17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ سماچار

چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: متحده اڳواڻ قمر منصور جي ضمانت منظور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس ۾ متحده اڳواڻ قمر منصور جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. مليل ڄاڻ موجب عدالت متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ قمر منصور جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس ۾ ضمانت مظنور ڪئي وئي آهي ۽ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي …

تفصيل »

مراد علي شاهه صحيح چيو، هر ماڻهو پاڻ کي وڏو وزير سمجھي: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته سيد مراد علي شاهه صحيح چيو آهي ته هر فرد پاڻ کي وڏو وزير سمجھي، سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هر شخص جي ڪوشش هجي ته صوبي جي ترقي ٿئي، …

تفصيل »

رينجرز ۽ پوليس جا ايم ڪيو ايم جي شاهه فيصل ۽ سرجاني سيڪٽر آفيسن تي ڇاپا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي سرجاني ۽ شاهه فيصل ڪالوني وارن علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس پاران ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيسن جو گهيراءُ ڪيو ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب گرفتار جوابدارن جي ڏس تي پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا ايم ڪيو ايم جي شاهه فيصل ٽائون ۽ سرجاني …

تفصيل »

پرويز مشرف جي ڪراچيءَ ۾ملڪيت ضبط ڪرڻ واري ڪارروائي شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستا مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ واري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، اسپيشل جج اسلام آباد جي حڪمن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اتر عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. اڳوني صدر جي اتر ڪراچيءَ ۾ موجود ملڪيت ۾ …

تفصيل »

ڪراچي جي ڊفينس ۾ واپاريءَ جي گھر تي دستي بم حملو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي درخشان ۾ گھر تي دستي بم حملو ڪيو ويو آهي، حملي جي نتيجي ۾ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي. پوليس موجب ڊفينس جي علائقي درخشان ۾ دستي بم حملو آغا هاشم نالي واپاريءَ جي گھر تي ڪيو ويو آهي. آغا هاشم ڏکڻ …

تفصيل »

سپر هاءِ وي تي ڪاٺ جي گدام ۾ باهه لڳي وئي، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي گلشن معمار ڪيمپ ويجهو ڪاٺ جي خالي پيٽين جي گودام کي باهه لڳي پئي جنهن تي چئن ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ ضابطو آندو ويو. ميڊيا رپورٽ موجب سپر هاءِ وي ويجهو ڪاٺ جي پيٽيون ٺاهيندڙ گودام ۾ باهه لڳي وئي جنهن بعد …

تفصيل »

ڪراچي سرجاني ٽائون ۾ پاڻي جي ٽانڪي ۾ لڪايل هٿيار هٿ

ڪراچي(ع آ نيوز) ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ رينجرز ڇاپو هڻي اتي پوريل هٿيارن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري ورتو آهي. رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳجھي اطلاع تي ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، ڪارروائي دوران هڪ گھر تي …

تفصيل »

اڳوڻي مڙس کان تحفظ ڏياريو وڃي، روهڙي واسڻ جو ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري

روهڙي(ن ع آ) روهڙي شهر جي مساڻ روڊ پاڙي جي  رهواسڻ مسمات بيبي زال صاحب خان  جو ٻئي ڏينهن به پنهجن 5 معصوم ٻارن سميت اڳوڻي مڙس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا وارن آڏو دانهيندي روئيندي ٻڌايو ته سندس وارثن مهنجي شادي رياض شيخ سان ڪرائي هئي جيڪو بلا جواز …

تفصيل »

قمبر ۾ سولنگي برادري جي عورتن جو پوليس جي ڏاڍاين خلاف مظاهرو

قمبر(ن ع آ) ٽي سال اڳ قمبر ۾ اڳوڻي مڙس مير چانڊيو هٿان قتل ٿيل ناري مقتولا نازيا سولنگي جي وارثن محمد بچل سولنگي رقعيت خاتون غلام عباس سولنگي محبوب علي سولنگي ۽ ديدار علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ عورتن سميت پريس ڪلب قمبر آڏوسٽي پوليس ۽ ڊي ايس پي …

تفصيل »

ميرو خان ڀرسان اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب استاد ۽ شاگرد زخمي

ميروخان(ن ع آ) ميروخان تعلقي جي ڳوٺ ڪارڙا ۾ گورنمينٽ لوئر سيڪنڊري اسڪول جي اٺين ڪلاس ۽ هيڊ ماستر جي آفيس جي ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ سبب هيڊ ماسترمنور علي ڪوري، استاد محمد يامين گاڏهي ۽ ٽي شاگرد ثناءٌ الله خشڪ، جان محمد بروهي ۽ احمد علي مگسي زخمي ٿي …

تفصيل »