20 منگل , نومبر 2018

ٻار

جاڳو ٻارو!

جاڳو ٻارو جاڳي جڳ، وٺو سجاڳيءَ وارو دڳ.   جاڳيو آ جاپان ڏسو! اٿيو انگلستان ڏسو! ترڪي، ۽ ايران ڏسو! هر صديءَ جو وٺن ٿا اڳ.   هت ڇا کان انڌير هجي! روشنين سان وير هجي! من ۾ ڇا کان مير هجي، دوکو آهي اهڙو دڳ.   قابليت ۾ زور …

تفصيل »

۽ چنڊ اجهامي ويو

           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن جي ڊاڙ پئي هنئي. اڄ عيد جو چنڊ بيهڻو هو، ان لاءِ اڳواٽ ننڍن وڏن ٻارن جي منهن تي مرڪ هئي! سول اسپتال جي ڀرسان هڪ عورت ويٺي آهي جنهن کي به ٻه معصوم مکڙي …

تفصيل »

ڪبوتر

اڇو ڪبوتر مون آ پاليو، سُٺو ڪتوبر مون آ پاليو.   داڻو ان کي ٿو کارايان، ڇمڪيون پيرن ۾ پارايان.   مون کي ڏسي هو ٻوليندو آ، پر خوشيءَ مان کوليندو آ.   آئون پکين سان ڪريان ٿو، هر پل تن جي سار لهان ٿو.   آهه ڪبوتر امن علامت، …

تفصيل »

هاري

آئون ته هڪڙو آهيان هاري، مون کي ڄاڻي دنيا ساري.   پرهه ڦٽيءَ جي ويل اٿان ٿو، پهرين رب جو نانءُ وٺان ٿو، پوءِ ٻني جي ڪريان تياري، آئون ته هڪڙو آهيان هاري.   ڏينهن سمورو هر هلايان، سڀ ڪنهن لئه ٿو اَنُ اُپايان، بارُ مٿي تي آهي ڀاري، آئون …

تفصيل »

چئو واٽو

           ننڍڙو پپو گهر ۾ مينا وانگر ٻوليندو هو. اڄ جيئن حيدرآباد کان ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ته پپو لاءِ سوچيم ڪو رانديڪو وٺيو وڃان. شهر مان ننڍڙو جهاز ورتم. واٽ تي سوچيندو رهيس، پپو جهاز ڏسي ڪيترو نه خوش ٿيندو! گهر ۾ گهڙيس ته صفا ماٺ ڇانيل هئي. …

تفصيل »

 ڀاءُ

منهنجا پيارا ننڍڙا ڀاءُ، توکي ڳالهه ٻُڌايان آءُ! اڄ کان اچ، تون هل اسڪول، پڙهڻ لکڻ ۾ ٿي مشغول. توکي ڏيندو بابا پيار، ماءُ به صدقي سوء سوء وار. پاڻ ٻئي جي پڙهنداسين، گُل جيان ڄڻ ٽڙنداسين. ٿيندو پنهنجو جٿ ڪٿ مانُ، ابي امان جو وڌندو شانُ.

تفصيل »

ٻالڪ زنده باد هُجن

شاد هُجن، آباد هُجن، ٻالڪ زنده باد هُجن. ڌرتي جا رکوالا هِي، ڪندا ڪم نرالا هي، موتين جي ڄڻ مالها هي، هر ڏُک کان آزاد هُجن. ٻولي ساڻ سڀائن ٿا، لوليءَ ساڻ نڀائن ٿا، ڇوليءِ ساڻ نڀائن ٿا، دُعا ڪريو سڀ شاد هُجن. ”بيخود“ اڳتي وڌندا نيٺ، منزل ساڻ ڪندا …

تفصيل »

ڪِڪڙو

گيت خوشيءَ جوهر ڪنهن ڳايو گهر ۾ ننڍڙو ڪِڪِڙو ڄايو،   ساري گهر جي هِن ۾ جان، واهه پيارو هِي مهمان!   ماسيون چاچيون خوب کڻن ٿيون، ماءُ  ۽ ڀينر شاد ٿين ٿيون،   چاچن کي هو پيارو آهي، مامن اک جو تارو آهي.   بابي آڻي جام مِٺائي، ڳوٺ …

تفصيل »

ٻِلڙي

آئي آئي ڪاري ٻِلڙي! ڪاري ڪاري پياري ٻِلڙي   ڪُنڊَ ۾ ٺاهيو هُن آ ديرو، گهر سڄي کي ڏي  ٿي ڦيرو آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!   گهر جي چوڪيداري وڏي آ، ٻلڙي هيءَ هوشيار وڏي آ آئي آئي ڪاري ٻِلڙي!   ڪُوئا هِن کان لهرائن ٿا گهر ۾ ايندي گهٻرائن …

تفصيل »

خرڪار

رجب پيءُ- ماءُ جو اڪيلو پٽ هو. هن کي پيءُ- ماءُ ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپايو، سندس پيءُ  هاري هو. پر پوءِ سندس ذهن ۾ اها سوچ هئي  ته پٽ کي پڙهائي آفيسر ڪنداسين. رات جي وقت ٻئي زال مڙس چلهه وٽ وهندا هئا ۽ رجب به ڀرسان ڪتاب کولي …

تفصيل »