18 اتوار , نومبر 2018

اڄ جي اخبار

ٿر دردن جو داستان بڻجي ويو، هڪ ئي ڏينهن ۾ 9 ٻار فوت

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) ٿر ۾ ڏڪار جو راڪاس وڌيڪ 9 ٻارن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن سان 4 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 19 ٿي ويو آهي، ٿر ۾ ڏڪار واريون حالتون برقرار هئڻ، خوراڪ ۽ پاڻي جي اڻهوند ۽ بيمارين وگهي ٻارن جي فوت …

تفصيل »

ڪي پي ۾30 بنا نالي اڪائونٽ، 10 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن جو انڪشاف

پشاور( ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي خيبرپختونخوا ۾ 30 بنا نالي اڪائونٽن جو پتو لڳائي ورتو. بنا نالي اڪائونٽن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي 30 بنا نالي اڪائونٽن جو پتو لڳائي ورتو آهي جن جي مني لانڊرنگ ۾ …

تفصيل »

پاڻي کوٽ سبب ڪڻڪ پيداوار  50 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جو امڪان، بصر ۽ ٽماٽو ٻاهر موڪليو وڃي: ايوان زراعت

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙي جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ وسيلي هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، سکر ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جي سخت کوٽ سبب …

تفصيل »

رتوڇاڻ کان بچڻ لاءِ خوشامد واري پاليسي ٺيڪ ناهي: شيرين مزاري

اسلام آباد ( م ڊ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته رتوڇاڻ کان بچڻ لاءِ رياست جي خوشامند واري پاليسي غير رياستي عناصرن لاءِ خطرناڪ پيغام آهي، ان سان جمهوري انداز ۾ پرامن احتجاج جي بنيادي نظريي کي نقصان پهچندو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ …

تفصيل »

پوليس گردي جي شڪار ڊاڪٽر ديپڪ کي انصاف نه مليو، ملير ۽ ٺل ۾ احتجاج

ملير(ڊ ر)  حيدرآباد پوليس پاران بيگناهه معذور بڻايل ديپڪ راج کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جسقم، سنڌي ادبي سنگت، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ايس يو پي ملير پاران ملير پريس ڪلب آڏو احتجاج، ديپڪ کي انصاف ڏيارڻ تائين اسان جي هلچل جاري رهندي. خبر موجب حيدرآباد پوليس هٿان 2015ع ۾ ڊاڪٽر …

تفصيل »

نيب جي ڪراچي ۾ ڪارروائي، اسٽيڊيم ويجهو قبضو ڪري ٺاهيل 15 لگزري بنگلا سيل

ڪراچي ( رپورٽر ) نيب جي ڪراچي ۾ نيشنل اسٽيڊيم ويجهو  ڪارروائي، 14 لگزري بنگلا سيل ڪيا ويا، سيل ڪيل بنگلا واٽر بورڊ جي زمين تي قبضا ڪري ٺاهيا ويا آهن، نيب ترجمان موجب نيب ٽيم نيشنل اسٽيڊيم ويجهو علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ديهه اوڪيواڙي ۾ سروي نمبر 303 تي ٺاهيل …

تفصيل »

پ پ اڳواڻ ۽ ليڪچرار آغا جاويد ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت

ڪراچي(رپورٽر) بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جو ليڪچرار آغا جاويد پٺاڻ ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ  موجب آغا جاويد پٺاڻ پنجاب چورنگي کان پنهنجي ڊفينس واري گهر وڃي رهيو هو ته گاڏي سان ٽڪر سبب فوت ٿي ويو. جنهن جو مڙهه اسپتال …

تفصيل »

” سنڌو تي ڊيم ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، نامنظور“ سکر ۾ عوامي تحريڪ جي بک هڙتال

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو)سنڌو تي ڊيمن جي تعمير ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري نامنظور، عوامي تحريڪ طرفان ٽين ڏينهن به سکر ۾ بک هڙتال جاري رهي، سوين مرد ۽ عورت ڪارڪنن شرڪت ڪئي، سنڌ سان ٻه اکيائي نامنظور جا نعرا گوجندا رهيا، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪالاباغ ڊيم …

تفصيل »

ڪئناڊا ۾ڏياري جو پروگرام، 2 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

ٽورنٽو (م ڊ ) ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾هندو برادري پاران ڏياري جو پروگرام ملهايو ويو، مذهبي تقريب ۾ڪئناڊا جي سنڌي خاندانن ڀرپور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سنڌي عورتن ڏيئا ٻاري سموري انسان ذات جي ڀلائي، عالمي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ دعا ڪئي، مذهبي رسمن کانپوءِ عورتن، ٻارن ۽ …

تفصيل »

ٽي ايل پي سان ٺاهه عارضي، خادم رضوي ۽ افضل قادري تي ڪيس، انتهاپسندي جو مستقل حل ڪڍڻو پوندو:وفاقي سرڪار

اسلام آباد / لاهور / ڪراچي (م ڊ) حڪومت احتجاج ختم ڪرڻ جي ٺاهه کي عارضي قرار ڏئي ڇڏيو، ڀڃ ڊاهه ۽ مارڪٽ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪندي 300 کان مٿي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، تفصيل  به طلب ڪيا ويا آهن.لاهور پوليس روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي …

تفصيل »