16 جمعہ , نومبر 2018

اسپيشل رپورٽس

رپورٽ: ڀرياسٽي : ارڙي کان بچاءُ لاءِ شروع ٿيندڙ مهم جي سلسلي ۾جاڳرتا ريلي

*ڀرياسٽي ۾ارڙي کان بچاءُ لاءِ شروع ٿيندڙ مهم جي سلسلي ۾جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڪيترائي والدين ٻارن کي ٽڪا لڳائڻ ۾تعاون نٿا ڪن. هنن والدين کي اپيل ڪئي ته پنهنجي ٻارن کي ارڙي جا ٽڪا لڳرائي کين بيمارين کان بچايو وڃي.

تفصيل »

رپورٽ: مٺي : اسلام ڪوٽ ۾استاد ۽ شاگردن پاران اسڪولن ۾ٻارن جي داخلا لاءِ جاڳرتا ريلي

*اسلام ڪوٽ ۾استاد ۽ شاگردن پاران سرڪاري اسڪولن ۾ٻارن جي داخلا لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي استادن اسڪول کان ٻاهر ٻارڙن جي والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي اولاد کي اسڪول داخل ڪرائي سندن مستقبل سنوارين.

تفصيل »

رپورٽ: نوابشاهه : عوامي آواز منهنجو ڪيس وڙهي انصاف ڏياريو آهي: فرزانا جمالي

Nawabshah: Awami Awaz fought my case and provide me justice: Farzana Jamali

*هيسايل  شاگردياڻي فرزانه جمالي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ تي عوامي آواز ميڊيا گروپ جا ٿورا مڃيندي چيو ته عوامي آواز سنڌ جي مظلومن جو آواز آهي، جنهن ڪيس وڙهي کيس انصاف ڏياريو آهي. شاگردياڻي فرزانا جمالي ۽ سندس وارث اعجاز ۽ اقبال جمالي 42 ڏينهن جي جدوجهد بعد انصاف ملڻ …

تفصيل »

رپورٽ: نوابشاهه : تفريحي ماڳ گورک هل تي سهولتن جي اڻاٺ، سياحن کي تڪليف

Nawabshah: Gorakh hill deprived of basic needs

*گورک هل تي پهتل سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته تفريحي ماڳ تي سهولتون نه هجڻ ڪري سياح سخت تڪليفن جو شڪار آهن. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گورک هل تي رستي، پاڻي، چيئر لفٽ ۽ اسپتال سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٻڌائي …

تفصيل »

رپورٽ: نوابشاهه : حراسمينٽ جو شڪار فرزانا جمالي جو انصاف لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاج

Nawabshah: Harassment case of farzana jamali, protest for justice

*نوابشاهه ۾حراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي فرزانا جمالي جو عورتن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري آهي. فرزانا جمالي توڙي سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي هو ڏيڍ مهيني کان دربدر آهن، نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٻڌائي رهيو آهي …

تفصيل »

رپورٽ: لاکاروڊ: ڪنڊيارو روڊ ۽ پل زبون حالي جو شڪار، مرمت ڪرائڻ جو مطالبو

Lakharoad: Road destroyed completely and no any authority care

*لاکاروڊ-ڪنڊيارو پل ۽ روڊ ڪيترن ئي سالن کان تباهه حاليءَ جو شڪار آهن، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ٽٽل روڊ ۽ پل جو ڪم ڪرائي کين پريشانين کان بچايو وڃي.

تفصيل »

رپورٽ: ڌاٻيجي : ڳوٺ عارب جت جي اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيو، تعليم تباهه

Dhabeji: Education is destroying due to lack of teachers and furniture

*ڌاٻيجي ويجهو ڳوٺ عارب جت جي اسڪول ۾ استاد نه هجڻ ڪري تعليم متاثر ٿي رهي آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾استاد مقرر ڪيو وڃي.

تفصيل »

رپورٽ: مسو ڀرڳڙي : بوائز پرائمري اسڪول ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار، بنيادي سهولتن جي کوٽ

Masubhurgiri: Govt Boys school deprived of basic needs

*مسو ڀرڳڙي جو بوائز پرائمري اسڪول ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ۽ بنيادي سهولتن کان محروم آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾استاد مقرر ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

تفصيل »

رپورٽ: بدين : ڳوٺ علي بخش پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب پوليو مهم جو بائيڪاٽ

Badin: Water shortage at village Ali Bux

*بدين ويجهو ڳوٺ علي بخش پنهور ۾پئيڻ ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته پاڻي فراهم ٿيڻ تائين هو ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا نه پياريندا.

تفصيل »