23 منگل , اکتوبر 2018

ايڊيٽوريل

جڏهن تڏهن سنڌري، توکي قنڌارائون جوکو

جيئن ڪاروڪاريءَ جي ڪڌي ۽ گندي رسم افغانستان ۽ قبيلائي علائقن مان سنڌ ۾ آئي آهي، بلڪل ايئن ئي دهشت گردي ۽ انتهاپسنديءَ جي لعنت به سنڌ جي پيدا ڪيل نه پر ٻاهران آيل آهي. ۽ خطرناڪ ڳالهه وري اها آهي ته دهشتگرد ۽ انتهاپسند سنڌ ۾ توڙي بلوچستان ۾ …

تفصيل »

پاڪستاني سياست: ڪچي پڪي رستي تي هلندڙ گاڏي

ملڪ ۾ عدالتن ۽ سياسي محاذن تي سرگرميون تيز ٿي رهيون آهن. عدالتون پنهنجي ٽارگيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سياست کان هٽي ڪري پنهنجي محاذ تي بيٺيون آهن. جڏهن ته سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي محاذ تان هڪٻئي سان اختلاف رکي پنهنجي پنهنجي سياست کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. ملڪ جي …

تفصيل »

محمد ابراهيم جويي جي لاڏاڻي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون

سنڌ ٻوليءَ جو ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو جو هڪ سئو ٻن سالن جي ڄمار ماڻي ڪالهه پنهنجي گهر حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويو 15 آگسٽ 1915ع ۾ لڪي شاهه صدر جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم لڪي …

تفصيل »

رهبري ۽ مصنفي جي لفظي جنگ

ڪالهه سپريم ڪورٽ ميان نواز شريف پاران سندس خلاف احتساب عدالت جي فيصلي خلاف نظرثاني جي اپيل کي رد ڪندي آيل فيصلي جو مانُ مٿانهون ڪيو هو، تنهن عدالت 23 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ اهو پڻ چيو هو ته اهو فيصلو ميان نواز شريف لاءِ حيراني جو سبب نه …

تفصيل »

ڪراچي ۾ ڌار ٿيل گڏجي ويا

ڪالهه، متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين کان ڌار ٿيل پي ايس پي توڙي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي شهري علائقن جي ووٽ کي بچائڻ لاءِ گڏجڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن چيو آهي ته چونڊن کان …

تفصيل »

مونجهارن ۾ ڦاٿل پاڪستان جو حل وري به سياست ۾ آهي

ملڪ ۾ سياسي طور مونجهارن ۽ ڪنفيوزن واري صورتحال جي رهڻ ۽ ان جو ڪوبه در دري نه کلڻ ۽ سياسي طور عسڪري قوتون پنهنجي پنهنجي مورچن تي بيٺل هجڻ ڪري سڄي ملڪ ۾ چونڊيل سيٽ اپ وقت کان اڳ ختم ڪرڻ واري افواهه نما رٿا کان پوءِ هاڻي وري …

تفصيل »

عام چونڊون وقت تي ئي ٿيڻ گهرجن

جمهوري نظام هن ملڪ اندر هونئن ته هميشه لوڏن ۾ پئي رهيو آهي پر پاناما پيپرز جي ليڪ ٿيڻ کان پوءِ جيڪو مانڌاڻ هن ملڪ ۾ متو سو ختم ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ اهڙي ته غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ٿي آهي جو جمهوري نظام جي …

تفصيل »

آدمشماري، تڪبنديون ۽ عام چونڊون

اليڪشن ڪميشن خدشو ڏيکاريو آهي ته ملڪ ۾ هلندڙ سال جي شروع ڌاري ٿيل آدمشماريءَ جي نتيجن آڌار هلندڙ مهيني يعني ڏهين نومبر تائين ملڪ اندر نئين سر تڪبنديون نه ٿيون ته عام چونڊيون دير جو شڪار ٿي سگهن ٿيون. چونڊن جو وقت تي ٿيڻ ان ڪري به ضروري آهي …

تفصيل »

آئين جي بالادستي

سينيٽ چيئرمين ميان رضا ربانيءَ چيو آهي ته آئين سڀ کان اتم آهي، سڀئي ادارا آئين جي دائري ۽ پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ ترقيءَ ڏانهن وڌي سگهي ٿو. ڪالهه ڪراچيءَ ۾ هڪ تقريب کي خطاب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سندس چوڻ هو …

تفصيل »

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار

اڄ دنيا جي اهم ترين شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو عرس شروع ٿي رهيو آهي. 1689ع ۾ جنم وٺندڙ 1752ع ۾ پنهنجي حياتي جي آخر تائين ڪيل ۽ چيل هن جي شاعري، بيت ۽ ڳالهيون سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي لاءِ سڀ کان اهم وکر آهن ۽ ان کي سمورن شاعرن …

تفصيل »