21 بدھ , نومبر 2018

اڄ جي اخبار

وزيراعظم ادارن کي اڳيان آڻي ڇڏيو، ڇهن مهينن بعد وڏو بحران ٿيندو: زرداري

اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته  وزيراعظم ادارن کي اڳيان آڻي ڇڏيو، ڇهن مهينن بعد وڏو بحران ٿيندو، جيڪڏهن مان فالودي واري، برفي واري ۽ رڪشي واري جي اڪائونٽ ۾ پئسا رکرايا آهن ته منهنجي مرضي، اڳ ۾ کين اهو ثابت ڪرڻو …

تفصيل »

آءِ جي اسلام آباد هٽائڻ جي درخواست رد، اڳوڻي آفيسر ٻيهر چارج سنڀالي ورتي

اسلام آباد(بيورو) خميس پهرين نومبر 2018ع: سپريم ڪورٽ نئين آءِ جي اسلام آباد جي مقرري بابت وفاقي حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ وفاقي حڪومت جي نئين آءِ جي اسلام آباد جي مقرري بابت …

تفصيل »

پاڪستان پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف اثرائتي قانونسازي ڪري: آمريڪا

Iran is changing the way, negotiations are ready: Trump

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي زور ڀريو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف بنا دير قانونسازي جو عمل مڪمل ڪيو وڃي. آمريڪا اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جماعت الدعويٰ ۽ فلاح انسانيت سميت ٻين تنظيمن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. آمريڪا …

تفصيل »

نبي پاڪ صه جي حرمت تي جان قربان، ڪنهن جي خلاف ڪيس نه ٿو ٺهي ته ڪيئن سزا ڏيون: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته آسيه بي بي جو فيصلو ڪندڙ جج ڪنهن کان گهٽ عاشق رسول نه آهن، ناموس رسول تي اسان شهيد ٿيڻ لاءِ تيار آهيون. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ وفاقي سرڪار جي نئين …

تفصيل »

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي رجسٽرار احتجاج بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

حيدرآباد (رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي (لمس) ڄامشورو ۾ 20 ڏينهن کان رجسٽرار ڊاڪٽر روشن ڀٽي خلاف استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي هلندڙ احتجاج ۽ 3 ڏينهن کان امتحانن جي بائيڪاٽ کان پوءِ رجسٽرار عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، نئين رجسٽرار جي مقرري تائين ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ دايو کي رجسٽرار جي عارضي …

تفصيل »

سنڌ ۾ ڪامورا بدلي، فضل الله پيچوهي کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، سليم رضا کيڙو اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مقرر

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار  انفارميشن، ۽ ليبر سميت مختلف کاتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا ڪامورا بدلي ڪري ڇڏيا، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل جي اضافي چارج رکندڙ انوائرمينٽ ۽ ڪلائيمٽ چينج جي سيڪريٽري سليم رضا کيڙو  کي بدلي ڪري سيڪريٽري آرڪائيو ۽ اطلاعات  مقرر …

تفصيل »

مٺي ۽ ڏيپلي ۾ بند پيل آر او پلانٽ هلائڻ ۽ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جو حڪم

مٺي/ڏيپلو/ميرپورخاص (نمائيندن وٽان) واٽر ڪميشن جو سربراھ جسٽس ريٽائرڊ امير مسلم ھاني 2 ڏينھن جي دوري تي اوچتو رات جو ٿر پهچي ويو آهي، ٿر ۾ بند پيل آر او پلانٽن کي فوري طور کولڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي ھدايتون ڏنيون، ان موقعي تي امير مسلم هاني آر او …

تفصيل »

ڪراچي پوليس مقابلو ڄاڻائي پيرسن قتل ڪري ڇڏيو

لياري (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي گارڊن واسي 60 سالن جي پيرسن محمد عبدالله کي نبي بخش ٿاڻي جي پوليس ڦورو ڄاڻائي مقابلو پيش ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي وارثن پاران اعليٰ اختيارين، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سائوٿ کان مطالبو ڪندي چيو …

تفصيل »

احتجاج ڪندڙن حدون اورانگهيون ته سرڪار جي حڪمن تي عمل ڪنداسين:ڊي جي رينجرز

ڪراچي (رپورٽر) ڊي جي سنڌ رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد چيو آهي ته مظاهرين حد پار ڪئي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي حڪمن تي عمل ڪنداسين . ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڊي جي رينجرز چيو ته سيپٽمبر 2013ع کان هينئر تائين ڪراچي دنيا جي ڇهين خطرناڪ شهر کان …

تفصيل »

لاڙڪاڻي مان کنڀيل پروفيسر ۽ پورهيت آزاد نه ٿيا، گهرن ۾ روڄ راڙو، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو ۽ نوجوان محمد رفيق عمراڻيءَ جو 50 ڏينهن گذرڻ باوجود ڏس پتو نه پئجي سگهيو، سندن گهرن ۾ ڪهرام متل، وارثن پريس ڪلب اڳيان ڪالهه به احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان سلسلي ۾ کنڀي گم ڪيل شيخ زيد …

تفصيل »