20 منگل , نومبر 2018

نڪور خبرون

سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس 3 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Medicine price matters: unless government notification does not come forward, the increase will not increase: Chief Justice

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس ٽن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس جو مدو 17 نومبر تي ختم ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ واڌ لاءِ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ 16 نومبر …

تفصيل »

وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تنقيد جو ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو

PM Imran sets the record straight on Trump’s tirade against Pakistan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان تي تنقيد جو ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته صدر ٽرمپ کي پاڪستان بابت ريڪارڊ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته نائن اليون …

تفصيل »

ڪراچي : لائٽ هائوس ۾ قائم حددخلين خلاف آپريشن، دڪاندارن جو احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جاري حددخلين خلاف آپريشن دوران اڄ آرام باغ کانپوءِ لائٽ هائوس جي علائقن ۾ غيرقانوني دڪانن کي ڪيرائڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن تي دڪاندار سراپا احتجاج آهن. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن( ڪي ايم سي ) طرفان لائٽ هائوس ۽ آرام باغ جي علائقي ۾ قائم …

تفصيل »

جي آءِ ٽي اعظم سواتي ۽ ملازمن کي جهيڙي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ جي اسلام آباد بدلي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. رپورٽ ۾ اعظم سواتي ۽ سندس ملازمن کي فارم هائوس تي جهيڙي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار آءِ جي اسلام آباد …

تفصيل »

وزيراعظم 15 هزار جعلي اڪائونٽ ۽ اربين رپين جي ڪرپشن پڪتي آهي: فياض الحسن

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب جي اطلاعات  واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 15 هزار جعلي اڪائونٽ ۽ ڪيترن ئي ارب رپين جي ڪرپشن ڳولي لڌي آهي، عمران خان جو پرڏيهه ۾ ڪا به ملڪيت ۽ اڪائونٽ ناهي.  لاهور ۾ نيب جي تقريب کي …

تفصيل »

ابوظهبي ٽيسٽ: نيوزيلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

Pakistan fall short as NZ win Abu Dhabi thriller

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز )ابوظهبي ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي چئن رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ابوظهبي جي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيوي ٽيم کٽڻ لاءِ قومي ٽيم کي 176 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم 171 رنسن تي ڍير …

تفصيل »

ڀارت مس ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، ڀارت طرفان مس ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽هزاره ڊويزن جي صحافين آءِ ايس پي آر جو دورو ڪيو ۽ …

تفصيل »

خبر ناهي نئون پاڪستان ٺهندو به الائي نه؟ چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار راوي درياءَ ۾ گندو پاڻي وجهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته خبر ناهي ته نئون پاڪستان ٺهندو به الائي نه.چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ راوي درياءَ ۾ گندو …

تفصيل »

پرويز مشرف کي قانون حوالي ڪرڻ تائين رليف نه ملندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف جو بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ خلاف درخواست دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پرويز مشرف کي قانون حوالي ڪرڻ تائين رليف نه ملندو، بهتر آهي ته توهان دبئي وڃو ۽ پرويز مشرف کي گڏ وٺي اچو،  …

تفصيل »

آرمي چيف طرفان حاجي عبدالوهاب جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، حاجي عبدالوهاب جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي دين لاءِ ڪيل سندس خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب جنرل قمر جاويد باجوا جي حاجي عبدالوهاب جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي …

تفصيل »