13 منگل , نومبر 2018

رانديون

وقار يونس جي جاءِ تي اسٽيفن فليمنگ بنگال ٽائيگرز جو هيڊ ڪوچ مقرر

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽين ليگ جي فرنچائز بنگال ٽائيگرز وقار يونس جي جاءِ تي اسٽيفن فليمنگ کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. بنگال ٽائيگرز جي منٽور انيس ساجن پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پهرين سيزن ۾ وقار يونس 100 سيڪڙو …

تفصيل »

آمريڪي ٽيم ۾ شامل پاڪستاني رانديگر پي ايس ايل کيڏڻ جو خواهشمند

هيوسٽن (اسپورٽس نيوز) تازو آمريڪي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ پاڪستان جي مقامي رانديگر جان نثار خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو پاڪستان سپر ليگ جو حصو بڻجي ويندو. جان نثار خان کي تازو آءِ سي سي جي آمريڪا لاءِ ڪواليفائنگ مقابلن لاءِ آمريڪا جي ڪرڪيٽ بورڊ قومي …

تفصيل »

جرمن هيڊ ڪوچ ٽيم ۾ نسل پرستيءَ جو الزام رد ڪري ڇڏيو

برلن (اسپورٽس نيوز) جرمن فٽبال ٽيم جي هيڊ ڪوچ يواخيم لوو ناليواري فٽبالر ميسوط اوزل طرفان ٽيم ۾ نسل پرستي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جرمنيءَ جي ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي تي تبصرو ڪندي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته اوزل نسل پرستي جو الزام مڙهيو …

تفصيل »

ايشن ڪرڪيٽ ڪونسل پاران پاڪ-ڀارت ميچ جون وڌيڪ ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

The decision to sell more tickets of Pak-India Mitch by the Action Cricket Council

لاهور(اسپورٽس نيوز) ايشن ڪرڪيٽ ڪونسل پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جون وڌيڪ ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ 2018 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ 19 سپٽمبر تي دبئي ۾ شيڊول آهي جنهن جي ويب سائٽ تي موجود ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن …

تفصيل »

ايشين گيمز ۾ قومي هاڪي ٽيم لاڳيتي پنجين ميچ کٽي ورتي، بنگلاديش کي شڪست

جڪارتا (اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز جي هاڪي مقابلن ۾ پاڪستاني ٽيم ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي بنگلاديش کي 0-5 تان شڪست ڏئي لاڳيتي پنجين فتح ماڻي ورتي. ايڊونيشيا ۾ جاري ايشين گيمز ۾ مينز هاڪي ٽورنامينٽ جي گروپ بي جي پنجين ۽ آخري ميچ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي …

تفصيل »

ايشين گيمز: پاڪستاني والي بال ٽيم هٿان ڀارت کي شڪست

جڪارتا (اسپورٽس نيوز) 18هين ايشين گيمز مينز انڊور والي بال ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم ڪلاسيفڪيشن ڪوارٽر فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي. انڊونيشيا ۾ جاري ايشين گيمز ۾ اڱاري ڏينهن کيڏيل والي بال ايونٽ ۾ ستين کان ٻارهين پوزيشن لاءِ ڪلاسيفڪيشن ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو …

تفصيل »

لال چند راجپوت زمبابوين ڪرڪيٽ ٽيم جو مستقل ڪوچ مقرر

هراري (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر لال چند راجپوت کي زمبابوين ڪرڪيٽ ٽيم جو مستقل هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. هيٿ اسٽريڪ طرفان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ گذريل ٽن مهينن کان لال چند راجپوت عارضي بنيادن تي زمبابوين ٽيم سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو پر هاڻ کيس مستقل بنيادن …

تفصيل »

ايشين گيمز: هاڪي ايونٽ ۾ گرين شرٽس جي لاڳيتي چوٿين فتح

جڪارتا (اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز 2018ع جي هاڪي ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي ملائيشيا کي به شڪست ڏئي ڇڏي. گرين شرٽس هڪ جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان فتح ماڻي. انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ جاري ايونٽ ۾ اها گرين شرٽس جي لاڳيتي چوٿين ڪاميابي آهي. …

تفصيل »

آءِ پي ايل فڪسنگ ڪيس: بي بي مشرا راجسٿان رائلز جي  راج ڪندرا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

IPL Faxing Case: The Independent rajkundra

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل فڪسنگ ڪيس جي جاچ ڪندڙ بي بي مشرا هڪ ڀيرو ٻيهر راجسٿان رائلز جي اڳوڻي مالڪ راج ڪندرا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. بي بي مشرا جو چوڻ آهي ته باليووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس بڪي سان نه رڳو رابطو ڪيو هو پر …

تفصيل »

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري.گرين شرٽس جي ٽاپ پوزيشن کي لهر نه لوڏو

Do not touch the top position of Icc T20 rainking

دبئي(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستاني پوزيشن لاڳيتو خطري کان ٻاهر آهي. ٽيم رينڪنگ ۾ پڻ پاڪستان جي ٽاپ پوزيشن في الحال کان ٻاهر آهي، گرين شرٽس جي ٻئي پوزيشن رکندڙ ڀارتي ٽيم تي 8 پوائنٽن جي برتري حاصل آهي، آسٽريليا ٽئين، انگلينڊ چوٿين، نيوزيلينڊ پنجين، ڏکڻ آفريڪا ڇهين …

تفصيل »