16 اتوار , دسمبر 2018

سيوهڻ ڌماڪو

دهشتگرديءَ کي پاڙ کان ڪڍي اڇلائڻ لاءِ حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻا پوندا: خورشيد شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته دهشتگردي جي هن خوفناڪ واردات جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته بدترين دهشتگردن کي بي رحم ٿي ۽ لوهن هٿن سان منهن ڏيڻو پوندو. خورشيد شاهه چيو ته دهشتگردن جو اسلام …

تفصيل »

دهشتگرد ۽ انهن جا سرپرست انساني حياتين سان کيڏڻ بند ڪن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر ممنون حسين سيوهڻ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ۽ انهن جا سرپرست انساني حياتين سان کيڏڻ بند ڪن، صدر ممنون حسين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته لاڳاپيل ادارا زخمين ۽ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن، هن چيو ته رياست …

تفصيل »

سيوهڻ ڌماڪي جي ذميواري داعش قبولي ورتي

سيوهڻ شريف (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ ۾ درگاهه لعل شهباز قلندر تي آپگهاتي ڌماڪي جي ذميواري پابندي پيل تنظيم داعش قبول ڪري ورتي آهي.  رپورٽن موجب داعش لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي آپگهاتي ڌماڪي جي ذميواري ويب سائيٽ ”عماق“ ذريعي قبولي آهي، جنهن موجب عثمان انصاري نالي آپگهاتي بمبار ڌماڪو …

تفصيل »

افسوسناڪ واقعو سنڌ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جو ثبوت آهي: پيرزاده ثاقب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پير صاحب آف راڄڙ شريف جي گادي نشين پيرزاده ثاقب خورشيد عالم سيوهڻ شريف ۾ حضرت عثمان مروندي (رحمته الله) عرف لعل شهباز قلندر جي مزار تي بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ان افسوسناڪ واقعي …

تفصيل »

عوام جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ورتو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قوم پر سڪون رهي، سڪيورٽي فورسز دشمن قوتن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون، آرمي چيف چيو آهي ته اسان پنهنجي قوم سان گڏ بيٺا آهيون، قوم پرسڪون رهي، پاڪ فوج دشمن قوتن کي ڪنهن به …

تفصيل »

اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين کي بهتر طبي امداد فراهم ڪئي وڃي: گورنر سنڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير، لعل شهباز قلندر تي ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آئي جي پوليس کان دهشت گردي جي خوفناڪ واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. …

تفصيل »

رات جو اڏام ڪرڻ وارا هيلي ڪاپٽر سيوهڻ روانا ڪيا ويا آهن: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته رات جو اڏام ڪرڻ وارا هيلي ڪاپٽر سيوهڻ روانا ڪيا ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب سي ون ٿرٽي جهاز به امدادي سامان کڻي سيوهڻ روانا ٿي ويو آهي. زخمين کي سيوهڻ مان کڻي وڃڻ لاءِ …

تفصيل »

آءِ جي سنڌ حيدرآباد رينج ۽ دادو ضلعي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته ڌماڪو لعل شهباز قلندر جي مزار جي اندر ٿيو آهي. اي ڊي خواجه چيو ته جنهن وقت ڌماڪو ٿيو ماڻهن جو وڏو انگ درگاهه تي موجود هو. هن چيو ته خودڪش حملو ڪندڙ درگاهه جي گولڊن دروازي کان داخل …

تفصيل »

سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين کي جلد کان جلد طبي سهولتن لاءِ ڪوشش ڪريون پيا: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي مزار تي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو آهي ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد کان جلد زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪيون …

تفصيل »

لعل شهباز جي مزار تي حملو ترقي پسند پاڪستان جي مستقبل تي حملو آهي: وزيراعظم نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته لعل شهباز جي مزار تي حملو ترقي پسند پاڪستان جي مستقبل تي حملو آهي، هن چيو ته اهو ڪنهن هڪ مٿان نه پر هر شخص مٿان حملو آهي. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ صوفي بزرگن تمام …

تفصيل »