24 بدھ , اکتوبر 2018

اڄ جي اخبار

بلوچستان ۾ برسات سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت، سنڌ ۾ به وسڪارو جاري

ڪراچي/ڪوئيٽا/اسلام آباد (نمائندا+م ڊ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. بلوچستان ۾ برسات دوران مختلفحادثن ۾ وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، سنڌ ۾ اڄ به برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ …

تفصيل »

آدم شماري بابت سنڌ جي گهڻن ماڻهن ۾ ڄاڻ ناهي: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ جي گھڻ گھُرن چيو آهي ته سنڌ سدائين تڪليفن ۾ رهي آهي، جي ايم سيد سنڌ جي عشق ۾ جهڙي ريت ڳنڍي ويو آهي اهو ڳانڍاپو سدائين قائم رهندو. سانا پرڏيھه ۾ سنڌ جو مضبوط ڪيس رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هِنن ڪراچي جي …

تفصيل »

ٻارن جي حفاظت لاءِ قانون نه هئڻ افسوس جوڳو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ملازم ٻارڙي تي تشدد واري ڪيس ۾ ٽه رڪني بئنچ جي ٻڌڻي ۾ ڊي آءِ جي اسلام آباد پاران چالان پيش ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته اسان ان ڪيس کي گهرائي سان …

تفصيل »

ميرپورخاص لڳ مختلف حادثن ۾ ٻن عورتن سميت 4 فوت، 6 ڄڻا زخمي

ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ ) ميرپورخاص ميرواھ گورچاڻي باءِ پاس روڊ تي ايم پي اي جي ويجھي مائٽ جي تيز رفتار  پراڊو گاڏي چنگچي رڪشا کي زوردار ٽڪر ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ علي محمد رند جا رهواسي شريمتي پارو ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏھن ته ويم لاءِ ڳوٺان …

تفصيل »

راحيل شريف کي الاٽ ڪيل 90 ايڪڙ زمين تي بحث، انوکي ڳالهه ناهي: سيڪيورٽي عملدار

لاهور (م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف کي 90 ايڪڙ ايراضي جي الاٽمينٽ جي حوالي سان سيڪيورٽي انٽيليجنس جي وضاحت باوجود نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. لاهور جي بيديان روڊ جي ايراضي ان وقت کان افواهن جو حصو آهي. جڏهن کان اها خبر سامهون آئي آهي …

تفصيل »

الطاف خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ختم ٿيڻ تي ڳڻتي، برطانيا ثبوت اسان کي ڏئي: پاڪستان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين خلاف لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ختم ٿيڻ تي خط ذريعي برطانوي سرڪار سان سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان مني لانڊرنگ ڪيس ختم ٿيڻ تي برطانويحڪومت کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ مني …

تفصيل »

ميان شريف جي ملڪيت جي ورهاست جا تفصيل طلب،مريم جو انٽرويو اهم آهي، فراهم ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ/آن لائن) سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي وڪيل ميان شريف جي وفات کانپوءِ جائيداد جي ورڇ جا تفصيل ۽ مريم نواز جي وڪيل کان نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسي ريمارڪس ۾ چيوته ڪاروباري …

تفصيل »

پوليس ساحل کي آزاد ڪرائڻ بدران مهلت جي عادي، توهان کي پنهنجا ٻچا نه آهن جو احساس ٿئي:سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو(اي پي پي+ ڊ ر) نئون ديرو شهر جي شاهنواز ڪالونيءَ مان 16 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل معصوم نينگر ساحل ڪوريجو عدالت پاران ڏنل پوليس کي آخري مهلت بعد به اڃان تائين بازياب نه ٿي سگهيو. اربع ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي پوليس کي ساحل جي بازيابيءَ لاءِ …

تفصيل »

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن حاضري تي ويندڙ ٻن سئوٽن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي نيو بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ هٿياربندن حاضري لاءِ ويندڙ ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي ڄڻا سڳا سئوٽ ٻڌايا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي فتح پور ڳوٺ جا رهواسي 33 ورهين جو الطاف ميراڻي ۽ 23 ورهين جو نوجوان …

تفصيل »

ٽرمپ 6 مسلمان ملڪن جي رهواسين جي داخلا تي بندش هڻڻ وارو

واشنگٽن (م ڊ) نئون اميريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ هڪ خاص صدارتي حڪم نامي تي صحيح ڪرڻ وارو آهي، جنهن تحت شامي پناهگيرن ۽ ٻين مسلمان ملڪن کان ايندڙ شهرين جي اميريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ويندي. جڏهن ته اميريڪا سان ميڪسيڪو جي سرحد تي ڀت جي تعمير به …

تفصيل »