22 پیر , اکتوبر 2018

اڄ جي اخبار

پ پ ۽ متحده گئس جا واڌو اگهه واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Kudhan: The protest against women's oppression

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گئس اگهن ۾ واڌ کي ظالماڻو عمل قرار ڏيندي اهڙو فيصلو فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه حڪومتي فيصلي تي پارليامينٽ ۾ احتجاج جو اشارو ڏيندي چيو ته سي اين جي اگهن ۾ واڌ سان …

تفصيل »

سيو دي چلڊرين سميت 18 اين جي اوز پاڪستان مخالف قرار، پابندي لاڳو

اسلام آباد ( بيورو) حڪومت 18 عالمي غير سرڪاري تنظيمن اين جي اوز کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گهرو وزارت 18 اين جي اوز کي 60 ڏينهن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته 72 انٽرنيشنل اين جي اوز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو …

تفصيل »

ڪاڇي واسي امدادي ڪڻڪ لاءِ رلي ويا، اَنُ گدامن ٻاهران وڪرو

ڊرگھه بالا (ن ع آ) ڪاڇي جا ڏڪار متاٽر خاندان امدادي ڪڻڪ لاءِ رلي ويا. ڪيترن مسڪين خاندانن کي ڪڻڪ نه ملي سگھي. مقامي  واپارين  گدامن اڳيان ديرا ڄمائي ورتا آهن، متاثر کان سستي اگهھ تي ڪڻڪ خريد ڪري رهيا. 50 ڪلو ڪڻڪ لاءِ مختلف يوسين ڊرگھه بالا، واھي پانڌي، ساوڙا. …

تفصيل »

”سنڌوءَ تي ڪو به ڊيم قبول ناهي“ مخلتف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي/ عمرڪوٽ/ خيرپور ناٿن شاهه (نمائندن وٽان) سنڌوءِ تي ڊيم اڏڻ، سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مختلف تنظيمن احتجاجي مظاهرا ڪيا، ڪراچي، عمرڪوٽ، ڌاٻيجي، خيرپور ناٿن شاهه، باڊهه، ڀنگو بهڻ، گمبٽ، جادو واهڻ، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن جسقم، ايس ٽي پي، جساف، عوامي تحريڪ، جيئي …

تفصيل »

فرزانه جمالي جي انصاف لاءِ ٻئي ڏينهن به بک هڙتال ، فريال ٽالپر ليڪچرار کي هٽائڻ تي راضي

نوابشاهه(رپورٽ: اڪرم چانڊيو) شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي جنسي هراسمينٽ خلاف ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال، جاري رکي پي ٽي آئي سنڌ جي صدر امير بخش ڀٽو پاران معاملو عمران خان ۽ گورنر آڏو رکڻ جي خاطري،  خبر موجب شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي وي …

تفصيل »

سنڌو تي ڊيمن ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف تاريخي ڌرڻو، حڪمران سنڌين جو وجود ختم ڪرڻ چاهين ٿا:رياض چانڊيو

Naseerabad: Punjab has addictive to the people of small provinces: Riaz Chandio

ڏهرڪي(رپورٽ: اعظم سهرياڻي+منصور پيرزادو) سنڌو تي ڊيمن ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ڏهرڪي ۾ جسم جي سڏ تي قوم پرست، سياسي سماجي ڪارڪنن جو چئن ڪلاڪن تائين ڌرڻو. 18 نومبر تي سڪرنڊ ۾ ڌرڻي جو اعلان، پيپلز پارٽي کي ڌارين کي نيڪالي نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ بلاول هائوس …

تفصيل »

صحافت جو استاد شيخ عزيز دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو

ڪراچي(رپورٽر ) سينيئر صحافي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق شيخ عزيز دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو، 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري، سينيئر صحافي کي اڄ ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته ڪالهه سينيئر صحافي شيخ عزيز پنهنجي گھر وارن …

تفصيل »

ميان صاحب ڀرسان 2 ڄڻا قتل، لاش جھنگ مان هٿ، پلاند ۾ مارڻ جا اطلاع

ميان صاحب (رپورٽ: رائو  محسن راجپوت)  ميان صاحب ويجھو گوليون لڳل ٻن نوجوانن جا لاش ھٿ،ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، وليس پھچي،  لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سلطان ڪوٽ اسپتال کڻائي وئي،تفصيل موجب  جھان واھ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ميردهه ۾  رات جو دير سان ٻن نوجوانن جا …

تفصيل »

ڀٽ شاهه جو سينيئر صحافي خورشيد ٻگهيو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ڀٽ شاهه (ن ع آ) ڀٽ شاهه جو سينيئر صحافي،  حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جو اڳواڻ ۽ شاهه لطيف پريس ڪلب جو صدر خورشيد احمد ٻگهيو اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو، صحافي کي رات دير سان دل جو دورو پيو، ڀٽ شاهه رورل هيلٿ سينٽر ۾ سهولتون …

تفصيل »

شهباز شريف ريمانڊ تي نيب حوالي، مخالف ڌر قومي اسيمبلي اجلاس سڏائي ورتو

لاهور(م ڊ) احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار اڳوڻي وڏي وزير، مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمد شهباز شريف کي 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. شهباز شريف کي 16 آڪٽوبر تي ٻيهر احتساب عدالت ۾ …

تفصيل »