

*کوسڪيءَ   ۾ باهه جا متاثر سخت گرمين ۾ بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ گذارڻ لڳا، سندن ڪنهن بھ چونڊيل نمائندي يا ڪارندي سار نھ لڌي. وارڊ نمبر 2 ۾ ٽي ڏينهن اڳ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باهه لڳڻ سبب الهبچايو، اشفاق ۽ جاويد علي کوسي جا ٽي …

تفصيل »

نيوز:بدين: تعليم کاتي پاران  ٻارن کي اسڪولن  ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ  جاڳرتا مهم ريلي

بدين ۾ تعليم کاتي ۽  اين سي ايڇ ڊي  پاران  ٻارن کي  سرڪاري  اسڪولن  ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ  جاڳرتا مهم ريلي  ڪڍي وئي، جنهن ۾ تعليم کاتي جي عملدارن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پنجن ورهين  جي هر ٻار کي اسڪول ۾ داخلا ڪرائڻ لاءِ تعليم کاتي بدين پاران …

تفصيل »

نيوز: پنگريو: پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين جو احتجاج

**پنگريو شھر ۾ پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويو . شهرين پئيڻ جي پاڻي جي بحران خلاف نورو احمد لغاري ، اميد علي ، محمد علي لغاري ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاج ڪيو . ان موقعي تي اڳوڻن خطاب ڪندي چيو ته مٿان …

تفصيل »

نيوز: پنگريي جي شاخن ۾ پاڻي نه پهتو، لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿيڻ جو خدشو

پنڱريي ۽ ڀرپاسي جي شاخن ۾ 5 مهينن کان پاڻي بند هجڻ ڪري 2 لک ايڪڙ زرعي زمين  غير آباد ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي شادي سب ڊويزن جي شاخن شادي سمال واھ، شادي لارج واهه، بھادر واھ ۾ گذريل 5 مھينن کان مسلسل پاڻي جي فراهمي نه ٿي …

تفصيل »

نيوز: بدين : چور دڪان جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان ۽ روڪ رقم ٻهاري ويا

* بدين ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا. شهباز روڊ تي واپاري هاشم راهمون جي دڪان جا تالا ٽوڙي چور لکين رپين جي سامان سميت روڪ رقم کڻي ويا. هوڏانهن واپاري اڳواڻ هاشم راهمون، الله بچايو۽ صالح ميمڻ سميت …

تفصيل »

نيوز:پنگريو: ڪرنٽ لڳڻ ڪري زخمي ٿيل ڳوٺاڻو ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت

*پنگريو کان ڪلوئي ويندڙ بجلي جي 11 ھزار وولٽ مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري 10 ڏينھن اڳ زخمي ٿيل ڳوٺاڻو ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو .  ڳوٺ دين محمد  ڪمبوه جو رھواسي 25 ورھن جو نوجوان اجمل ڪمبوه ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو جتي هو فوت ٿي …

تفصيل »

نيوز: ٽنڊي باگي: شهري ايڪشن ڪميٽي پاران پاڻي بحران خلاف احتجاجي ڌرڻو

ٽنڊي باگي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو. نيشنل پريس ڪلب آڏو دلشاد بلوچ، خالدحسين ۽ ويرومل جي اڳواڻي ۾شهرين پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته شهر ۾ پاڻي کوٽ سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن …

تفصيل »

نيوز: کوسڪي: بجلي جو شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب ٽي گهر سڙي رک

 * کوسڪي شهر ۾ بجلي جو شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب ٽي گهر سڙي رک ٿي ويا.  وارڊ  2 ۾ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باهه لڳڻ سبب الهبچايو کوسو،جاويد علي کوسو۽ اشفاق علي کوسي جا  گهر سڙي رک ٿي ويا  باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل ساڍا ٽي لک …

تفصيل »