21 بدھ , نومبر 2018

لاڙڪاڻو ضلعو

نيوز: لاڙڪاڻو: ڳوٺاڻن پاران 3 ڄڻن جي قتل ۾ شامل ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ مقتولن جا وارث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب پهتا. پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻن عورتن  سميت هدايت الله جتوئي چيو ته 10 ڏينهن اڳ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جيهڙي ۾ سندن ٽن نوجوانن کي قتل ڪري ٻن …

تفصيل »

نيوز:شھداڪوٽ: موبائل شاپ جي دوڪان مان 25 لک ماليت جا موبائل فون چوري، واقعي خلاف ڌرڻو

*شھداڪوٽ جي شاهي بازار مان چور موبائل شاپ جي دوڪان جا تالا ٽوڙي 25 لک ماليت جا موبائل فون چوري ڪري ويا. دوڪاندارن هڙتال ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانو هڻي  ناهيد کهاوڙ,حاجي خان ڀٽو,احمد علي ڀٽو ۽ عابد بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته اي …

تفصيل »

نيوز:باڊهه: مٺو پاڻي مهيا ڪندڙ مين پائيپ لائين جي ٻھ ڏينهن گذرڻ باوجود مرمت نھ ٿي سگهي

*باڊهه  شهر کي پيئڻ جو  مٺو پاڻي مهيا ڪندڙ مين پائيپ لائين جي  ٻھ ڏينهن گذرڻ باوجود   مرمت نھ ٿي سگهي، شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا. واٽر سپلاءِ  اسڪيم جي 24انچ قطر واري مين لائين پائيپ لائين  جي  ٻه ڏينهن گزرڻ  باوجود  لاڳاپيل اداري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي …

تفصيل »

نيوز: ڏوڪري: ڪمشنر جو اسپتال تي ڇاپو مريضن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت

ڏوڪري ۾ ڪمشنر اسپتال تي ڇاپو هڻي مريضن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي کي هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي. لاڙڪاڻي جي ڪمشنر محمد عباس بلوچ اسپتال تي ڇاپو هنيو، مريضن دوائن جي کوٽ سميت ٻين سهولتن جي اڻهوند بابت شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. مريضن جي شڪايت تي …

تفصيل »

نيوز: پير پاڳاري جو خليفو غلام قادر پنهيار 75 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڏهرڪي   ۾ پير پاڳاري جو خاص خليفو 75  ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو . غلام قادر پنهيار  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. خليفو غلام قادر پنهنيار ڪيتري ئي عرصي کان بيمار هو کيس ڪراچي جي خانگي …

تفصيل »

نيوز: ڏوڪري: ڳوٺاڻن پاران مهين جو دڙو پوليس خلاف جي ظلم خلاف احتجاج

ڏوڪريءَ ۾ مهين جو دڙو پوليس خلاف عورتن ۽ مردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺ دريا خان مڱريو جي رهواسين بچل، نسيم ۽ عروسه سميت ٻين پريس ڪلب آڏو  مهين جي دڙي جي ٿاڻي جي ايڇ او خلاف احتجاج ڪيو . ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته هو خاندان …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو: وفاق جي زيادتين خلاف پ پ جو احتجاج

* لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي پاران وفاق جي ناانصافين   خلاف احتجاج ڪيو ويو ،  جناع باغ چوڪ تي  لڳل ڌرڻي ۾ ڪارڪنن وڏي انگ م شرڪت ڪئي . ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر شاهه ، عاجز ڌامراهه ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت  سنڌ جي عوام سان ناجائزيون …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو: پوليس  جي اي ايس آءِ پنهنجي 7 ورهين جي نياڻي مٿان مبينا طور تيزاب هاري ڇڏيو

*لاڙڪاڻي ۾ گھرو اڻبڻت تان پوليس  جي اي ايس آءِ پنهنجي 7 ورهين جي نياڻي مٿان مبينا طور تيزاب هاري ڇڏيو ، نينگري اسپتال منتقل …………….  اي ايس آءِ ميهر چانڊيو مبينا طور پنهنجي 7 ورهين جي ڌيءُ ريحانه چانڊيو مٿان تيزاب هاري کيس  زخمي ڪري ڇڏيو رحمت پور ٿاڻي …

تفصيل »

نيوز: وارهه: گم ٿيل نينگر جي  بازيابي لاءِ  وارثن جو احتجاج

* وارهه ويجهو ڳوٺ بڪيجا جو رهواسي نينگر کي گم ٿئي 13 ڏينهن وهامي ويا ، وارثن پاران اغوا جو شڪ ، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو .. پوليس کان مايوس ٿي ڳوٺاڻن ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن وارهه  جي شهيد فاضل راهو چوڪ تي  احتجاج ڪيو . وارثن …

تفصيل »

نيوز: نئون ديرو: شهرين ، واپارين ۽ سياسي سماجي ڌرين جو لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج

* نئين ديري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ  خلاف شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو . شهرين ارشد راشدي، انور ٻرڙو ، دليپ ڪمار ، نثار عارباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو . ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته لوڊ شينڊنگ سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي . …

تفصيل »