18 اتوار , نومبر 2018

لاڙڪاڻو ضلعو

نيوز: دنيا جو سمورو ووهنوار هلائيندڙ مزدورن جي زندگي عذاب آهي: اي ڊبيلو پي

لاڙڪاڻي ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن طرفان جلسو ڪوٺايو ويو. ڪوٺايل جسلي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جلسي ۾  ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳوڻ روشن ڪلهوڙو، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ يوسف مستي خان، اختر …

تفصيل »

نيوز: وارهه: مزدرون جي عالمي ڏهاڙي تي عوامي ورڪرز پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي

وارهه ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي. برڪت سوڍر ۽ نيازي حيدري سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ريلي کي خطاب ڪندي …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو: حليم عادل شيخ پاران صائمه جروار جي وارثن سان تعزيت

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ  لاڙڪاڻي  پهچي معصوم نينگري صائمه جروار جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي صوبائي اڳواڻ  حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  هي افسوس ناڪ واقعو آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. …

تفصيل »

نيوز:باڊھ : سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

*باڊھ ۾  وطن دوست مزدور فيڊريشن ۽ سنڌ ترقي پسند مزدور فيڊريشن  پاران  مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍي شڪاگو جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.  صدر مسڻ، قاسم چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه شريف چوڪ کان حيدر چوڪ تائين ڌار ڌار ريليون …

تفصيل »

نيوز:باڊھ: چنا ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهھ  تان جهيڙو،  هڪ ڄڻو سخت زخمي

*باڊھ ويجهو  چنا ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهھ  تان جهيڙو ٿي پيو، جهيري جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. ڳوٺ ڊرگھه بالا ۾ چنا ۽ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب اربيلو چنو سخت زخمي ٿي …

تفصيل »

نيوز:لاڙڪاڻو: 16 ورهين جي ناري  سان مبينا  زيادتي جو انڪشاف، جوابدار گرفتار

*لاڙڪاڻي ۾ 16 ورهين جي ناري  سان مبينا  زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي،  پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.  شهر جي الهه آباد ٿاڻي جي حد مينهل آباد ۾ 16سالن جي نوجوان ناري کي جوابدار فياض سولنگي مبينا حوس جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو. ناري جي امڙ مسمات سهڻي …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو: اي ڊبليو پي پاران شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مشعل بردار ريلي

لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. اي ڊبليو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اختر حسين، يوسف مستي، عاليا بخشل، ماروي لطيفي، يونس راهو،  لطيف لغاري، سينگار نوناري ۽ خان غفار خان جي اڳواڻي ۾ الله آباد پاڙي کان …

تفصيل »

نيوز: وڳڻ: 10 ورهين جي نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار

*وڳڻ ۾ پوليس 10 ورهين جي نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شهر ۾ سودي لاءِ گهران نڪتل 10 ورهين جي نينگري کي جوابدار نيڪ محمد ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، دانهن تي پاڙي وارن نينگري کي بچائي ورتو. نينگري جي وارثن جي فرياد بعد …

تفصيل »

نيوز: لاڙڪاڻو: صائمه جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن سان تعزيت جو سلسلوهلندڙ

لاڙڪاڻي ۾ صائمه جروار قتل ڪيس کي 7 ڏينهن گذرڻ بعد به قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا،  سچوا وفد سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. نينگري صائمه جروار جي قتل کي هفتو گذري ويو، پر اڃا تائين قاتل قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا، نينگري جي وارثن وٽ سياسي سماجي …

تفصيل »

نيوز: باڊهه: شاگردن پاران صائمه جروار قتل ۾ انصاف نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

باڊهه ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن پاران صائمه جروار قتل ۾ انصاف نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خانگي اسڪول سڦلتا اسڪولنگ سسٽم جي شاگردن ۽ شاگردياڻين اسڪول آڏو نينگري صائم جروار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري ضلعي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردن چيو ته …

تفصيل »