13 منگل , نومبر 2018

نڪور خبرون

بئنڪ ڊيٽا هيڪ ٿيڻ بابت ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي: احسن اقبال

Extremism is going on in the country: Ahsan Iqbal

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي سمورين بئنڪن جي ڊيٽا هيڪ ڪئي وئي آهي، منهنجي درخواست آهي ته ناڻي وارو وزير اڻ حوالي سان ايوان کي اعتماد ۾ وٺي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته …

تفصيل »

شريف خاندان جي سزا بحال ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته  ظاهري طور ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائن بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءِ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نواز …

تفصيل »

مظاهرن دوران وڳوڙن جي رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ تازو ٿيل مظاهرن دوران ڀڃ ڊاهه بابت شروعاتي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان کي چين جي دوري تان واپسي تي ملڪ ۾ تازو مسيحي عورت آسيه بي بي جي بريت خلاف ٿيل احتجاج بابت شروعاتي رپورٽ پيش …

تفصيل »

پاڪستان جي گهڻي قدر بئنڪن جي ڊيٽا هيڪ ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ گهڻي قدر بئنڪن جي ڊيٽا پرڏيهه مان هيڪ ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر سائبر ڪرائمز ونگ ڪئپٽن رٽائرڊ شعيب هڪ انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان ۾ گهڻي قدر بئنڪن جي ڊيٽا پرڏيهه مان هيڪ ڪئي وئي آهي، گذريل هفتي …

تفصيل »

ڪراچي ۾ وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ فورس قائم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) هنگامن، قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ريلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي پوليس به عالمي طرز تي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ وڳوڙن کي خاتمي جي فورس جوڙي وئي آهي.  اينٽي رائٽس فورس زونل سطح تي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي نفري زونل ڊي آءِ …

تفصيل »

وڳوڙين کي خلا ۾ موڪليو ته حڪومتي بئنچون خالي ٿي وينديون: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وڳوڙي سياستدانن کي خلا ۾ موڪليو ويو ته حڪومتي بئنچون خالي ٿي وينديون. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسپارڪو خلا ۾ ماڻهو موڪلڻ لاءِ پنجن سالن جي ڊيٽا گهري آهي، منهنجي …

تفصيل »

هي اهو ئي فواد چوڌري آهي جيڪو ڪڏهن آصف زرداري جي تعريف ڪندو هو: مراد علي شاهه

Corruption of corruption will be with no good governance: Murad Ali Shah

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آفيسرن کي خوف وڪوڙي ويو آهي، اوهان کي خوف جي ماحول مان نڪرڻو ئي ناهي ته پوءِ اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون. تفصيل موجب نينشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنجمنٽ ۾ 26 هين ميڊ ڪيريئر مئنجمنٽ ڪورس پروگرام …

تفصيل »

فواد چوڌري اسپيس شپ جي ڊرائيونگ پاڻ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت کي 50 لک گهرن ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو حساب ڏيڻ کانسواءِ خلا ۾ وڃڻ نه ڏينداسين، فواد چوڌري اسپيس شپ جي ڊرائيونگ پاڻ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. احتساب عدالت اسلام …

تفصيل »

وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما  خانم ايف آءِ اي وٽ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خانم دبئي ۾ ملڪيت جي معاملي تي ايف آءِ اي لاهور کي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خانم ايف آءِ اي کي ڏنل لکت جواب ۾ پنهنجي دبئي ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ جا …

تفصيل »

تطهير فاطمه بنت پاڪستان ڪيس ۾ هاڻي رياست جو موقف ٻڌڻو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته  تطهير فاطمه بنت پاڪستان ڪيس ۾ هاڻي رياست جو موقف ٻڌڻو آهي. تطهير فاطمه بنت پاڪستان ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي معاون مخدوم علي ولديت تبديلي جون سفارشون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون ۽ چيو ته والدين جو نالو …

تفصيل »