21 اتوار , اکتوبر 2018

انٽرنيشنل

والاريل ڪشمير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس معطل

سرينگر (ع آ نيوز) والاريل ڪشمير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس معطل ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب والاريل ڪشمير جي علائقي، بارا مولا، ڪپواڙه، بانڊي پوره ۽ ٻين علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي جڏهن ته حريت اڳواڻن جي اپيل تي …

تفصيل »

آمريڪا جو عراق ۽ شام ۾ داعش خلاف آپريشن جو پهريون مرحلو مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪا عراق ۽ شام ۾ داعش خلاف آپريشن جي پهرئين مرحلي جي ڪاميابي سان پڄاڻي جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. پينٽاگون ترجمان جو چوڻ آهي ته داعش خلاف ويهن مهينن کان جاري پهريون مرحلو ڪامياب رهيو، هاڻي ٻيو مرحلو شروع ڪري رهيا آهيون. پينٽاگون جي ترجمان موجب …

تفصيل »

ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي شيطان چوندڙ سياستدان جي دفتر تي پيٽرول بم حملو

ڪوالالمپور(ع آ نيوز) ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي شيطان چوندڙ پنانگ رياست جي هڪ سينيئرسياستدان ۽ پنانگ هندو انڊوومينٽ بورڊ جي چيئرمين جي دفتر تي پيٽرول بم حملو ڪيو ويو جڏهن ته رياست جي وڏي وزير راما سيمي جي آفيس تي حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. پرڏيهي خابرو …

تفصيل »

ترڪي ۾ چيڪ پوسٽ تي ڪار بم ڌماڪو، 8 فوجي ۽ 30 باغي مارجي ويا

دياربڪر(ع آ نيوز)ترڪ جي ڪرد اڪثريتي علائقي ۾ بم ڌماڪو ۽ چڪرين ۾ 8 فوجي ۽ 30 باغي مارجي ويا جڏهن ته 57 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. پرڏيهي خابرو ادارن ٻڌايو ته دياربڪر صوبي جي ضلعي هاني ۾ فوجي چيڪ پوسٽ تي ڪار بم ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي …

تفصيل »

فيس بڪ جو باني صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪڙڪي پيو

نيويارڪ(ع آ نيوز) فيس بڪ جو باني مارڪ زڪر برگ آمريجا جي  مسلمان مخالف نظرين جي حامي ۽ صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪڙڪي پيو. ڊونلڊ بابت هن ڳالهائيندي چيو ته ماڻهن جي اميدن تي خوف طاري رهندو آهي. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ ڀت ٺاهڻ چاهي ٿو. …

تفصيل »

ممبئي: رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 30 ڄڻا زخمي

ممبئي(ع آ نيوز) ڀوانڊي جي علائقي ۾ رهائشي فليٽن ۾ باهه لڳي وئي جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 80 کان وڌيڪ ڄڻا عمارت ۾ ڦاسي پيا جن مان 20 ڄڻن کي زندهه ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن ته ٻين کي بچائڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. ڀارتي ميڊيا موجب رهائشي …

تفصيل »

ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل ڀارتي قيدي دل جو دورو پوڻ سبب فوت

لاهور(ع آ نيوز) لاهور جي ڪوٽ لکپت ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل ڀارتي قيدي ڪرپال سنگهه فوت ٿي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ڦاهي جي سزا ٻڌايل 55 سالن جي قيدي ڪرپال سنگهه جي اوچتو طبعيت خراب ٿي وئي جنهن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال اماڻيو ويو جتي هو فوت …

تفصيل »

ڊيوڊ ڪيمرون اعتماد وڃائي چڪو آهي، پاناما ليڪس معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي: ليبر پارٽي

لنڊن (ع آ نيوز) برطانيا جي اپوزيشن جماعت ليبر پارٽي پاناما ليڪس ۾ وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون بابت ٿيل انڪشافن جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي برطانيا جي اپوزيشن ليڊر ليبر پارٽي جي جيرمي ڪاربون پاناما ليڪس معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪندي …

تفصيل »

آف شور ڪمپنين سان منهنجو ڪو واسطو ناهي: ڪيمرون، وزير اعظم اعتماد وڃائي چڪو آهي: اپوزيشن

لنڊن(ع آ نيوز) برطانيا جي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون پارليامينٽ ۾ خطاب دوران آف شور ڪمپنين کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن آف شور ڪمپنيون کولي رکيون آهن، پر منهنجي پيءُ جي باري ۾ ڏک ڏيندڙ ڳالهيون ڪيون ويون. پاناما ليڪس ۾ معاملو اچڻ کانپوءِ پهريون …

تفصيل »

لبيا ۾ وڏي غلطي ٿي: باراڪ اوباما جو اعتراف

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي صدر باراڪ اوباما لبيا ۾ قذافي کانپوءِ گھرو ويڙهه کي پنهنجي بدترين غلطي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پر هُن لبيا ۾ مداخلت ۽ قذافي کي هٽائڻ واري معاملي جو بچاءُ ڪيو. آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي صدر باراڪ حسين اوباما چيو ته لبيا …

تفصيل »