14 بدھ , نومبر 2018

اڄ جي اخبار

اسد عمراڻي قتل ڪيس ۾ اهلڪار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ ريلي، قمبر ۾ ڪارڪنن جي علامتي ڦاهيون کائي بک هڙتال

لاڙڪاڻو/قمبر(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي نادرن باءِ پاس وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل اسد الله عمراڻي جي خون سان انصاف لاءِ المرتضيٰ هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا  شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناح باغ چوڪ وٽ …

تفصيل »

ضمانت تي آزاد گهرڀاتين جي قاتلن ڳوٺ تي حملو ڪيو: ام رباب

حيدرآباد (رپورٽر) ميهڙ سانحي ۾ 3 مقتولن جي وارث نياڻي ام رباب چانڊيو چيو آهي ته سندس ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ۾ ملوث ڌريون کين وڌيڪ نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، سندس ڳوٺ تي حملو ڪري کيس جاني نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪري کين …

تفصيل »

وڳوڙن بابت وزيراعظم کي رپورٽ، وڌيڪ ڪارروائي کان منع، 12 ربيع الاول ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ ۾ تازو ٿيل مظاهرن دوران ڀڃ ڊاهه بابت شروعاتي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان کي چين جي دوري تان واپسي تي ملڪ ۾ تازو مسيحي عورت آسيه بي بي جي بريت خلاف ٿيل بابت شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي …

تفصيل »

ڏياري کي بدِي تي چڱائي جي فتح طور ملھايو ويندو آھي: بلاول

ڪراچي (پ ر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ھندو برادري کي ڏياري جون واڌايون ڏنيون آھن، ڏياري جي موقعي تيجاري ڪيل پنھنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين پاڪستان ۾ آباد سمورين غير مسلم برادرين کي خاطري ڪرائي تھ سندس پارٽي ملڪ جي باني …

تفصيل »

لاڙڪاڻي مان کنڀيلن جي قيد جا بند نه ٽٽا، پاڪ ڪتاب جو ورد، اختياريون تماشائي

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضى ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل غلام شبير ڪلهوڙو، پورهيت درزي محمد رفيق عمراڻي، 2 نوجوان عاقب چانڊيو ۽ آفتاب چانڊيو ڪيڏانهن ويا، نه عدالت ۾ نه پوليس وٽ پيش ڪيا ويا آهن، سندن گهرن ۾ ماتم متل ۽ گهر ڀاتي سندن جي آزاديءَ لاءِ پاڪ ڪتاب جو ورد …

تفصيل »

ٿر تي ڳالهائيندڙن کي ڪي پي ۾ٻارن جو فوتگيون ڇو نظر نٿيون اچن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٿر جي ڳالهھ ڪندڙن کي خيبرپختونخواھ ۾ ٻارن جون فوتگيون نه ڄاڻ ڇو نظر نٿيون اچن. خيبرپختونخواھه ۾ هلندڙ سال ڇهن مهينن جي عرصي جي دوران 3 هزار 9 سئو 79 معصوم …

تفصيل »

ڪراچي ۾حددخلين خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن، ريڙها ٻيهر اچي ويا

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جڏهن ته ان کان اڳ ختم ڪيل ريڙها ٻيهر اچي ويا، لنڊا جا ڪپڙا، چائنا جو اسڪريپ ۽ فروٽ کپائيندڙ افغاني پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، گذريل ڏينهن به ڪراچي جي صدر واري …

تفصيل »

ڀڄ ڊاهه ڪندڙ 1800 کان وڌيڪ گرفتار، وڳوڙين کي خلا ۾ موڪليو: فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اين آر او نه ٿو ڏئي سگهجي، ڪو اميد نه ڪري ته ڪيس روڪي ڇڏينداسين، يا پوئتي هٽي وينداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيوته  چين هميشه پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو …

تفصيل »

ملڪ ۾ شفاف احتساب جو نظام چاهيون ٿا، راهداري منصوبو ڪارائتو ثابت ٿيندو: عمران خان

شنگهائي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ -چين اقتصادي راهداري ( سي پيڪ ) منصوبو وچ اوڀر ۽ نار وارن ملڪن وچ ۾ رابطو وڌائڻ جو سبب بڻجندو. انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چين جي مهمان نوازي جي ٿورا مڃيندي چيو …

تفصيل »

وفاق سنڌ کي رقم ڏئي ڪو احسان ناهي ڪيو: مرتضيٰٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار مرتضٰي وهاب چيو آهي ته فواد چوڌري ريونيو جي باري ۾ ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي ان کي کپي ته انگ اکر جو علم سکڻ جي ڪوشس ڪري، صوبائي صلاحڪار وفاقي وزير اطلاعات جي پاران سنڌ کي 10 سال ۾ …

تفصيل »