23 منگل , اکتوبر 2018

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ تقريبا 45 هزار ماڻهو ايڊز جي مرض ۾ مبتلا آهن، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد 2015ع تائين 8 هزار 58 هو، رپورٽ ۾ چيو ويو …

تفصيل »

12 آڪٽوبر: هاڻي آمراڻن روين کي به دفن ڪرڻو پوندو

ملڪ جي 70سالن جي تاريخ دوران ملڪ ۾ ڄمندڙ ٻارڙا اهو ٻڌندي وڏا ٿيندا آهن ته ”ملڪ تاريخ جي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي“ ۽ پوءِ اهي ٻارڙا ملڪ جي ڪرپشن واري ماحول ۾ وڏا ٿي جاهل ٿيندا آهن، جوان ٿي بيمار ٿيندا آهن، پوڙها ٿي بک، غربت، بيماري …

تفصيل »

۽ ڊالر 134 رپين جو ٿي ويو….

تحريڪ انصاف جي حڪومت هاڻي ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي رهي آهي، گذريل ٻن مهينن دوران تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ جي معيشت کي سهارو ڏيڻ، قرض گهٽائڻ، مالياتي خسارو پورو ڪرڻ لاءِ جيڪي به واعدا ڪيا هيا، انهن مان ڪو به واعدو وفا ٿي نه سگهيو آهي، ملڪ جي …

تفصيل »

سنڌ جا تعليمي ادارا، بدانتظامي ۽ تعليم وارو وزير….

اطلاعن موجب ٻه ڏينهن اڳ ضلعي مٽياريءَ جي تعلقي نيو سعيد آباد ۾ شاگردياڻين جي ڪاليج ۾ ان وقت انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو جڏهن هڪ نياڻيءَ جي والد ڪاليج ۾ اچي ڪاليج انتظاميه کي نياڻيءَ جي داخلا لاءِ،  داخلا فارم ڏيڻ جي گذارش ڪئي، پر صورتحال ان وقت سنگين …

تفصيل »

آهه…شيخ عزيز جو لاڏاڻو…..

آهه….سنڌ جو ناميارو صحافي شيخ عزيز لاڏاڻو ڪري ويو….کيس ڪالهه سپر هاءِ وي تي نوري آباد وٽ دل جو دورو پيو، فوري علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو پر اُتي علاج جون مناسب سهولتون نه هجڻ ڪري کيس فوري طور آغا خان اسپتال ڪراچي آندو ويو جتي سندس دل جي اينجيوپلاسي …

تفصيل »

آءِ ايم ايف جي جائزا ڪميٽي، ملڪي معيشت ۽ عوام جي بدحالي

تحريڪ انصاف جي حڪومت هاڻي ٽئين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ٽي مهينا اڳ واري تحريڪ انصاف ۽ ان جون سياسي پاليسيون، اعلان ۽ عمل تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اچڻ جي ٽن مهينن کان پوءِ واري سياسي پاليسين، اعلانن ۽ عملن کان بلڪل به مختلف آهن، لڳي ٿو …

تفصيل »

شهباز شريف جي گرفتاري ۽ انصاف جي گهرج…

اطلاعن موجب مسلم ليگ ( ن ) جي مرڪزي اڳواڻ، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ هن وقت قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي نيب اختيارين آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، شهباز شريف جي گرفتاريءَ بابت نيب هڪ پريس بيان به جاري ڪيو …

تفصيل »

شهيد بشير خان قريشي ڪيس جي پاڻ هرتو ٻڌڻي…

شهيد بشير خان قريشيءَ جي مرتئي کي هاڻي ڇهه سال پورا ٿي چڪا آهن. سنڌ  جي قومي سياسي تاريخ ۾ بشير خان قريشيءَ جو لاڏاڻو پڻ هڪ اهڙو  ئي درد ناڪ واقعو آهي جهڙو ان کان اڳ ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن  جي قتل جا ٿي …

تفصيل »

سنڌ ۾ وڌندڙ غربت ۽ حڪومت جي توجهه وارو سوال….

سنڌ جي وڏي سنڌ ۾ غربت تي تشويش جو اظهار ڪندي غربت جي شرح ۽ ڪيفيت جو اندازو لڳائڻ لاءِ سائنٽيفڪ سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو هُن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ترقياتي پروگرامن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ غربت جي خاتمي …

تفصيل »

سنڌ جون دانهون ڪير ورنائيندو…!

سنڌي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان وٺي پنهنجي پرڳڻي ۾ پيدا ٿيل اڪيچار معاملن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن، جنهن ڪري گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي جهڙوڪه سنڌي عوام جو احتجاج روزاني جي بنياد تي جاري آهي، سنڌي عوام جن مسئلن تي لاڳيتو احتجاج ڪري رهيو آهي انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ …

تفصيل »