21 بدھ , نومبر 2018

اڄ جي اخبار

عوام تي حاڪميت نه پر خدمت لاءِ آيا آهيون: عمران اسماعيل

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته عوام جا حاڪم ٿي ڪري حڪومت ڪرڻ نه پر خدمت ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم صرف ۽ صرف عوام لاءِ آهي، ٿر ۾ پروٽوڪول نه ورتو جن ماڻهن کي وٺي ويو هيس، انهن کي اٺ گاڏي …

تفصيل »

نواز شريف جي پگهار وٺڻ جو سرٽيفڪيٽ حاصل نه ڪيو:واجد ضياءَ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران آڏي پڇا ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نواز شريف ڪمپني مان پگهار نه وٺڻ جو ڪو به سرٽيفڪيٽ حاصل نه ڪيو آهي.  احتساب عدالت اسلام آباد ۾ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي …

تفصيل »

فيصل واوڊا جو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي: جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي ته غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪاررواين ۾ سهڪار ڪيو وڃي. چيف جسٽس سان آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا ملاقات ڪئي، جيڪا ميان ثاقب نثار جي چيمبر ۾ ٿي. چيف جسٽس آبي ذخيرن جي …

تفصيل »

شهيد بينظير ميڊيڪل ڪاليج لياري پرنسپال لاءِ سوني جهرڪي، ڊاڪٽرن کان خانگي اسپتالن ۾ ڊيوٽي وٺڻ جو انڪشاف، انڪار ڪندڙ هراسان

  ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) ڪراچي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا سلطنت اندر سلطنت قائم ڪري ورتي، پرنسپال صحت کاتي جي ڪارروائي خلاف عدالت مان اسٽي (منع نامو )وٺڻ بعد عملي خلافڪارروائيون، ٿاڻي تي درخواستون، چوري جا الزام، هراسان ۽ ڌمڪيون ، ذاتي ميڊيڪل سينٽرن تي ڊاڪٽرن کان ڊيوٽيون …

تفصيل »

شريف ڪٽنب جي سزا معطلي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

Railway Case: Supreme Court issued notice to Chief Secretary and Attorney General of the Provincial Provincial Affairs

اسلام آباد(م ڊ) نيب نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطلي جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي محمد صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا …

تفصيل »

”سنڌو تي سمورا ڊيم نامنظور“ سنڌ عوامي پيادل مارچ جي حيدري ۾ شاندار آجيان، گلن جي ورکا

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌو نديءَ تي ڊيمن جي اڏاوت خلاف”سنڌ عوامي پيادل مارچ“ قافلو پنهنجي منزل ويجهو ابراهيم حيدري پهچي ويو، رات چشما ڳوٺ ۾ رهي اڳين منزل ڏانهن روانو ٿيل پيرين پنڌ قافلي جي شاندار آجيان. تفصيل موجب 10 آڪٽوبر کان سنڌو نديءَ تي ڊيمن جي اڏاوت خلاف کاروڇاڻ …

تفصيل »

سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن، ڊائريڪٽر فنانس، پي ڊي ۽ رجسٽرار اڄ اينٽي ڪرپشن وٽ طلب

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ يونيورسٽي ۾ ميگا ڪرپشن معاملي ۾ اهم اڳڀرائي جو امڪان، ڊائريڪٽر فنانس کان پوءِ رجسٽرار ۽ پراجيڪٽڊائريڪٽر کي به اڄ اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم طلب ڪري ورتو، سمورو رڪارڊ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڊائريڪٽر فنانس جو چوڻ آهي ته شارٽ …

تفصيل »

حيدرآباد ۾ هٿياربندن جو حملو، موري منگر واسي 2 ڄڻا قتل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڏينهن ڏٺي جو دهشتگردي جو واقعو، هٿياربند سڌيون گوليون هڻي ٻن ماڻهن کي مارڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا، ٻڌايو وڃي ٿو ته حيدرآباد جي فقير جي پڙ واري علائقي ۾ گرونگر چوڪ وٽان شيخ برادري جا ٻه ماڻهو 50 سالن جو علي احمد شيخ ۽ 25 …

تفصيل »

نواز شريف سان سرچاءَ جو اشارو، مخالف ڌر حڪومت خلاف گڏيل ٺهراءُ آڻي:آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي نااهلي مختصر وقت ۾ ئي سامهون اچي وئي، سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي حڪومت جي ناڪامي بابت قرارداد پيش ڪرڻ گهرجي، اسان کي اصولي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙي پاسي وڃي رهيا …

تفصيل »

ننڍي چونڊ، ڪراچي ۾ رانديگر ڪامياب، پشاور ۾ پي ٽي آءِ گورنر واري سيٽ هارائي ڇڏي

ڪراچي/پشاور (م ڊ) ملڪ اندر ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ ڪامياب ٿي وئي پر پشاور جي صوبائي سيٽ هارائي وئي. پشاور ۾ پي ڪي 71 تي ننڍي چونڊ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار صلاح الدين مهمند ڪامياب ٿي ويو. گورنر شاهه فرمان جو ڀاءُ ذوالفقار هارائي …

تفصيل »