22 جمعرات , نومبر 2018

شوبز

ننڍپڻ دوران جنسي طور هيسايو ويو: سونم ڪپور جو انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ناليواري بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته ننڍپڻ ۾ کيس به جنسي طور هيسايو ويو.  جنسي طورهيسائڻ بابت هڪ ٽاڪ شو دوران سونم ڪپور پاڻ سان ننڍپڻ ۾ پيش آيل واقعو ماڻهن سان شيئر ڪيو. سونم ڪپور چيو ته مان تمام گهڻي …

تفصيل »

جيڪا ڪجهه به آهيان پاڪستان جي ڪري ئي آهيان : حمائمه ملڪ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) لالي ووڊ اداڪارا حمائمه ملڪ چيو آهي ته ڀارتي فلمن ۾ ڪندي سدائين پاڪستان ۽ پنهنجي عزت کي محفوظ رکيو آهي. اداڪارا چيو ته پنهنجي ملڪ جو وقار برقرار رکڻ منهنجي پهرين ترجيح آهي، منهنجي اصل سڃاڻپ پاڪستان آهي.ميڊيا جي موجب هن چيو ته پنهنجي صلاحتين جي ڄاڻ …

تفصيل »

سري ديوي کي وفات بعد نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو

نئي دهلي (شوبز ) ڀارت جي ليجنڊري اداڪاره سري ديوي کي وفات کانپوءِ فلم (موم) ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ تي نيشنل ايوارڊ سان نوازيو  ويو آهي.ڀارت جي راڄڌاني نئي دهلي ۾ 65 هين نيشنل ايوارڊ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ آنجهاني اداڪارا سري ديود کي بهترين اداڪارا جي …

تفصيل »

سونم ڪپور جي شادي 8 مئي تي ٿيندي، دعوت نامو منظر عام تي اچي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور 8 مئي تي پنهنجي دوست آنند آهوجا سان شاديءَ ڪندي جنهن لاءِ دعوت نامو به منظر تي اچي ويو آهي. سونم ڪپور پنهنجي شادي جو دعوت نامو اي ميلز ذريعي پنهنجي عزيزن ۽ ويجهن دوستن کي موڪليو آهي. ڀارتي ميڊيا …

تفصيل »

جهانوي ڪپور طرفان امڙ سري ديوي کي انوکي انداز ۾ ڀيٽا

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪاره سريوي جي نياڻي ۽ اداڪاره جهانپور ڪپور نيشنل فلم ايوارڊ جي تقريب ۾ پنهنجي امڙ جي ساڙهي پهري سندس يادون تازيون ڪيون ۽ کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. نئين دهلي ۾ گذريل ڏينهن ٿيل نيشنل فلم ايوارڊز جي تقريب دوران فلم …

تفصيل »

فلم ”لوڊ ويڊنگ“ ۾ مهوش حيات جي پهرين جهلڪ جاري

ڪراچي  (شوبز نيوز) هلندڙ سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪيترن ئي فلمن جي ريليز ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ انهن مان هڪ نبيل قريشي ۽ فضاءَ علي مرزا جي ”لوڊ ويڊنگ“   به آهي. ان فلم ۾ ”ايڪٽر ان لاءِ“ جا اداڪار فهد مصطفيٰ ۽ مهوش حيات هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ …

تفصيل »

سلمان خان فلم ”ڀارت“  جي منظر جي عڪسبندي پنجاب ۾ ڪرائيندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان فلم ”ڀارت“ جي ڌار ٿيڻ واري هڪ منظر جي عڪسبندي ايندڙ مهيني پنجاب ۾ شروع ڪندو. رپورٽن موجب اداڪار سلمان خان هدايتڪار علي عباس ظفر جي فلم ”ڀارت“ جي ڌار جي واري هڪ منظر جي عڪسبندي ايندڙ مهيني پنجاب ۾ شروع ڪندو، …

تفصيل »

سوناڪشي سنها ڪرڪيٽر سريش رائنا جي مداح نڪتي

 ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها ڀارتي ڪرڪيٽر سريش رائنا جي مداح نڪتي. رپورٽن موجب اداڪارا سوناڪشي سنها پنهنجي پسنديده ڪرڪيٽر جو نالو ٻڌائيندي چيو ته هوءَ هندوستاني ڪرڪيٽر سريش رائنا کي پسند ڪندي آهي، نه رڳو اهو پر هوءَ سندس بهترين پرفارمنس تي پنهنجي ٽوئيٽر تي کيس …

تفصيل »

گرميءَ کان بچاءَ لاءِ روزانو ساڍا ٽي ليٽر پاڻي پيئندي آهيان: جيڪولين فرنينڊس

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس چيو آهي ته گرمين ۾ تندرست رهڻ لاءِ پاڻي جو وڌيڪ استعمال، ليمن ايڊ ۽ سٺي غذا کائڻ ضروري آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جيڪولين فرنينڊس چيو ته مان گرميءَ کان بچاءَ لاءِ روزانو تقريبن ساڍا ٽي ليٽر پاڻي پيئندي آهيان، جنهن …

تفصيل »

اميتاڀ سان گڏ ڪم ڪرڻ هميشه خواب رهيو آهي: رشي ڪپور

 ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رشي ڪپور چيو آهي ته ساٿي اسٽار اميتاڀ بچن سان گڏ ڪم ڪرڻ هميشه کان خواب رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار رشي ڪپور چيو آهي ته اداڪار اميتاڀ بچن سان منهنجي سفر جي شروعات 42 سال پهريان فلم ”ڪڀي ڪڀي“ سان ٿي، جنهن …

تفصيل »