19 پیر , نومبر 2018

انٽرنيشنل

ڀارتي فوج جي بربريت جو سلسلو جاري، وڌيڪ ٻه ڪشميري شهيد

INDIAN FORCES FIRINGKASHMIR

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، تازن واقعن دوران قابض فوج فائرنگ ۾ وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو . ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوج جي بربريت سبب گذريل ٻن ڏينهن دوارن 10 خالي هٿين ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو …

تفصيل »

چين جي شهر چونگ ڪنگ جي اسڪول ۾ ٻارن تي چاقو سان حملو، 14 شاگرد زخمي

Knife-wielding woman hurts 14 children in China kindergarten

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي شهر چونگ ڪنگ جي هڪ اسڪول ۾ عورت چاقو سان حملو ڪري 14 شاگردن کي زخمي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب واقعو چونگ ڪنگ جي ضلعي بانان ۾ پيش آيو، جتي ٻارن تي عورت اُن وقت حملو ڪيو، جڏهن هو مقامي …

تفصيل »

رياض ۽ انقره ۾ ڪو به اختلاف نه ٿيندو: محمد بن سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلامن جمال خاشقجي جي قتل کي تڪليف ڏيندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي صحافي جي قتل جو ڪو به جواز نه هو. راڄڌاني رياض ۾ رٿيل عالمي سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته واقعي جي حقيقت سامهون آڻڻ جي لاءِ …

تفصيل »

سرينگر: قابض ڀارتي فوج وڌيڪ 2 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

Srinagar: The occupying Indian army has killed more than 2 terrorists

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج وڌيڪ 2 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ چئن ڏينهن دوران شهيد ٿيندڙن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو. ڪشمير ميڊيا سروس جي هڪ رپورٽ موجب قابض ڀارتي فوج سرينگر جي علائقي ڪلگام ۾ آپريشن دوران وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي …

تفصيل »

ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي تبديل ناهي ٿي، پاڪستان دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ ختم ڪري : پومپيو

Made it clear to Pakistan that US South Asia policy has not changed: Pompeo

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڊومور جي مطالبي سان گڏ آمريڪا پاڪستان تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته واشنگٽن جي ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي تبديل ناهي ٿي. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني قيادت سان هن جي ڪجهه هفتا اڳ ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن …

تفصيل »

دنيا جي ڊگهي ترين سامونڊي پل جو افتتاح ٿي ويو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين ۾ دنيا جي سڀ کان طويل ترين سامونڊي پل جو افتتاح ڪيو ويو آهي، جنهن جي تعمير بعد هانگ ڪانگ ۽ زوهائي جي وچ ۾ ٽن ڪلاڪن جو فاصلو رڳو 30 منٽن جو ٿي ويندو. چيني ميڊيا موجب 55 ڪلو ميٽر طويل هانگ ڪانگ زوهائي موڪائو پل …

تفصيل »

فرانس ۾ برقعي تي پابندي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي: گڏيل قومون

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي چيو آهي ته فرانس ۾ سڄي جسم جي پردي يا برقعو پائڻ تي پابندي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. ڪميٽي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پئرس حڪومت ان حوالي سان پنهنجو موقف واضح ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. …

تفصيل »

عراقي شهر موصل ڀرسان مارڪيٽ ۾ ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي ٻئي وڏي شهر موصل جي ڏاکڻي حصي ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا. اختيارين  موجب مارجي ويلن ۾ ٻه فوجي به شامل آهن، جڏهن ته 40 ڄڻا زخمي ٿيا. اهو بم ڌماڪو نينوا نالي صوبي جي ڳوٺ القريا جي هڪ …

تفصيل »

صحافي خاشقجي جا باقي حصا سعودي قونصل خاني مان مليا: برطانوي ميڊيا جي دعويٰ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته جمال خاشقجي جي لاش جا باقي حصا استنبول جي سعودي قونصل خاني جي باغ مان مليا. برطانوي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته جمال خاشقجي جي جسم جا باقي حصا سعودي قونصل خاني جي لان مان ملي ويا آهن. لاش کي ٽڪرن …

تفصيل »

آمريڪي ناڻي واري وزير جي سعودي ولي عهد سان رياض ۾ ملاقات

Saudi says finance minister meets US Treasury Secretary

رياض(ويب ڊيسڪ) صحافي جمال خاشقجي جي سعودي سفارتخاني ۾ پُراسرار موت تي عالمي طاقتون سعودي عرب تي شفاف جاچ لاءِ دٻاءُ وڌائي رهيوآهن پر ان دوران سخت تنقيد باوجود آمريڪي ناڻي واري وزير اسٽيون منوچن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري …

تفصيل »