19 جمعہ , اکتوبر 2018

اڄ جي اخبار

پني عاقل لڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ٻه عورتون ڳجهه ڳوهه ۾ دفن ، ڪيس داخل نه ٿيو

پنو عاقل (نور محمد سومري وٽان) پنوعاقل جي ڪچي سنڌو درياھه جي ڪپر تي قائم ڳوٺ پراڻو ٻنڊو ۾ لعل محمد جتوئي،پنھنجي گھرواري مائي راضل کي اتان جي رھواسي علي بخش سان ڪارنھن جو الزام ھڻي گولين جو بک بڻايو ته ھڪ ٻي عورت حنيفا کيس کي بچائڻ جي ڪوشش …

تفصيل »

استاد راهمون کي ظاهر ڪيو وڃي، ڳجهن ادارن جو اهو ڪم ناهي ته پنهنجن ماڻهن کي کنڀي گم ڪن: اڳواڻ

ڪڙيو گهنور (ن ع آ) قومپرست اڳواڻ استاد محمد راهمون کي کنڀجندي 47 راتيون ۽ ڏينهن گذري چڪا آهن. پر هن کي کنڀجڻ بعد اڃان تائين ڪٿي به ظاهر ناهي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ استاد محمد راهمون جي نياڻي سنڌو راهمون، آزادي، گهر واري حڪيمان ۽ ٻين وارثن طرفان …

تفصيل »

والدين نياڻين ۽ پٽن کي هڪ اک سان ڏسڻ شروع ڪن ته وڏا عذاب لهي ويندا: ساڃاهه وند

 ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي چونڊ ساڃهه وندن چيو آهي ته والدين کي پنهنجي گهرن ۾ نياڻين کي به پٽن جهڙي اوليت ۽ تربيت ڏئي انهن کي هڪجهڙو مرتبو ڏيڻ جي شروعات ڪرڻ سان سماج هڪ وک اڳتي وڌي سگهندو. تعليمي ادارن ۾ انتظاميا کي غلط عملن، عورتن کي هيسائڻ خلاف …

تفصيل »

شريف خاندان ثبوت فراهم ڪري، رڪارڊ گهرائي سگهون ٿا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو+آن لائن+م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسي رمارڪس ڏنا آهن ته سچ تائين پهچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، عدالت کي بي اختيار نه سمجهيو وڃي. عدالت وٽ اختيار آهي ته رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري، جيڪڏهن نواز …

تفصيل »

جنرل (ر) راحيل شريف اسلامي فوجي اتحاد جو سربراهه مقرر

اسلام آباد (م ڊ)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سعودي عرب ۾ جنرل راحيل شريف جي مقرري ڪالهه ٽئين ڏهاڙي ٿي. سندس مقرري ۾ حڪومتي رضا شامل هوندي. جيو ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مقرري لاءِ باقاعده ڪليئرنس ڏني ويندي آهي، جنرل راحيل شريف کي …

تفصيل »

مهان اداڪار اوم پوري وڇڙي ويو

  ممبئي (م ڊ) ڀارت جو نالي وارو اداڪار اوم پوري 66 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ويجهي دوست سوشل ميڊيا تي بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪار جي موت جي خبر ڏيندي چيو ته اوم پوري کي دل جي دوري سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن …

تفصيل »

ملڪ کي 70 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ کي ملندڙ 15 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس مان به 15 سيڪڙو ڪٽوتي

 ڪراچي(رپورٽ: علي نقرچ) سنڌ ۽ بلوچستان کي گئس ڏيندڙ سئي سدرن گئس ڪمپني کي گئس چوري، ليڪيج ۽ لائن لاسز جي مد ۾ ساليانو  40 ارب رپين جو نقصان ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سوئي سدرن گئس ڪمپني کي انتظامي نااهلي ۽ بي ضابطگين سبب …

تفصيل »

رائو انوار نيٺ ايس ايس پي ملير ٿي ويو

ڪراچي ( رپورٽر) تڪراري ايس ايس پي رائو انوار هڪ ڀيرو ٻيهر ايس ايس پي ملير مقرر ٿي ويو، نوٽيفڪيشن جاري، رائو انوار کي 4 مهينا معطل رهڻ بعد ايس ايس پي ملير مقرر ڪيو ويو، ايس  ايس پي ملير جاويد اڪبر رياض کي بدلي ڪري ايڊشنل آءِ جي فنانس …

تفصيل »

ڪراچي ۾ ٿاڻي تي ڪريڪر حملو، فائرنگ، اهلڪار سميت 4 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ تيموريا ٿاڻي تي ڪريڪر حملو، اي ايس آءِ زخمي، حملو ڪندڙ هٿياربندن فائيواسٽارچورنگي وٽ ڊيوٽي تي موجود ٽريفڪ پوليس اهلڪار ۽ واٽهڙو کي به فائرنگ ڪريزخمي ڪري ڇڏيو. ڪالهه صبح ڪراچي جي تيموريا واري علائقي ۾ تيموريا ٿاڻي تي نامعلوم موٽرسائيڪل جوابدارن ڪريڪر حملو ڪيو، …

تفصيل »

اسلام آباد پوليس تشدد جو شڪار ملازمه نينگري کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام

 اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد ۾ ننڍي ڄمار واري گهريلو ملازمه ٻارڙي کي تشدد واقعي جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن والدين پنهنجي ٻارن کي تحفظ نٿا ڏئي سگهن ته عدالت سندن محافظ بڻجندي. سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني …

تفصيل »