15 جمعرات , نومبر 2018

اڄ جي اخبار

سيڙپڪارن لاءِ خاص سهولتون پيدا ڪري رهيا آهيون: وڏو وزير

Will provide all record to JIT probing money-laundering case: CM Sindh

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ سيڙپڪارن لاءِ خاص سهولتون پيدا ڪري رهيا آهيون، اهڙو اظهار هن ڪالهه جرمن سفير مارٽن ڪوبلر سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو، ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. …

تفصيل »

سنڌ اطلاعات کاتي جي آفيس تي نيب ڇاپو، 18 سالن جو رڪارڊ هٿ

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ اطلاعات کاتي جي آفيس تي نيب جو ڇاپو، اهم رڪارڊ تحويل ۾ ورتو. ذريعن موجب سنڌ جي اطلاعات کاتي طرفان اربينرپين جي ڪرپش ۽ اشتهار اهڙين اخبارن کي جاري ڪرڻ جن جو ڪو وجود ئي ناهي. نيب جي ڇهه رڪني ٽيم اطلاعات کاتي جي آفيس …

تفصيل »

آرمي چيف 14 دهشتگردن جي موت ۽ 8 جي عمر قيد جي سزا ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Army Chief General Qamar Javed Bajwa meets British military and political leadership

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه دهشتگردي ۾ ملوث وڌيڪ 14 دهشتگردن جي موت جي سزا ۽ 8 دهشتگردن جي عمر قيد جي سزا جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. ڄاڻايل دهشتگردن جي ڪارروائين دوران 3 فوجي جوانن سوڌو 22 ڄڻا شهيد ۽ 23 …

تفصيل »

انساني حقن لاءِ جدوجهد تي عاصمه جهانگير لاءِ گڏيل قومن طرفان انعام جو اعلان

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ” هيومن رائٽس پرائز 2018ع“ جي لاءِ عاصمه جهانگير جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 73هين سيشن جي سربراهه ماريه فرنانڊا ”هيومن رائٽس پرائز 2018“ جي لاءِ پاڪستان …

تفصيل »

سامونڊي پٽي ۾ گندو تيل پکڙجڻ تي وڏي وزير جو نوٽيس، بائيڪو ڪمپني بند ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي سامونڊي پٽي ۾ پکڙيل تيل بابت جاچ شروع، صفائي جو ڪم شروع نه ٿيو، بائيڪو ڪمپني کي ڪم بند ڪرڻ جي هدايت،   وڏي وزير نوٽيس ورتو،  تفصيل موجب ڪراچي جي سامونڊي پٽي ۾ ڳوٺ مبارڪوليج وٽ سمنڊ ۾ پکڙيل ڪچي تيل سان بدبوءِ ڦهلجڻ سان گڏ …

تفصيل »

ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جون ڪارروايون، لنڊن ٽارگيٽ ڪلر سميت 14 گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروايون ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر سميت 14 جوابدارن کي گرفتارڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، ترجمان موجب حيدري جي علائقي …

تفصيل »

ڌاٻيجي کان ڪراچي تائين لوڪل ريل هلائڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته صدر عارف علوي 31 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ لوڪل ٽرين جو افتتاح ڪندو. پنهنجي هڪ وڊيو بيان۾ ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڪراچيءَ ۾ لوڪل ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪيو …

تفصيل »

ڀارتي فوج جي بربريت، وڌيڪ 2 ڪشميري شهيد

INDIAN FORCES FIRINGKASHMIR

سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، تازن واقعن دوران قابض فوج فائرنگ ۾ وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو . ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوج جي بربريت سبب گذريل ٻن ڏينهن دوارن 10 خالي هٿين ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو …

تفصيل »

چيف جسٽس اسٽيل مل ملازمن جي مسئلن جو نوٽيس ورتو، ڌريون طلب

Supreme Judicial Council is very active now, accountability process has started: Chief Justice

ملير (رپورٽ جميل چانڊيو) پاڪستان اسٽيل ملز جي بدحالي۔ ڪرپشن ۽ اسٽيل مل جي بندش خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪراچي رجسٽري  اڳيان اسٽيل ملز ملازمن ۽ سي بي اي انصاف ليبر يونين جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان وقت چيف جسٽس ثاقب نثار به پهتل هو، چيف جسٽس …

تفصيل »

نواز شريف سميت 50 اڳواڻ جيل ويندا: فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 50 کان وڌيڪ ليڊر جيل ويندا. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مخالف ڌر وٽ نه ڪا ليڊرشپ آهي ۽ نه وري ڪو نظريو آهي، مخالف رڳو پئسا بچائڻ لاءِ سياست ڪري رهيا …

تفصيل »