13 منگل , نومبر 2018

خاص خبر

نئين پاڪستان جو حشر ڏسڻو آهي ته پشاور جا ڀڳل ٽٽل رستا وڃي ڏسو: نواز شريف

چيچا وطني (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جنهن چيچا وطني جو نالو ناهي ٻڌو اهو به اڄ چيچا وطني، چيچا وطني ڪري رهيو آهي، چيچا وطني سان منهنجو پيار تمام پرڻو آهي، مون کي اوهان سان محبت آهي، اڄ مان محبت جو رشتو وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آيو …

تفصيل »

وڏي وزير جي صدارت هيٺ بند اسڪول کولڻ بابت اجلاس: 2 هزار اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حوالي ڪري خانگي سيڪٽر سان گڏجي هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير جي صدارت ۾ بند پيل اسڪول کولڻ لاءِ اجلاس، بند پيل 2 هزار اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حوالي ڪري خانگي سيڪٽر سان گڏجي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزير اعلي2 هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ تعليم وارو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان …

تفصيل »

پريس رليز کان پوءِ جيڪو ٿيو ڏکوئيندڙ هئو، ڊان ليڪس بابت حڪومتي ڪوشش کي ساراهيون ٿا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته اسان جي پريس رليز کي بنياد بڻائي فوج ۽ حڪومت کي آمهون سامهون بيهاريو ويو، پريس رليز کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو ڏکوئيندڙ هو تنهن هوندي پاڪ فوج جمهوريت جي ايتري ئي تائيد ڪندي آهي …

تفصيل »

پاڪستان ڪجهه سالن ۾ خطي جي مضبوط معيشت بڻجي اڀرندو، ڌرڻا ڇو پيا هنيا وڃن؟ نواز شريف

ننڪانه صاحب(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪجهه سالن ۾ خطي جي مضبوط معيشت بڻجي اڀرندو، پاڪستان جلد ايشين ٽائيگر بڻجي ويندو. ترقياتي منصوبن تي  ڪم جي رفتار ۽ معيار جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي آيو آهيان. ننڪانه صاحب ۾ ترقياتي منصوبن جي جائزي کان پوءِ …

تفصيل »

ڊان ليڪس رپورٽ جون سفارشون في الحال جاري نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ ڊان ليڪس انڪوائري رپورٽ جون سفارشون في الحال جاري نه ڪرڻ ۽ رپورٽ به في الحال منظر عام تي نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، شرڪت ڪندڙن موجب …

تفصيل »

نيپرا ايڪٽ ۾ صوبن کي اختيار ڏنو وڃي ته اهي پنهنجي بجلي پيدا ڪن: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيپرا ايڪٽ ۾ صوبن کي اختيار ڏنو وڃي ته اهي پنهنجي بجلي پيدا ڪن، هن چيو ته صوبا پنهنجا پاور پلانٽس ۽ ترسيلي نظام بڻائي ٽيرف طئي به ڪري سگهن، وڏي وزير چيو ته خواجا آصف جو شڪر …

تفصيل »

سپريم ڪورٽ طرفان عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن ۽ اثاثن جا تفصيل طلب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي نااهل ڪرڻ بابت متفرق درخواستن تي جمعي تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي 2012  جي نامزدگي ڪاغذن سميت اثاثن جا تفصيل به طلب ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 …

تفصيل »

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس، ڊان ليڪس واري معاملي تي صلاح مشورو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ اجلاس ۾ ڊان ليڪس بابت نئين نوٽيفڪيشن تي غور ويچار ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ واري وزير خواجه آصف ۽ ٻين …

تفصيل »

پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي طرفان ايف آءِ اي ۽ خانگي شعبي جي ماهرن کان مدد وٺڻ جو فيصلو  

سلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي طرفان ايف آءِ اي ۽ خانگي شعبي جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياءَ اجلاس جي صدارت هيٺ ٿيو. جي آءِ ٽي جي اجلاس ۾ …

تفصيل »

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مرا د علي شاهه چيو آهي ته پرچا آئوٽ ڪرائڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي شهر جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير عائشا باواني ۽ ٻين  امتحاني …

تفصيل »