22 جمعرات , نومبر 2018

انٽرنيشنل

ترڪي جي صدر جي مبينا توهين تي اڳوڻي سونهن راڻي کي سزا

انقره(ع آنيوز) ترڪي ۾ اڳوڻي سونهن راڻي کي انسٽا گرام تي صدر طيب اردگان لاءِ توهين جوڳو نظم پوسٽ ڪرڻ تي سزا ٻڌائي وئي آهي. عدالت 27 سالن جي مروي بيوڪ سراڪ کي 14 مهينا معطل رهڻ جي سزا ٻڌائي. عدالت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو ايندڙ پنجن سالن …

تفصيل »

بلاول ۾ بينظير جي جھلڪ نظر اچي ٿي: هيلري ڪلنٽن

ملتان (ع آ نيوز) ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي آمريڪي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري بلڪل پنهنجي ماءُ جيان لڳي ٿو ۽ اُن مان سندس ماءُ جون جهلڪون محسوس ٿين ٿيون، خابرو ادارن موجب هيلري ڪلنٽن اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي لکيل ٽيڪسٽ ميسيج ۾ …

تفصيل »

افغان طالبان جو عدالت تي حملو،  5 ويڙهاڪن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا، چيف جسٽس سميت 12 ڄڻا زخمي

ڪابل(ع آ نيوز) افغانستان جي غزني شهر ۾ هڪ عدالت تي حملو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فورسز جي جوابي ڪارروائي 5 عسڪريت پسند مارجي ويا. افغان ميڊيا موجب طالبان عسڪريت پسندن افغانستان جي شهر غزني ۾ هڪ عدالت تي حملو ڪيو جنهن جي اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي …

تفصيل »

آمريڪا مڇرن کي دهشتگرد تنظيم کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

نيويارڪ(ع آ نيوز) آمريڪا مڇرن کي ڪنهن وڏي دهشتگرد تنظيم کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏيندي ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته مڇرن کي مارڻ ائين ئي آهي جيئن ڪنهن دهشتگرد کي مارڻو هجي. رپورٽ موجب اوباما انتظاميه زيڪا …

تفصيل »

وزيراعظم نواز شريف کي آپريشن کان پوءِ هوش اچي ويو

لنڊن (ع آ نيوز) وزيراعظم نواز شريف آپريشن کان پوءِ هوش ۾ اچي ويو آهي، خابرو اداري موجب وزيراعظم نواز شريف دل جي آپريشن کان پوءِ آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو هو، هاڻي وزيراعظم نواز شريف کي آپريشن جي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ هوش اچي ويو آهي …

تفصيل »

قندوز ۾ طالبان هٿان 45 مسافر يرغمال، 16 کي قتل ڪيو ويو: افغان ميڊيا

قندوز (ع آ نيوز) افغانستان جي شهر قندوز ۾ طالبان 45 مسافرن کي اغوا ڪري ورتو، پرڏيهي خابرو ايجنسيءَ موجب انهن مسافرن مان 16 مسافرن کي قتل ڪيو  آهي. افعان ميڊيا موجب طالبان قندوز شهر ۾ مسافرن جي ٽِن بسن ۽ ٽين وينن کي روڪيو، ان مقصد جي لاءِ طالبان …

تفصيل »

لندن ۾ نواز ليگ جي انفارميشن سيڪريٽريءَ جي گھر تي حملو، ڀڃڊاهه، گھر ۽ گاڏي کي نقصان

لنڊن (ع آ نيوز) لنڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي انفارميشن سيڪريٽريءَ جي گھر تي اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪري گھر ۽ گھر ٻاهران بيٺل گاڏين کي نقصان پهچايو. گذريل رات لنڊن ۾ ن ليگ جي انفارميشن سيڪريٽري اقبال سنڌو جي گھر تي اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪري گهر جي دروازن …

تفصيل »

دهشتگردن جي موجودگي تائين شام ۾ جنگ جاري رهندي: ايران

تهران(ع آ نيوز) شام جي اترين شهر حلب ۾ باغين جو قبضو ڇڏائڻ تائين فوجي مداخلت جو سلسلو جاري رهندو. سعوديه جي خابرو اداري موجب ايراني بچاءُ واري وزير حسن ڌقان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جيسيتائين دهشتگردن جي قبضن هيٺ علائقا آزاد نه ڪرائينداسين تيسيتائين حلب ۾ جنگ …

تفصيل »

شام ۾ موت جو رقص جاري، روسي بمباري ۾ 7 ٻارن سميت 23 ڄڻا مارجي ويا

دمشق(ع آ نيوز)ڇڪتاڻ جي شڪار شام ملڪ ۾ موت جو رقص جاري آهي. دهشتگردن جي حملن ۾ روزاني ڪيترائي عام شهري موت جي منهن ۾ ڌڪيا پيا وڃن. گذريل رات شام جي شهر ادلب تي حملن ۾ 23 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب روسي جنگي طيارن …

تفصيل »

سعودي عرب ۾ پيدا ٿيندڙ پرڏيهين کي شهريت نه ڏيڻ جو فيصلو

رياض(ع آ نيوز) سعودي عرب گهرو وزارت اعلان ڪيو آهي ته سعودي عرب ۾ پيدا ٿيندڙ پرڏيهين کي شهريت نه ڏني ويندي. سعودي عرب ۾ سوشل ميڊيا تي افواهون ڦهلايون ويون ته سعوديه جي شاهي خاندان سلطنت ۾ پيدا ٿيندڙ پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي …

تفصيل »