17 ہفتہ , نومبر 2018

سانگھڙ ضلعو

رپورٽ:سانگهڙ: ڳوٺ جمعي خان جانوري ۾ ٻارڙي ارڙي وگهي فوت ، ڪيترا ئي ٻار مرض ۾ ورتل

سانگهڙ ڀرسان  ڳوٺ جمعي خان جانوري ۾  ٽن ورهين جي ٻارڙي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي.  ڳوٺ جمع خان جانوري ۾ ٽن سالن جي ٻارڙي ثمينا  جانوري ارڙي وگهي فوت ٿي وئي آهي. ساڳئي ئي ڳوٺ ۾ 10 کان وڌيڪ ٻارڙا ارڙي جي موذي مرض ۾ ورتل آهن. ڳوٺ جمعي …

تفصيل »

رپورٽ| کپرو: پوليس جي ڪارراوئي، 2 جوابدار منشيات سميت گرفتار

کپرو پوليس  ڪارراوئي ڪندي  ٻن جوابدارن  کي منشيات سميت  گرفتار ڪري ورتو. ايگل اسڪواڊ انچارج شڪيل جٽ جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاري موري اسڪوٽر روڪي تلاشي دوران  معظم مري ۽ نصيب علي خاصخيلي  کان  6 ڪلو چرس هٿ ڪري کين گرفتار ڪيو. اي ايس آئي نديم آرائين جي فرياد تي …

تفصيل »

رپورٽ| کپرو:ڪم ڪرڻ دوران باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل مستري فوت

کپري ۾ چار ڏينهن اڳ رنگ جو ڪم ڪرڻ  دوران  ٻيڙي مان  باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل مستري فوت ٿي ويو . گاسليٽ ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل مستري 30 سالن جو پريم ولد منگارام زخمن جا سور نه سهندي  دم ڏنو. مستري  پريم   ڪراچي جي اسپتال …

تفصيل »

رپورٽ:کپرو: مال جي ڀيل تان سيد ۽ پٺاڻ برادري ۾ جهيڙو، سماجي اڳواڻ سميت ٻھ ڄڻا زخمي

کپرو ويجهو مال جي ڀيل تان سيد ۽ پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب سماجي اڳواڻ سميت ٻھ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڳوٺ ويڌل شاهه ۾ مال جي ڀيل تان سيد ۽ پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ، جنهن ۾ لٺيون  لڳڻ سبب …

تفصيل »

رپورٽ:کپرو: شهزور گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ، هڪ نوجوان فوت ٻھ زخمي

کپرو ويجهو شهزور گاڏي ۽ موٽر  سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٻھ زخمي ٿي پيا آهن. مھراج ڪالوني جي رھواسين نند لال ڪشور ۽ ڀاڳچند سان پراڻي ميرپور ڀرسان حادثو پيش آيو  جنهن جي نتيجي ۾ 18  ورهين جو  ڀاڳچند ،   25  ورهين …

تفصيل »

رپروٽ| جهول ويجهو سم نالي مان لاش هٿ

جهول ويجهو  سم نالي مان  لاش مليو  آهي . ڳوٺ سليمان مري سامهون سم نالي وٽان هڪ شخص عبدالغني وساڻ جو لاش  مليو . شهرين لاش ڪڍي اسپتال پهچايو جتان  پوسٽ مارٽم بعد لاش سندس وارثن حوالي ڪيو. جهول پوليس موجب ته نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ همراهه  فوت ٿيو …

تفصيل »

رپورٽ| کپرو: ڏياري جي خوشي ۾ هندو برادري جو جشن ، خريداري جي ڌم

کپري ۾  ھندو برادري پنھنجو مذھبي تھوار ڏياري جوش  ۽ جزبي سان ملھائي رھي آھي . ڏياري   جي خوشي ۾ هندو برادري وڏي تعداد  ۾ خريداري  ڪرڻ ۾  مصروف آھن. ڏياري جي ڏهاڙي تي  بازارن م مخلتف قسم جا اسٽال لڳايا ويا، جڏهن ته   خريداري اسٽالن تي رش لڳل آهي. …

تفصيل »

رپورٽ| کپرو: ملاح ڪالوني ۾ ڦٽاڪن سبب پن کي باهه، ڳوٺاڻن گهر سڙڻ کان بچائي ورتا

کپري ويجهو ملاح ڪالوني ۾ ڦٽاڪن سبب  پن کي باهه  لڳي وئي ، ڳوٺاڻن همت ڪري گهر سڙڻ کان بچائي ورتا. ملاح ڪالوني وٽ پراڙ ۾  اڇلايل ڦٽاڪن مان پن  کي باهه لڳي وئي ،  اطلاع ملني فائر برگيڊ  گاڏي  پهتي پر زمين نرم هجڻ سبب ڦاسي پئي . ان …

تفصيل »

رپورٽ| کپري ۾ ڳوٺاڻن جي زمين تي ڪنهن ڪيو قبضو، رهواسين ڪئي ڪهڙي شڪايت ؟

کپرو  ويجهو ڳوٺ الله رکيو آرائين رهواسين  زمين تي قبضي خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو . غلام رسول ،شڪيل احمد نديم  ،نسيم بي بي پروين ۽  شڪيلا آرائين جي اڳواڻي ۾  شهيد چوڪ کپرو تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. رهواسين الزام مڙهيو ته  19 ايڪڙ زمين تي بااثرن اصغر امانت  لياقت عباس …

تفصيل »

رپورٽ| شهدادپور ۾ پوليس بين الصوبائي ڏوهارين جو آپريشن ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ ڪنهن جي چوڻ تي ختم ڪئي؟ ڏسو ڳوٺاڻن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

شهدادپور ۾ رڏ ۽ رند تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ قائم ڪرايل پوليس ڪئمپ ايس ايس پي پير محمد شاهه جي بدلي کانپوءِ ختم ٿي وئي پوليس ڪئمپ ختم ٿيڻ بعد ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ، رند ۽ رڏ تڪرار ٻيهر ڀڙڪڻ جو امڪان وڌي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي …

تفصيل »