17 ہفتہ , نومبر 2018

ميرپور خاص ضلعو

رپورٽ| ميرپورخاص: ٽرڪ چنگچي مٿان چڙهي وئي،ز ال مڙس ۽ ٻارڙو چيڀاٽجي فوت

ميرپورخاص م خوفناڪ  حادثي ۾  ٽي قيمتي جانيون موت جو کاڄ بڻجي ويون آهن. ميرواھ گورچاڻي  روڊ تي ڏياري جي  دعوت تي ويندي  چنگچي مٿان ٽرڪ چڙھي وئي. حادثي جي نتيجي ۾  معصوم  ٻارڙي  سميت ٽي ڄڻا پنھنجي زندگي وڃائي ويٺا . ٽي  فوتين  ۽ ٻن  زخمين  جو   تعلق ڪولھي …

تفصيل »

رپورٽ| جهڏو: پورهيت جو نعيم قائمخاني جو بااثر خلاف احتجاج

جهڏو جي رهواسي غريب پورهيت نعيم قائمخاني ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج ڪيو . نعيم قائمخاني  دانهيندي چيو ته هو گذريل پنج سالن کان اسٽيشن روڊ  تي مٽي ۽ پٿر جا ٿانو پٿر جون جاليون، ڪونڊيون، سليپ وغيرا وڪرو ڪري پنهجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري رهيو آهي پر ڪجھه ڏينهن …

تفصيل »

رپورٽ| ميرپورخاص: ديوالي ۾ ڦٽاڪا ٻارڻ سبب نينگر پنهنجون آڱريون وڃائي ويٺو

ميرپورخاص ۾ ديوالي ۾ فٽاڪا ٻارڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان جو سلسلو جاري آهي، ڪوٽ غلام محمد  جي رهواسي 8 ورهين جو ٻارڙو واصف  فٽاڪا ٻاريندي سخت زخمي ٿي پيو ڌماڪي  ۾ هو آڱرين کان محروم ٿي ويو آهي. نينگر کي زخمي حالت ۾ تعلقا اسپتال ڊگري آندو ويو …

تفصيل »

رپورٽ| شادي پلي : ڊرينيج اسڪيم رولڙي جو شڪار، شهري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا

 شادي پلي ۾ ڊرينيج اسڪيم جو تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو ، شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. شهرين، عباس هنڱورو، آفتاب هنڱورو،  ديدار  حسين هنڱورو ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته  شادي پلي ۾ پبلڪ هيلٿ پاران 2009ع ڌاري 4 ڪروڙ 75 …

تفصيل »

رپورٽ| جهڏي ٽائون ڪميٽي ۾ ڪنهن هنيو ٻيهر ڇاپو، اينٽي ڪرپشن ڇا ڪيو هٿ؟

جهڏو ٽائون ڪميٽي ۾ اينٽي ڪرپشن جي  ٽيم ٻئي ڏينهن به ڇاپو هڻي  رڪارڊ ۽ ٽائون ملازمن جا تفصيل ورتا. جهڏو ٽائون ڪميٽي جي بجيٽ ۾ ٿيل ڪروڙين روپين جي مبينا ڪرپشن بابت اينٽي ڪرپشن کاتي کي پيپلزپارٽي جهڏو جي ڪائونسلرن اسلم قائمخاني، مير ڪامران ٽالپر، حاجي علي ناگوري، امداد …

تفصيل »

رپورٽ| جهڏي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪيئن ٿي سرگرم؟ سول جج ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ ڄاڻي اچرج ۾ پئجي ويندو

 جھڏي ٽائون ڪميٽي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سان گڏ سول جج جوڊيشنل مئجسٽريٽ عامر لطيف ڀٽي جو ڇاپو  هنيو ته عملو فرار ٿي ويو. چئيرمين ۽ ٽائون آفيسر طرفان ڪيل ڪروڙين روپين جي مبينا ڪرپشن خلاف شھرين پاران احتجاج ۽ شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جي هدايتن تي …

تفصيل »

رپورٽ| جهڏو: ٽنڊي محمد خان ۾ قبضا مافيا ڪيئن ڄمايا پنهنجا پير؟ ڪير پيو ڪري بااثرن جي حمايت؟ ڏسو ڳوٺاڻن جو اهم انڪشاف

جهڏي ۾ ٽنڊو محمد خان جي ڪولهي برادري جي ماڻهن پاران زمين تي باثرن جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو ڳوٺ ڏاهلو ڪولهي جي رهواسين پهلاج مل، ڀارمل، ۽ گيان ڪولهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪولهي برادري …

تفصيل »

رپورٽ| ميرپور خاص پوليس ٻن مهينن جي ٻارڙي ڪيئن ڪرائي آزاد؟ ايس ايس پي جو اهم انڪشاف

ميرپورخاص پوليس  گذريل ڏينهن اغوا ٿيل  ٻارڙي  واري معاملي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو ، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي ماءُ  ان معمالي ۾ ملوث آهي. پوليس  کار پاڙي مان ھڪ مھيني جي ننڍڙي ٻارڙي کي هٿ ڪري ورتو . اي ايس پي ميرپورخاص جي  سربراھي ۾ جوڙيل …

تفصيل »

رپوٽ| جهڏي ۾ پوليس ڪهڙو ڪيو ڳوٺاڻن تي قهر؟ متاثرن جي حيران ڪندڙ انڪشاف

جهڏي ۾ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف  رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو . ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي جي رهواسين غلام مرتضي لاشاري، نياز محمد لاشاري، دوست علي لاشاري، علي غلام لاشاري، دلبر لاشاري ۽ ٻين ميڊيا سينٽر جهڏو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ …

تفصيل »

رپورٽ | ٽنڊي آدم ۾ ڪهڙي بااثر پوليس آفيسر وڻن جي واڍي ڪرائي؟ ڏسو ڳوٺاڻن جو حيرت ڪندڙ انڪشاف

ٽنڊي جان محمد ۾ ڳوٺاڻن پاران بنا سبب ناياب وڻن جي واڍي ڪرائيندڙ ڊي ايس پي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ديهه هڪ سئو ستانوي جي رهواسين شاهد ۽ طارق آرائين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته بااثر ڊي ايس پي ذوالفقار لاشاري بنا سبب وڻن جي واڍي ڪرائي آهي …

تفصيل »