18 منگل , دسمبر 2018

Tag Archives: Ahsan Iqbal

حڪومت هزار ڏينهن گذاري ته به پوئتي ئي ويندي: احسن اقبال

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت وٽ ڪو روڊ ميپ آهي نه ڪا صلاحيت، رپئي جي ڊي ويلويشن جيڪا هنن سئو ڏينهن ۾ ٿي ان جو مثال نٿو ملي، سئو ڏينهن ڇا هيءَ حڪومت هزار ڏينهن گذاري ته به پوئتي ئي ويندي. صحافين سان …

تفصيل »

عمران خان کي اڄ تائين يقين ناهي آيو ته هو وزير اعظم بڻجي چڪو آهي: مسلم ليگ ن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته  عمران خان کي اڄ تائين يقين ناهي آيو ته هو وزير اعظم بڻجي چڪو آهي. اسلام آباد مسلم ليگ ن جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت …

تفصيل »

نواز شريف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڪو به يوٽرن نه هوندو: احسن اقبال

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف ڪو معمولي ڪارڪن ناهي،  جڏهن هو ڳالهائيندو ته يوٽرن نه هوندو. ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته 2013ع ۾ دنيا  پاڪستان کي خطرناڪ ملڪ قرار ڏيندي هئي  پر اسان …

تفصيل »

حڪمرانن جي نااهلي جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي: احسن اقبال

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت خلاف ڪنهن تحريڪ هلائڻ جي موڊ ۾ نه آهيون، چاهيون ٿا ته حڪومت پنهنجي غلطين ۽ ناڪامين جي بار هيٺان اچي انجام تي پهچي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اسان جو سڀ …

تفصيل »

بئنڪ ڊيٽا هيڪ ٿيڻ بابت ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي: احسن اقبال

Extremism is going on in the country: Ahsan Iqbal

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي سمورين بئنڪن جي ڊيٽا هيڪ ڪئي وئي آهي، منهنجي درخواست آهي ته ناڻي وارو وزير اڻ حوالي سان ايوان کي اعتماد ۾ وٺي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته …

تفصيل »

احسن اقبال تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ مک جوابدار کي 27 سال قيد جي سزا

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث مک جوابدار کي 27 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ گرفتار چئن سهولتڪارن کي آزاد ڪيو ويو آهي. گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ احسن اقبال تي قاتلاڻي حملي واري …

تفصيل »

رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙن عوام تي مهانگائي جو جبل ڪيري ڇڏيو: احسن اقبال

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت جي اقتصادي پاليسين عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن،  100 ڏينهن ۾ رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙن عوام تي مهانگائي جو جبل ڪيري ڇڏيو. صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته گئس ۽ …

تفصيل »

اپوزيشن پارٽين ۾ گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ تي اتفاق

مري (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين جي اتحاد ”پاڪستان الائنس“ طرفان صدارتي چونڊ لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي نالي جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي رهائش گاهه تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ اپوزيشن پارٽين طرفان صدارتي چونڊ …

تفصيل »

تحريڪ انصاف سان مقابلو ڪري سگهون ٿا پر ٻين قوتن سان نه: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اسان جو مقابلو تحريڪ انصاف سان نه پر ٻئي ڪنهن سان آئي ۽ انهن قوتن جو مقابلو نٿا ڪري سگهون. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ن ليگ هڪ ذميوار پارٽي آهي، …

تفصيل »

ڪرپشن الزام، احسن اقبال جو ابرارالحق کي ليگل نوٽيس

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال ڪرپشن الزامن تي پي ٽي آءِ اميدوار ابرار الحق کي هڪ ارب رپين جو ساک کي نقصان پهچائڻ جو نوٽيس موڪليو آهي. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال بئريسٽر مجتبيٰ جمال ذريعي اين اي 78 ۾ پنهنجي مخالف پي ٽي آءِ اميدوار …

تفصيل »