15 ہفتہ , دسمبر 2018

انٽرنيشنل

شام ۾ ڪيميائي حملو انسانيت جي توهين آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام جي شهر ادلب ۾ ڪيميائي حملي ۾ درجنين عام شهرين جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ اردن جي شاهه عبدالله سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شام جي ادلب واري علائقي ۾ ڪيميائي …

تفصيل »

شام ۾ مبينا ڪيميائي حملو، سلامتي ڪائونسل ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): شام ۾ مبينا ڪيميائي حملي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، مبينا ڪيميائي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ وڌيڪ انگ ٻارن جو آهي، تفصيلن موجب سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا، فرانس ۽ برطانيا ٺهراءُ پيش ڪيو، جڏهن ته روسي دفاع واري وزير موجب …

تفصيل »

اسٽيو بينن قومي سلامتي ڪونسل مان برطرف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ جي چيف اسٽريٽجسٽ اسٽيو بينن قومي سلامتي ڪونسل مان برطرف ڪيو ويو آهي، وائٽ هائوس جي اختيارين مطابق آمريڪي صدر ٽرمپ فارن پاليسي گروپ ۾ وڌيڪ ڪردار جي ضرورت نه هئڻ تي اسٽيو بينن کي قومي سلامتي ڪونسل کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. مائيڪل فلن …

تفصيل »

نائجيريا ۾ وفادار ڪتي سر ڏئي آپگهاتي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

ابوجا (ويب ڊيسڪ): نائجيريا جي شهر ميداگري ۾ هڪ ڪتي وفاداري جو اعليٰ مثال قائم ڪندي هڪ شادي کي آپگهاتي ڌماڪي جو نشانو بڻجڻ ۽ درجنين ماڻهن کي مرڻ کان بچائي ورتو، نائجيرين عملدارن موجب ڪتي ان وقت آپگهاتي بمبار تي حملو ڪري ڏنو، جڏهن اهو پنهنجو پاڻ کي ڌماڪي …

تفصيل »

ڀارت ۾ عالمي دهشتگرد تنظيم جو ڪوبه وجود ناهي: ڀارتي گهرو وزير

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي گهرو وزير راجناٿ سنگهه چيو آهي ته ڀارت ۾ عالمي دهشتگرد تنظيم جو ڪوبه وجود ناهي، عوام کي فڪر ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. مقامي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اڃا تائين اهڙو ڪو به ثبوت ناهي مليو ته داعش ڀارت ۾ پنهنجا …

تفصيل »

شام ڪيميائي حملو : بشارالاسد جي حمايت جاري رکنداسين: دمتري پيسڪوف

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) روسي حڪومت جي ترجمان دمتري پيسڪوف شام جي صوبي ادلب ۾ خطرناڪ ڪيميائي حمل جي باوجود شامي صدر بشارالاسد ۽ سندس حڪوتم جي حمايت ۾ فوجي ڪارروائيون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ترجمان چيو آهي ته روس گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي هنگامي اجلاس ۾ اهو …

تفصيل »

برطانيا به سي پيڪ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا سي پيڪ منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. لنڊن ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي برطانيا جي انٽرنيشنل ٽريڊ ڪريگ هينڊز واري مملڪتي وزير چيو آهي ته برطانيا سي پيڪ منصوبي جو اهم پارٽنر ٿي سگهي ٿو، اسان پاڪستان ۽ چين سان واپار …

تفصيل »

خطبن کي سياسي ٽاڪ شو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي: مفتي اعظم

رياض (ويب ڊيسڪ): مفتي اعظم سعودي عرب شيخ عبدالعزيز آل الشيخ چيو آهي ته اڻ لاڳاپيل تقريرن سان نمازين کي پريشاني ٿيندي آهي، خطبن کي سياسي ٽاڪ شو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، هن چيو ته خطيب سماجي ۽ عام مفادن جي مسئلن تي توجهه ڏين، جمعي جو خطبو غير …

تفصيل »

شام ۾ مبينا ڪيميائي حملو، 20 ٻارڙو سوڌو 72 ڄڻا موت جو کاڄ

دمشق (ويب ڊيسڪ): گهرو ويڙهه جو شڪار شام ۾ بي حسي جي انتها ٿي وئي، صوبي ادلب ۾ مبينا ڪميائي حملي تباهي مچائي ڇڏي، 20 ٻارڙن سوڌو 72 ڄڻا مارجي ويا، عالمي طاقتن ۽ باغين جا هڪ ٻئي تي الزام جاري آهن، سلامتي ڪائونسل اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو، …

تفصيل »

سعودي حڪومت عمري جي سيزن ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت عمري ادائگي لاءِ سيزن ۾ هڪ مهيني جو اضافو ڪري ڇڏيو ته جيئن وڌ کان وڌ مسلمان مقدس فرض ادا ڪري سگهن. عرب نيوز مطابق سعودي عرب جي حج ۽ عمري جي وزارت عمري سيزن ۾ هڪ مهيني جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد …

تفصيل »