21 اتوار , اکتوبر 2018

اڄ جي اخبار

لکي ۾ گدامن تي ڇاپا، ٽرڪن سان ڀريل بارداڻي جون ٻوريون هٿ، 2 ڄڻا گرفتار

لکي غلام شاھ( رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ جي مختيارڪار ناصر احمد عباسي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن جي شڪايت تي حد جي پوليس ساڻ ڪري چڪ شهر ۽ کاهي بس اسٽاپ تي ڪڻڪ جي مختلف گدامن تي ڇاپا هڻي سرڪاري بارداڻي سان  ڀريل 6 ٽرڪون ٻه ڊاٽسنون ۽ …

تفصيل »

بنا فرق سڀني جو احتساب ضروري آهي، فوج هر ڪوشش جي حمايت ڪندي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان جي يڪجهتي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي سڀني جو احتساب ضروري آهي. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب آرمي چيف ڪوهاٽ ۾ سگنل ريجمينٽ سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ميجر جنرل سهيل احمد زيدي …

تفصيل »

نابالغ سياستدان گند پيا ڪن، پير ڪڍڻ واري سياست ختم ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد/لنڊن (م ڊ) وزيراعظم وطن واپس پهچي ويو، سندس چوڻ آهي ته ڪجهه نابالغ سياستدان گند ڪري رهيا آهن. قوم ڌرڻو نه ٿي چاهي. وزيراعظم لنڊن مان علاج ڪرائي اسلام آباد پهتو  ته وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم ۽ اسحاق ڊار ۾ پاناما ليڪس …

تفصيل »

لوڊشيڊنگ، منشيات جي خاتمي، اقليتي ڏهاڙي تي موڪل ۽ حيدرآباد يونيورسٽي جا ٺهراءَ منظور

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ 4 پرائيويٽ ٺهراءَ يڪراءِ منظور ڪيا ويا. جن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي سنڌ ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ کان روڪيو وڃي. هولي، ڏياري ۽ ايسٽر تي مستقل طور  عام موڪلڻ جو اعلان ڪيو وڃي. سوپاري ۽ گٽڪي جي …

تفصيل »

ڪراچي ۾ 2 معصوم ڀينرون ۽ ڀاءُ گهٽا ڏئي قتل، رسن سان ٻڌل لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ٽن ٻارڙن کي بيدردي سان رسن سان ٻڌي گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، صوبائي گھرو وزير نوٽس وٺندي ايس ايس پي ويسٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. اورنگي ٽائون ۾ مومن آباد واري علائقي  ۾ جوابدارن پاران ٻن معصوم ڀينرن …

تفصيل »

مردان ۾ ايڪسائيز دفتر ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 12 ڄڻا مرڻينگ

مردان (آن لائن) مردان ۾ ايڪسائيز دفتر ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا. واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته دهشتگرد فائرنگ ڪندي  ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ داخل ٿيو جتي وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا. آپگهاتي ڌماڪي جي ويجهو عمارتن کي به نقصان پهتو، زخمين کي اسپتال منتقل …

تفصيل »

پاناما ليڪس ڇوٽو گينگ جي ياد ڏياري ڇڏي آهي: عوامي آواز ٽي وي

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ دل جا ماهر ڊاڪٽر موجود هجڻ باوجود وزيراعظم جو ٻاهران علاج ڪرائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، پاناما ليڪس ڇوٽو گينگ جي ياد ڏياري ڇڏي، سنڌ حڪومت جو جياپو نواز ليگ جي حڪومت سان مشروط آهي، جنهن ڪري پ پ نواز شريف جي حمايت ڪئي. سنڌ فلسطين …

تفصيل »

آرمي چيف جو بيان چتاءُ آهي، احتساب چاهيندڙن آمرن کي عدالت کان بچايو: تجزيا نگار

ڪراچي (م ڊ) سينيئر صحافين ۽ تجزئي نگارن چيو آهي ته آرمي چيف جو بيان وزيراعظم، تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي لاءِ وارننگ آهي. ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿي ته گهڻن سياستدانن جي سياست ئي ختم ٿي ويندي. ڊان نيوز سان ڳالهائيندي نالي  واري تجزئي نگار ۽ صحافي طلعت حسين چيو …

تفصيل »

پاناما ليڪس تي وزيراعظم کي وضاحت ڏيڻي پوندي، اسيمبليون ٽوڙڻ واري ڳالهه غلط آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي/جيڪب آباد (رپورٽر) وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 9 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو هئڻ باوجود آبادگارن جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي خريداري جو هدف 11 لک ٽن رکيو  ويو ۽ 50 رپيا في مڻ اگهه به وڌايو ويو، هڪ هفتي اندر سنڌ جي …

تفصيل »

ڪرپشن خلاف آرمي چيف سان گڏ آهيون، نواز حڪومت مشرف کان وڌيڪ ظالم آهي: عمران خان

پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي ڪرپشن خلاف بيان تي قوم ساڻس گڏ آهي. نواز شريف جي حڪومت ته مشرف جي آمريت کان وڌيڪ ظالم آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته  نواز شريف کي جمهوريت جي ڪا …

تفصيل »