14 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي

بلاول ڀٽو زرداري طارق روڊ ۽ شاهراهه فيصل جي وڌيل حصي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ نئين ٺهندڙ طارق روڊ ۽ شاهراهه فيصل جي وڌيل حصي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، تقريب ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪابينا جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول …

تفصيل »

مزاحيه فنڪار ببو برال جي وڇوڙي کي 6 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي نرالي اسٽائيل ۽ جملن سان ماڻهن کي کلائيندڙ ناليواري مزاحيا اداڪار ببو برال جي وڇوڙي کي ڇهه سال گذري ويا آهن، پر سندس جملا اڄ به ماڻهن جي مسڪرائڻ جو سبب بڻيل آهن، اسٽيج ڊرامن، فلمن ۽ ٽي وي ذريعي خوشيون ۽ مسڪراهٽون پکيڙيندڙ ببو برال …

تفصيل »

رينجر جي اختيارن وارو معاملو رولڙي مان نه نڪتو، وڏي وزير صحيح نه ڪئي، رينجرز بيرڪن ۾ ويهي رهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ رينجرز جي خاص اختيارن ۾ واڌ وارو معاملو هڪ ڀيرو وري رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، وفاق پاران اماڻيل سمري وڏي وزير جي ميز کان اڳتي نه ســُري سگهي، نه ئي وري ڪو نوٽفڪيشن جاري ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته اختيارن ۾ واڌ نه ٿيڻ …

تفصيل »

بدعنوان ماڻهن مان ڌَپ ۽ ڪرڀ ايندي آهي، انهن سان گڏ ويهي به نٿو سگھان: ممنون حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته بدعنوان ماڻهن مان ڌَپ ۽ ڪرڀ ايندي آهي، انهن سان گڏ ويهي به نٿو سگھان، گورنر هائوس ۾ پنجاب حڪومت طرفان ڪراچي پريس ڪلب کي گران ڏيڻ واري تقريب رٿي وئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر محمد زبير به شريڪ ٿيو، …

تفصيل »

ڊاڪٽر عاصم حسين کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم جو نالو اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم رد ڪندي کيس 2 هفتن جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچيءَ جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم …

تفصيل »

وڏي وزير جي صدارت ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ترقياتي منصوبن بابت اجلاس، هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي سالياني ترقياتي پروگرامن بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن مير هزار خان بجاراني، ڄام خان شورو، ڄام مهتاب ڏهر، امداد پتافي، فياض ٻٽ، ترقي ۽ منصوبا بنديءَ جي چيئرمين محمد …

تفصيل »

ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي، سياست ڇڏڻ ڇاهيان ٿو: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ آهي ته سندس  طبعيت خراب آهي، هو سياست ۾ حصو نه وٺندو. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ …

تفصيل »

سڄي سنڌ ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جو ٻيو مرحلو شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثانوي تعليمي بورڊ تحت ميٽرڪ جي ٻئي مرحلي جا امتحانن جي اڄ کان شروعات ٿي وئي آهي ۽ بورڊ انتظاميا طرفان ڪاپي روڪرائڻ جي لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ڪراچيءَ ۾ ثانوي تعليمي بورڊ تحت ميٽرڪ جي ٻئي مرحلي جي امتحانن جي شروعات ٿي وئي آهي، …

تفصيل »

رينجرز جي خاص اختيارن جو مُدو پورو ٿي ويو، وڏي وزير سمريءَ تي صحيح نه ڪئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز جي خاص اختيارن جو مُدو ختم ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر مونجھاري جو شڪار ٿي وئي آهي، رينجرز کي ڇاپن ۽ گرفتارين جي لاءِ خاص اختيارن ۾ واڌ نه ملي سگھي آهي، آص علي زرداريءَ جي ويجھن ساٿين جي گم ٿيڻ کان پوءِ …

تفصيل »

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، مقابلو، جوابدار مارجي ويو، هٿيار هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪندي مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي ماري ٽارگيٽ ڪلر سميت 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي  سٽي عديل چانڊيو موجب پوليس لياريءَ جي ڪلاڪوٽ جي علائقي نوالين ۾ مبينا پوليس مقابلي کان پو3 هڪ …

تفصيل »