18 اتوار , نومبر 2018

اڄ جي اخبار

نواز شريف 33 سال اڳ جي ڪيس ۾ عدالت طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪپتن ۾ اوقات کاتي جي زمين جي الاٽمنٽ جي معاملي تي نواز شريف کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. 1985ع ۾ وڏي وزير طور نواز شريف پاڪ پتن درٻار جي ڀرسان اوقاف کاتي جي زمين جي الاٽمينٽ جي لاءِ نوٽيفڪيشن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو …

تفصيل »

ڪينڊين پرڏيهي وزير جو شاهه محمود سان رابطو، آسيا بي بي معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سندس ڪينيڊين هم منصب ٽيليفون ڪيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستاني ۽ ڪينيڊين پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو گذريل ڏينهن ٿيو جنهن ۾ آسيا بي بي جي معاملي سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي کاتي جي …

تفصيل »

ملير ۾بحريا فائونڊيشن کي زمين الاٽمينٽ ڪيس، قائم علي شاهه جي گرفتاري کان اڳ ضمانت

Mehar: Honesty Jatoi got the lead in the election on Jatoi polling station

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست 10لک جي عيوض منظورڪندي ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت سيد قائم علي شاهه کي نيب سان سهڪار ڪرڻ …

تفصيل »

صحافي نصرالله چوڌري کي کنڀڻ خلاف احتجاج، سي پي اين اي وفد ڪئمپ تي پهتو

ڪراچي ( رپورٽ : حسن ناصر ) ڪراچي پريس ڪلب تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ڪاهه ۽ سينئر صحافي نصر الله خان کي گهران کنڀڻ خلاف صحافين پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ جاري، گذريل ڏينهن احتجاجي ڪئمپ تي سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل …

تفصيل »

ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ، رياستي ادارن جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ رياست جي رٽ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن رياستي ادارن جي حمايت جاري رکڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر ) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه …

تفصيل »

متحده جي وفاقي وزيرن فروغ نسيم ۽ خالد مقبول صديقي کان ايف آءِ اي جو مني لانڊرنگ بابت پڇاڻو

Farooq Sattar graduates, Khalid maqbool declared mqm pakistans convenier

اسلام آباد ( بيورو ) متحده قومي موومينٽ خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ خالد مقبول صديقي ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿيا. ذريعن موجب قانون وارو وفاقي وزير بيئرسٽر فروغ نسيم ۽ انفارميشن ۽ ٽيڪنالوجي وارو وزير خالد مقبول صديقي تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين ايف …

تفصيل »

والد جي زندگي عدالتن ۾ گذري، اڳوڻو آمر ڪٿي آهي: بختاور

ڪراچي( رپورٽر ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڇو اڃا تائين اڳوڻو آمر گولف ڪورس ۾ ملندو آهي، سوال اهو آهي ته اڳوڻو آمر ڪٿي آهي، ڇا رڳو احتساب چونڊيل نمائندن جو ٿيڻو آهي.  ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ آصف زرداري جي پيشيءَ …

تفصيل »

لاڙڪاڻي جا کنڀيل قيد مان نه ڇٽا، گهرن ۾ ڪهرام، وارث سراپا احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل اڃان تائين غائب، کين آسمان ڳهي ويو يا زمين، سندن جي ڪٿي به وارثن کي خبر پئجي نه سگهي، وارث مسلسل سندن آزاديءَ لاءِ سراپا احتجاج بڻي. ان سلسلي ۾ ڪالهه شيخ زيد ڪالونيءَ مان کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو ۽ نظر محلي مان کنڀي گم …

تفصيل »

شاهدن اسد عمراڻي کي پوليس هٿان قتل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ اسد عمر اڻي قتل ڪيس جي شاهدن جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. عدالت ۾ شاهدن جو چوڻ آهي ته اسان جو اسد عمراڻي مائٽ نه آهي، پر اسان واقعي جي وقت موجود هئاسين. هڪ شاهد جو چوڻ آهي ته نماز پڙهي اچي رهيو هو ته هڪ ماڻهو …

تفصيل »

سي پي اين اي ۽ ڊي ڊبليو پاران ميڊيا اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽ ) ڪوئنسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز ۽ جرمن اداري ڊي ڊبليو پاران ميڊيا اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،اڪيڊمي بابت تعارفي تقريب سي پي اين اي سيڪريٽريٽ ۾ٿي جنهن ۾مختلف اخبارن جي ايڊيٽرز، صحافين توڙي ميڊيا سان سلهاڙيل ماڻهن شرڪت ڪئي، تعارفي تقريب کي …

تفصيل »