16 جمعہ , نومبر 2018

خاص خبر

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ساٿي غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري بلوچستان مان بازياب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ساٿي غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري کي بلوچستان مان بازياب ڪرايو ويو آهي. ايس ايس پي طارق ڌاريجو پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري کي ڳجهن ادارن بلوچستان ۾ ڪارروائي ڪري بازياب ڪرايو آهي.

تفصيل »

ڊان ليڪس بابت نوٽيفڪيشن هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندو، سڀ واضح ٿي ويندو: مريم اورنگزيب

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته  ڊان ليڪس بابت گهرو وزارت جو  تفصيلي نوٽيفڪيشن هڪ ٻن ڏينهن اندر اچي ويندو. ڪراچيءَ ۾ سي پي اين اي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ڊان ليڪس جي خبر واري معاملي تي …

تفصيل »

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مڪمل امن قائم ٿيڻ تائين ڪوششون جاري رکنداسين: آرمي چيف

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن پاڪستان جي استحڪام لاءِ ضروري آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان ڪور هيڊ ڪوارٽر ڪراچيءَ جو دورو ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز آرمي …

تفصيل »

پاڪ افغان سرحد ٽئين ڏينهن به بند، سڪيورٽي هاءِ الرٽ، متاثرن لاءِ خيما بستي قائم

چمن ( ويب ڊيسڪ ) افغان فورسز جي گولاباري جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ سبب پاڪ افغان چمن سرحد ٽين ڏينهن به بند آهي. 2 ڏينهن اڳ چمن سرحد تي افغان فورسز جي اڳرائيءِ کانپوءِ سرحد تي ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار آهي جنهن سبب سرحدي علائقي ۾ وڏا وڏا واپاري …

تفصيل »

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪوسٽر تي فائرنگ جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب   

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه حسن اسڪوائر ويجهو ڪوسٽر تي حملي جو نوٽيس ورتو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه حسن اسڪوائر ويجهو ڪوسٽر تي هٿياربندن جي حملي جو سخت نوٽيس وٺندي اي ڊي خواجه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير …

تفصيل »

پاناما فيصلي ۾ ٻن ججن ڪوڙو ۽ 3 ججن قطري خط کي رد ڪيو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان جو ڪم رڳو ووٽ وٺڻ ناهي، واعدا پورا ڪرڻ به اسان جو ڪم آهي، سياستدانن جو ڪم ماڻهن کي بهترين سهولتون ڏيڻ آهي، هن چيو ته روهڙي ۾ گرلز ڊگري ڪاليج بڻائينداسين، سکر ۾ …

تفصيل »

بلوچستان ۾ ترقياتي ڪوششن ۾ سهڪار ڪندا رهنداسين: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آواران بلوچستان جو دورو ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف کي ڏکڻ بلوچستان ۾ فوج ۽ ايف سي جي ڪميونٽي …

تفصيل »

ڪيتريون ئي گهوٻيون آهن، گهڻن معاملن جي جاچ ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم نواز شريف

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم نواز شريف نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميٽرو بس لنڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته رٿا جي معيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميٽرو بس رٿا جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو …

تفصيل »

حڪمرانن جا واعدا ۽ دعوائون سڀ ڪوڙيون نڪتيون: آصف علي زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪمرانن جا واعدا ۽ دعوائون سڀ ڪوڙيون نڪتيون، واعدا ياد ڪرائڻ تي حڪمرانن جو مڇرجڻ حيرت جي ڳالهه آهي. آصف علي زرداري لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ۽ سياسي صورتحال بابت پارٽي جي سينيئر اڳواڻن …

تفصيل »

آرمي چيف جو حيدرآباد گريزن جو دورو، ٿر ۾ آپريشنل ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف چيو آهي ته پاڪ فوج کي قومي تعمير جا منصوبا شروع ڪرڻ تي فخر آهي، منصوبا عوام لاءِ خدمت جو حصو آهن. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته آرمي چيف ميجر جنرل قمر جاويد باجوا حيدر آباد گريزن جو …

تفصيل »