13 منگل , نومبر 2018

شاعري

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

اول نان ! الله جو جيکو خالق خلقڻهار کل نبين کا متهاهون آ محمد مڻو منڻهار علي امام حق جو جيکو اڙين جو آدهار جنهن جو پنجتن سان آپيار سو سر هو هوندو سنسارم

تفصيل »

سچل سرمست

هُت تان ڪير هُياس، ميان وو!هِت ٿي ڪير آيس،نه ڄاڻان !نانءُ ٻيو هُت هو منهنجو، هِت ٻئي نانءَ ٿياس. اچڻ نه هو هِت منهنجو، پر ڪنهن تان خواهش کنياس. هُت هيس معشوقيءَ ۾، هت عاشق ٿي آياس. هيءَ هَي هُئي هُت ڪا نَڪا، هِت منجھ پڙوڙ پياس، ”سچو“ سارو، وو …

تفصيل »

سچل سرمست

هُو ڀِي ڪِينَ اَچِڻو، هِي ڀِي ڪِينَ وِيو، نَفيءَ ۽ اثبات کئُون، پَري خيال پِيو، ”سچو“ سَچُ ٿِيو، ٻي ٻانَهپ ٻولِي ناهِ ڪا.

تفصيل »

سچل سرمست

ناهي ويچاريءَ وَسُ، جو ڪَري ماٺ پَئي رَهي، ڪَنهِين ڇَن نه ڇڏيوم، سندو گَورَنِ گَسُ، ڏونگر منجهان ڏَسُ، پوندم هوت پُنهونءَ جو.

تفصيل »

سچل سرمست

تون سَمو سردار، آءُ ميئي مهاڻي آهيان، تنهنجيءَ شفقت مِهر جو، آهي ڪو نه شُمارُ، گنديءَ گاندَر گهر کان، ڪيو ساري عالم عارُ، مٿي تَنهن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجهر رکي.

تفصيل »

سچل سرمست

اَڃا ڪالهُون ڪالههَ، هُيس مارن گڏ ملير ۾، سي ڏينهن وِيڙا گذري، ڄَڻ منجهه خوابَ خيالَ، اڄ پرئين ڪنڌئين پکڙا، جوڙي ويٺا جالَ، جن جي ساهَ سنڀال، سي اَڄ پنهوارَ پري ٿِيا.

تفصيل »

سچل سرمست

آءُ راڻا ڏي رنگُ، موٽِي ڪاڪا ڪَنڌن کي، لاهجِ لَڳ خداءِ جي، ذرو پُرزو زنگُ، ناميان پاڙج ننگُ، مهڻي هاب مَتان ڪَرين!

تفصيل »

سچل سرمست

گَنگا کانءُ گُزرُ، آهي ڪنِين ڪاپَڙينِ جو، ڪڏهن لوڪ نه لَڙيا، سدا تَن سَفرُ، آهي نامُ مَشَرُ، اُنهن اوڌوتِين جو.

تفصيل »

شيخ اياز

پيار جي وهڪرن ڏي وٺي ٿيون وڃن زندگيءَ جون اکيون، مُرڪ جي موسمن جا ٿيون چهرا چُمن عاشقيءَ جون اکيون، حادثا درد جا روز ڳوليون پيا ڪو خوشيءَ جو وطن، آس احساس کي ڀي ٿيون ڀيلي ڇڏين بي رُخيءَ جون اکيون. ساز پازيب جا ڪي صدائون کڻي رقص ۾ ٿا …

تفصيل »