17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ سماچار

ڪراچي: شاهه فيصل ۾ نجي اسڪول جو شاگرد پر اسرار نموني فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ۾ هڪ نجي اسڪول ۾ شاگرد پر اسرار نموني فوت ٿي ويو آهي، اسڪول انتظاميا موجب فوت ٿي ويل ٻار جي سڃاڻپ زونين جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو ٽئين ڪلاس جو شاگرد هو. زونين ڪينٽين جي لائن ۾ بيٺو هو ته اوچتو …

تفصيل »

کنڊ گم ٿيڻ وارو معاملو :بئنڪنگ ڪورٽ طرفان انور مجيد کي 20 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) بئنڪنگ ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائوڻٽس ڪيس ۾ گرفتار اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد کي 20 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اومني گروپ جي قرض جي بدلي گروي رکيل کنڊ گم ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي …

تفصيل »

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڪوهيڙوڇانيل، مٿانهن علائقن ۾ برسات ۽ برفباري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڪوهيڙو ڇانيل آهي جنهن سبب ٿڌ ۾ معمولي واڌ ٿي آهي، جڏهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير وسڪارو ٿيو جنهن کانپوءِ سيءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي. موسميات واري کاتي موجب ڪراچي ۾ 3 ڏينهن …

تفصيل »

پاڪستان بابت گردش هيٺ ناڪاري تاثرن کي ختم ڪرڻو پوندو: جنرل زبير حيات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات جو چوڻ آهي ته پاڪستان بابت گردش هيٺ تاثرن کي ختم ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير حيات چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پنهنجي حياتي ۾ پاڪستان …

تفصيل »

خراب کاڌو کائڻ سبب 2 ٻارن جي فوتگي وارو معاملو: فوڊ اٿارٽي جي نگراني لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صحت لاءِ نقصانڪار کاڌو کائڻ سبب 2 ٻارن جي فوتگي واري معاملي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني فوڊ اٿارٽي جي نگراني جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، سنجي پارواڻي ۽ گهنور خان اسران کي شامل ڪيو ويو آهي، اِها …

تفصيل »

ٻٽي شهريت: فيصل واوڊا جواب جي لاءِ مهلت گهري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آبي مسئلن واري مملڪتي وزير فيصل واوڊا ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ عدالت کان وڌيڪ مهلت طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت جي ڪري نااهلي بابت معاملي جي ٻڌڻي ٿي ۽ مملڪتي وزير جي وڪيل پنهنجو وڪالت …

تفصيل »

ڇا احتساب رڳو چونڊيل سياستدانن جو ئي ٿيڻو آهي: بختاور زرداري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڇو اڃا تائين اڳوڻو آمر گولف ڪورس ۾ ملندو آهي، سوال اهو آهي ته اڳوڻو آمر ڪٿي آهي، ڇا رڳو احتساب چونڊيل نمائندن جو ٿيڻو آهي.  ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ آصف زرداري …

تفصيل »

سنڌ سرڪار جون ڪيتريون ئي قيمتي ناڪاره گاڏيون گم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار جون ڪيتريون ئي ناڪاره قيمتي گاڏيون گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.  اڳوڻي وڏي وزير  قائم علي شاهه  جي دور ۾ استعمال ٿيل قيمتي سرڪاري گاڏيون ڪراچيءَ ۾ قائم  بلوچستان هائوس جي اڱڻ ۾ موجود آهن جتان سندن نمبر پليٽس سميت پرزا به گم …

تفصيل »

ٻارڙن جي موت وارو معاملو: ايم ايل او رپورٽ تيار، نمونا فارنزڪ ليب روانا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مبينا طور صحت لاءِ  هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙن جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻارڙن جا نمونا فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن. ايڊيشنل پوليس سرجن ڊاڪٽر شيراز موجب ميڊيڪل ليگل رپورٽ پوليس حوالي ڪئي وئي آهي،  ٻنهي …

تفصيل »

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ختم نه ٿيندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حڪومت وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناهي، احتساب جو چورن وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙ نظر اچي رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي …

تفصيل »